Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 51:46 - Sindhi Bible

46 ۽ پنهنجي دل نہ هاريو، نڪي جيڪا افواہ انهيءَ زمين ۾ ٻڌجي، تنهن کان ڊڄو؛ ڇالاءِ جو هڪڙي سال ۾ افواہ ايندي، ۽ انهي کان پوءِ ٻئي سال ۾ ٻي افواہ ايندي، ۽ ملڪ ۾ ظلم زبردستي ۽ حاڪم تي حاڪم ايندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

46 هر سال مختلف افواهہ پيا هلندا آهن تہ ملڪ ۾ ظلم هلندو رهي ٿو، يا هڪڙو حاڪم ٻئي سان مقابلو ڪري ٿو. پر اوهين همت نہ هاريو، نہ وري ملڪ ۾ هليل انهن افواهن جي ڪري ڪو ڊپ ڪريو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 51:46
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڏس، آءٌ هن ۾ هڪڙو روح وجهندس، ۽ هو هڪڙو افواهہ ٻڌندو ۽ موٽي پنهنجي ملڪ ڏانهن ويندو؛ ۽ آءٌ هن کي خود سندس ملڪ ۾ ترار سان ڪيرائيندس.


ڇالاءِ جو هو بني عمون، ۽ موآب، ۽ شعير جبل جي رهاڪن جي سامهون ٿي بيٺا، ۽ انهن کي ڪُهي چٽ ڪري ڇڏيائون: ۽ جڏهن شعير جي رهاڪن کي کپائي بس ڪيائون، تڏهن هو وري هڪ ٻئي کي ناس ڪرڻ ۾ مدد ڪرڻ لڳا.


ڇالاءِ جو خدا منهنجي دل کي سست ڪري ڇڏيو آهي، ۽ قادر مطلق مون کي بي آرام ڪيو آهي:


جيڪڏهن تون مصيبت جي ڏينهن بي حواس ٿي ويندين، تہ تنهنجو زور ٿورو آهي.


۽ آءٌ مصرين کي هڪ ٻئي جي برخلاف اُٿاريندس: ۽ انهن مان هرڪو پنهنجي ڀاءُ، ۽ هرڪو پنهنجي پاڙيسريءَ سان وڙهندو؛ شهر شهر سان ۽ بادشاهت بادشاهت سان:


ڊڄ نہ؛ ڇالاءِ جو آءٌ تو سان آهيان: آءٌ تنهنجو نسل اُڀرندي کان آڻيندس، ۽ اُلهندي کان توکي گڏ ڪندس؛


پر اي منهنجا ٻانها يعقوب، تون ڊڄ نہ، اي اسرائيل، خوف نہ ڪر: ڇالاءِ جو ڏس، آءٌ توکي ڏورانهين ملڪ کان بچائيندس ۽ تنهنجي نسل کي سندن قيد جي ملڪ کان: ۽ يعقوب موٽي ايندو ۽ ماٺ ۽ آرام ۾ رهندو، ۽ ڪوبہ نہ ڊيڄاريندس.


خداوند ٿو فرمائي تہ اي منهنجا ٻانها يعقوب، تون نہ ڊڄ؛ ڇالاءِ جو آءٌ تو سان آهيان: ڇالاءِ جو جن قومن ڏي مون توکي هڪالي ڪڍيو آهي تن سڀني جي آءٌ اصل پڄاڻي ڪندس؛ پر آءٌ تنهنجي پڄاڻي نہ ڪندس؛ مگر آءٌ توکي عدالت سان سيکت ڏيندس، ۽ ڪنهن بہ طرح توکي بي سزا ڇڏي نہ ڏيندس.


پر جڏهن اُهي ڳالهيون ٿيڻ لڳن، تڏهن سنوان ٿي ڪنڌ مٿي ڪجو، ڇالاءِ جو اوهان جو ڇوٽڪارو ويجهو آيو آهي.


۽ هنن ٽي سؤ قرنائون وڄايون، ۽ خداوند هرهڪ ماڻهوءَ جي ترار سندس سنگتيءَ تي، ۽ سڄي لشڪر تي وهارائي: ۽ لشڪر ڀڄي صريرات جي پاسي بيت سط تائين، ۽ ابيل محولہ جي سرحد تي طبات تائين ڀڳو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ