Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 51:44 - Sindhi Bible

44 ۽ آءٌ بابل ۾ بيل تي فتويٰ جاري ڪندس، ۽ هن جي وات مان جيڪي ڳٿو اٿس سو ڪڍي وٺندس، ۽ قومون وري اڳتي هن ڏي گڏجي ڊوڙنديون نہ وينديون: هائو، بابل جي ڀت ڪري پوندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

44 آءٌ بابل وارن جي مردوڪ ديوتا کي سزا ڏيندس، ۽ جيڪو بہ مال پنهنجي پوڄارين جي وسيلي لٽي ڦري هو ڳهي ويو هو، سو آءٌ کانئس اوڳاڇرائيندس. اڳتي قومون هن جي پوڄا ڪرڻ ڇڏي ڏينديون. بابل جا ڪوٽ ڪرڻ وارا آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 51:44
24 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

نبوڪدنضر خداوند سندس خدا جي گهر جا باسڻ بہ بابل ڏي کڻي ويو، ۽ هن اُهي بابل ۾ پنهنجي مندر ۾ وڃي رکيا.


هو دولت ڳهي ويو آهي ۽ اها هو وري اُلٽي ڪري ڪڍندو: اها خدا هن جي پيٽ مان ڪڍي ڇڏيندو.


۽ پوين ڏينهن ۾ هيئن ٿيندو تہ خداوند جي گهر وارو جبل، جبلن جي چوٽيءَ تي قائم ٿيندو، ۽ ٽڪرين کان مٿي ڪيو ويندو، ۽ سڀ قومون ڏانهس ڊوڙنديون.


۽ ڏس، اِجهو ماڻهن جو لشڪر، ۽ گهوڙي سوار جوڙو جوڙو ٿي اچن ٿا. ۽ هن ورندي ڏئي چيو تہ بابل ڪريو آهي، ڪريو آهي؛ ۽ ان جي معبودن جون سڀ اُڪريل مورتون ڀڄي زمين تي اچي پيون آهن.


تڏهن تون ڏسندينءَ ۽ روشن ٿيندينءَ، ۽ تنهنجي دل ٽپندي ۽ شاد ٿيندي؛ ڇالاءِ جو سمنڊ جي دولت تو ڏانهن موٽائي ويندي، ۽ قومن جا خزانا تو وٽ ايندا.


انهي جي چوڌاري مٿس هڪلون ڪريو؛ هوءَ اچي پيش پئي آهي؛ انهي جا ڪوٽ ڪنگرا ڪري پيا آهن، انهي جون ڀتيون ڊاٺيون ويون آهن: ڇالاءِ جو خداوند انهي کان وير ورتو آهي؛ اوهين بہ انهي کان وير وٺو؛ جيئن هن پاڻ ڪيو آهي تيئن اوهين بہ ساڻس ڪريو.


اوهين قومن منجهہ ظاهر ڪريو ۽ پڌرائي ڪرايو هڪڙو جهنڊو کڙو ڪريو ۽ مشهوري ڪرايو ۽ لڪايو نہ: چئو تہ بابل وٺجي ويو آهي، بيل شرمندو ڪيو ويو آهي، مردوڪ ڀڃي ٽڪر ٽڪر ڪيو ويو آهي؛ اُن جا بت شرمندا ڪيا ويا آهن، انهن جون مورتون ڀڃي پرزا پرزا ڪيون ويون آهن.


اُهي باطل ۽ ٺڳيءَ جو ڪم آهن: جڏهن اُنهن جي خبر لهڻ جو وقت ايندو تڏهن اُهي ناس ٿي وينديون.


بابل جو بادشاهہ نبوڪدرضر مون کي ڳڙڪائي ويو آهي، هن مون کي چپي ڇڏيو آهي، هن مون کي خالي ٿانوَ ڪري ڇڏيو اهي، هو مون کي ازدها وانگي ڳهي ويو آهي، هن منهنجن نعمتن سان پنهنجو پيٽ ڀريو آهي؛ هن مون کي اُڇلائي ڪڍي ڇڏيو آهي.


تنهن ڪري ڏس، اُهو ڏينهن اچي ٿو جڏهن آءٌ بابل جي اُڪريل مورتن تي فتويٰ جاري ڪندس، ۽ اُن جي ساري زمين شرمندي ٿيندي؛ ۽ اُن جا سڀ ڪُٺل اُن جي وچ ۾ ڪرندا.


خداوند ٿو فرمائي تہ جيتوڻيڪ بابل چڙهي آسمان تائين وڃي، ۽ جيتوڻيڪ هو پنهنجي زور جو قلعو مضبوط ڪري، تہ بہ مون وٽان ڦرلٽ ڪرڻ وارا هن تي ڪاهي ايندا.


لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ بابل جون ويڪريون ڀتيون اصل ڊهي پونديون، ۽ ان جا وڏا دروازا باهہ سان سڙي ويندا؛ ۽ ماڻهو اجاين ڪمن لاءِ پورهيو ڪندا ۽ قومون باهہ لاءِ؛ ۽ اُهي ٿڪجي پوندا.


۽ خداوند يهوداہ جي بادشاهہ يهويقيم کي ۽ ساڻس گڏ ڪي خداوند جي گهر جا ٿانوَ بہ هن جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيا؛ ۽ اُهي هو کڻي سنعار جي ملڪ ۾ پنهنجي معبود جي گهر ۾ ويو: ۽ اُهي ٿانوَ هن پنهنجي معبود جي گهر ۾ آڻي رکيا.


تنهنڪري آءٌ حڪم ٿو ڪريان تہ سڀ ماڻهو، قومون ۽ ٻوليون، جي سدرڪ، ميسڪ ۽ عبدنجو جي خدا جي نسبت ۾ گهٽ وڌ ڳالهائيندا، تن کي وڍي ٽڪر ٽڪر ڪري ڇڏبو، ۽ انهن جا گهر ڊاهي گند جو ڍير ڪري ڇڏبا: ڇالاءِ جو ٻيو ڪوبہ اهڙو معبود ڪونهي جو هن طرح بچائي ٿو سگهي.


بادشاهہ نبوڪدنضر جي طرفان، سڀني ماڻهن ۽ قومن ۽ ٻولين ڏانهن، جي ساري زمين تي رهن ٿا؛ شل اوهان جي سلامتي وڌي.


اُهو، اي بادشاهہ، تون آهين جو وڌي مضبوط ٿيو آهين: ڇالاءِ جو تنهنجي وڏائي وڌي آسمان سان وڃي لڳي آهي، ۽ تنهنجي بادشاهت زمين جي ڪناري تائين وڃي رسي آهي.


۽ ڇالاءِ جو هن کيس اِها وڏائي ڏني تنهن ڪري سڀ قومون ۽ خلقتون ۽ جدا جدا ٻولين وارا سندس اڳيان ڊپ کان پئي ڏڪيا: جنهن کي وڻندو هوس تنهن کي مارائيندو هو؛ ۽ جنهن کي وڻندو هوس تنهن کي جيئرو رکندو هو؛ ۽ جنهن کي وڻندو هوس تنهن کي چاڙهيندو هو، ۽ جنهن کي وڻندو هوس تنهن کي لاهيندو هو:


انهي جي معنيٰ هيءَ آهي: مني؛ يعني خدا تنهنجي بادشاهت ڳڻي ڇڏي آهي ۽ انهن کي آڻي پورو ڪيو اٿس.


۽ داراميديءَ کي بادشاهي ملي، جو اٽڪل ٻاهٺ ورهين جي عمر جو هو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ