42 سمنڊ بابل تي چڙهي آيو آهي: اُهو ان جي بيشمار لهرن سان ڍڪجي ويو آهي.
42 دشمن لشڪر بابل تي هڪ سمنڊ جيان اٿلي پوندا، ۽ گجندڙ ڇولين وانگر بابلين کي ٻوڙي ناس ڪري ڇڏيندا.
هن مٿان وٺي مون کي جهليو ۽ وڏي پاڻيءَ منجهان ڇڪي ڪڍيائين.
موت جون رسيون مون کي ويڙهي ويون، ۽ بي دينيءَ جي لهرن مونکي ڊيڄاري ڇڏيو.
تنهنجي آبشار جي آواز تي اونهائي اونهائيءَ کي ٿي سڏي: تنهنجون سڀ لهرون ۽ ڇوليون مون تي چڙهي ويون آهن.
تون سمنڊن جي گجگوڙ کي ۽ لهرن جي گوڙ کي، ۽ ماڻهن جي گڙٻڙ کي بس ٿو ڪرائين.
اي خداوند پاڻين گوڙ شور ڪيو آهي، پاڻين پنهنجو آواز وڌايو آهي؛ پاڻي گجگوڙ ٿا ڪن.
سمنڊ جي بيابان بابت ڪلام. جيئن ڏکن ۾ واچوڙا ملڪ ٻهاريندا لنگهندا وڃن، تيئن هو بيابان مان، ۽ خوفناڪ زمين مان اچي ٿو.
ڇالاءِ جو خداوند بابل کي لٽي ٿو، ۽ منجهانئس وڏو گوڙ شور اصل ڪڍي ڇڏي ٿو: ۽ هنن جون لهرون گهڻي پاڻيءَ وانگي گجن ٿيون، هنن جي آواز جو گوڙ ٿو اچي.
تنهنڪري خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏس، اي صور آءٌ تنهنجي برخلاف آهيان، ۽ گهڻين قومن کي توتي چاڙهي آڻيندس، جيئن سمنڊ پنهنجون لهرون چاڙهي ايندو آهي.
۽ هن جا پٽ جنگ ڪندا، ۽ وڏا لشڪر گڏ ڪندا، جي ڪاهي ايندا، ۽ اُٿلي پوندا ۽ لنگهي ويندا: ۽ موٽي اچي جنگ ڪندا، ۽ هن جي قلعي تائين ايندا.
داني ايل چوڻ لڳو تہ مون رات جو پنهنجي رويا ۾ ڏٺو، ۽ ڇا ٿو ڏسان تہ آسمان جون چارئي هوائون وڏي سمنڊ تي اچي ڪڙڪيون آهن.
۽ انهن ٻاهٺ هفتن کانپوءِ اهو مسح ڪيل قتل ڪيو ويندو، ۽ وٽس ڪجهہ ڪين رهندو: ۽ جيڪو بادشاهہ ايندو، تنهن جا ماڻهو اُهو شهر ۽ پاڪ مڪان ناس ڪري ڇڏيندا؛ ۽ انهي جي پڄاڻي ٻوڏ سان ٿيندي، ۽ پڇاڙيءَ تائين جنگ هلي هلندي؛ خرابيون پڪيءَ طرح ٺهرايون ويون آهن.
۽ سج ۽ چنڊ ۽ تارن ۾ نشان ظاهر ٿيندا، ۽ زمين تي قومن مٿان مصيبت اچي ڪڙڪندي، ۽ اُهي سمنڊ ۽ لهرن جي گوڙ ڪري حيران ۽ پريشان ٿي وينديون.