Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 51:41 - Sindhi Bible

41 شيشڪ ڪيئن نہ وٺجي ويو آهي! ۽ ساري زمين جي تعريف ڪيئن نہ اوچتي پڪڙجي ويئي آهي! قومن منجهہ بابل ڪيئن نہ ويران ٿي ويو آهي!

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

41 خداوند فرمائي ٿو تہ ”جنهن بابل جي واکاڻ جا سڄيءَ دنيا ۾ چرچا پيا هلن، سو بابل ڪيئن نہ قبضي هيٺ اچي ويندو! هائو، بابل قومن منجھہ ڪيئن نہ عبرت جو سبب بڻجي پوندو!

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 51:41
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هي گهر جو اهڙو اُتانهون آهي، تنهن کي ڏسي جيڪو لنگهندو سو عجب ۾ پوندو ۽ چوندو تہ ڇالاءِ خداوند هن ملڪ سان، ۽ هن گهر سان هيئن ڪيو آهي؟


۽ بابل، جو بادشاهن جو فخر، ۽ ڪلدين جي وڏائي جي رونق آهي، تنهن جو اهڙو حال ٿيندو، جهڙو سدوم ۽ عموراہ جو ٿيو هو، جڏهن خدا انهن کي اونڌو ڪري ڇڏيو.


انهيءَ لاءِ تہ بابل جي بادشاهہ تي تون اهو مثال لاڳو ڪرين، ۽ چوين تہ ظالم ڪيئن نہ بس ڪئي آهي! سونو شهر ڪيئن نہ بند ٿي ويو آهي!


۽ اُتر جي سڀني بادشاهن کي، جي ويجهو ۽ پري آهن يا هڪٻئي سان گڏ آهن؛ ۽ زمين جي سطح تي دنيا جون جيڪي بادشاهتون آهن تن کي: ۽ انهن کان پوءِ شيشڪ جو بادشاهہ پيئندو.


اهو تعريف جو شهر، منهنجي خوشيءَ جو شهر، ڪيئن نہ ڇڏي ڏنو ويو آهي؟


ڪيئن نہ سڄي زمين جو مترڪو وڍجي ڀڄي ڌار ٿي پيو آهي! ڪيئن نہ بابل قومن ۾ ويران ٿي ويو آهي!


بابل جي وٺجڻ جي هل تي زمين ڏڪي ٿي ۽ اها دانهن ملڪن ۾ پئي ٻڌجي.


۽ بابل ڍير ٿيندو، يعني گدڙن جي رهڻ جو هنڌ، ۽ حيرت ۽ سوسٽ جو سبب ٿيندو، ۽ منجهس ڪوبہ رهڻ وارو ڪونہ هوندو.


ٻيٽن جا سڀ رهاڪو توتي حيران آهن، ۽ انهن جا بادشاهہ گهڻي خوف ۾ آهن؛ انهن جون شڪليون ئي بدلجي ويون آهن.


۽ جتي جتي بني آدم رهي ٿو، اُتي جهنگ جا جانور، ۽ هوا جا پکي هن تنهنجي هٿ ۾ ڏنا آهن، ۽ توکي انهن سڀني تي حاڪم ڪيو اٿس: تون اُهو سون جو مٿو آهين.


اُهو، اي بادشاهہ، تون آهين جو وڌي مضبوط ٿيو آهين: ڇالاءِ جو تنهنجي وڏائي وڌي آسمان سان وڃي لڳي آهي، ۽ تنهنجي بادشاهت زمين جي ڪناري تائين وڃي رسي آهي.


تڏهن بادشاهہ چيو، تہ هي اُهو وڏو بابل ناهي ڇا، جو مون بادشاهہ جي رهڻ لاءِ پنهنجي اختياريءَ جي طاقت سان، ۽ پنهنجي وڏائيءَ جي شان ۽ شوڪت سان جوڙايو آهي؟


۽ جن جن قومن ۾ خداوند توکي وٺي ويندو، تن سڀني ۾ تون عجب جو، ۽ پهاڪي جو، ۽ چوڻيءَ جو سبب ٿيندين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ