Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 51:39 - Sindhi Bible

39 خداوند ٿو فرمائي تہ جڏهن هو جوش ۾ ايندا تڏهن آءٌ هنن جي مهماني ڪندس، ۽ هنن کي شراب پياري مست ڪندس، تہ خوشيون ڪن، ۽ هميشہ جي ننڊ ڪرڻ لاءِ سمهي رهن ۽ وري نہ جاڳن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

39 پر جڏهن سندن پيٽ ۾ بک جي باهہ ڀڙڪندي، تڏهن آءٌ هنن جي اهڙي مهماني ڪندس، جو سزا جو شراب پيئاري پيئاري کين مست ڪندس، انهيءَ لاءِ تہ هنن کي ايڏو تہ نشو چڙهي وڃي، جو هو هميشہ واري ننڊ سمهي پون ۽ وري نہ جاڳن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 51:39
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اي خداوند منهنجا خدا، مون ڏانهن نظر ڪري منهنجي ٻڌ: منهنجين اکين کي روشن ڪر، متان موت جي ننڊ اچي وڃيم.


۽ لشڪرن جو خداوند، اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي تہ تون انهن کي چئُہ، تہ اوهين پيو ۽ مست ٿيو ۽ قئي ڪريو، ۽ ڪري پئو ۽ جيڪا ترار آءٌ اوهان ۾ موڪليندس تنهنجي سبب وري نہ اُٿو.


اوهين هن کي شراب پياري مست ڪريو؛ ڇالاءِ جو هن خداوند جي مقابلي ۾ پاڻ کي وڏو ڪيو: ۽ موآب پنهنجي قئي ۾ ليٽندو، ۽ اُن تي کل ٺٺولي بہ ٿيندي.


۽ آءٌ ان جي اميرن ۽ ان جي ڏاهن ماڻهن کي، اُن جي حاڪمن ۽ ان جي نائبن کي، ۽ ان جي بهادر مردن کي نشئي ڪندس؛ ۽ هو هميشہ واري ننڊ ۾ سمهي رهندا ۽ نہ جاڳندا؛ ائين اهو بادشاهہ ٿو فرمائي، جنهن جو نالو لشڪرن جو خداوند آهي.


انهي رات بيلشضر، ڪسدي بادشاهہ قتل ڪيو ويو.


جيتوڻيڪ هو ڳتيل ڪنڊن وانگر آهن، ۽ ڄڻ تہ شراب ۾ پُسيل آهن، تہ بہ سُڪل بهہ وانگي سڙي چٽ ٿي ويندا.


تون بہ نشي ۾ مست ٿيندينءَ ۽ لڪندينءَ؛ تون بہ دشمن جي ڊپ کان پناهہ ڳوليندينءَ.


اي اسور جا بادشاهہ، تنهنجا ڌنار سمهيا پيا آهن، تنهنجا امير آرام ۾ آهن، تنهنجي رعيت جبلن تي پکڙي پيئي آهي، ۽ ڪوبہ انهن کي گڏ ڪرڻ وارو ڪونهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ