Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 51:36 - Sindhi Bible

36 تنهن ڪري خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏس آءٌ تنهنجي پاران حجت دليل ڪندس، ۽ تنهنجي بدران وير وٺندس؛ ۽ آءٌ هن جو سمنڊ سڪائي ڇڏيندس، ۽ هن جو چشمو خشڪ ڪندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

36 سو خداوند فرمائي ٿو تہ ”هاڻ اي يروشلم وارؤ! آءٌ اوهان جي طرفداري ڪندس ۽ اوهان جو بدلو وٺندس. آءٌ بابل جا چشما سڪائي ڇڏيندس، ۽ ان جا درياءَ خشڪ ڪري ڇڏيندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 51:36
24 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هو درياهن کي ڦيرائي بيابان ٿو ڪري، ۽ پاڻيءَ جي چشمن کي سڪي زمين ڪريو ڇڏي؛


مون کي خبر آهي تہ خداوند ڏکين جو انصاف ڪندو، ۽ محتاجن کي حق ڏياريندو.


ڇالاءِ جو خداوند هنن جي طرفان حجت دليل ڪندو، ۽ انهن جي حياتي ڦري وٺندو جي هنن جي ڦرين ٿا.


ڇالاءِ جو انهن جو ڇڏائيندڙ زور وارو آهي؛ هو اُنهن جي طرفان تنهنجي برخلاف حجت دليل آڻيندو.


۽ سمنڊ مان پاڻي گهٽ ٿي ويندو، ۽ ندي سڪي خالي ٿي ويندي.


خداوند اوهان جو نجات ڏيندڙ، اسرائيل جو پاڪ خدا، هيئن ٿو فرمائي تہ اوهان جي خاطر مون بابل ڏانهن موڪليو آهي، ۽ انهن سڀني کي، يعني ڪسدين کي سندن خوشين جي جهازن تي چاڙهي ڀڄائي آڻيندس.


جو اونهي سمنڊ کي چوي ٿو تہ سڪي وڃ، آءٌ تنهنجون نديون سڪائي ڇڏيندس:


ان جي پاڻين تي خشڪ سالي آهي، ۽ اُهي سڪي ويندا: ڇالاءِ جو اها اُڪريل مورتن جي زمين آهي، ۽ هو بتن تي مست آهن.


تير تکا ڪريو؛ سپرون قابو جهليو؛ خداوند مادين جي بادشاهہ جي روح کي چوريو آهي؛ ڇالاءِ جو هن جي رٿ آهي تہ بابل کي ناس ڪري؛ ۽ اهو خداوند جو وير وٺڻ، ۽ سندس هيڪل جو بدلو آهي.


بابل منجهان ڀڄي وڃو، ۽ هرڪو ماڻهو پنهنجي جان بچائي؛ اُن جي ڏوهہ ۾ وڍجي نہ وڃو: ڇالاءِ جو اهو خداوند جي وير وٺڻ جو وقت آهي؛ هو انهي کي بدلو ڏيندو.


۽ آءٌ پنهنجي قوم اسرائيل جي هٿان ادوم کان پنهنجو وير وٺندس؛ ۽ اهي ادوم ۾ منهنجي ڪاوڙ ۽ منهنجي غصي موجب هلت ڪندا: ۽ خداوند ٿو فرمائي تہ هو منهنجو انتقام ڄاڻندا.


جيتوڻيڪ پنهنجن ڀائرن ۾ هو ڦر وارو ٿيندو، تہ بہ اُڀرندي جو واءُ ايندو، خداوند جو جهولو بيابان مان اُٿندو، ۽ هن جو چشمو سُڪي ويندو، ۽ هن جو حوض خشڪ ٿي ويندو: هو سڀني سهڻن ٿانوَن جي خزاني کي لٽي ويندو.


اي عزيزو، پاڻ پنهنجو وير نہ وٺو، پر (خدا جي) غضب کي واٽ ڏيو: ڇالاءِ جو لکيل آهي تہ خداوند فرمائي ٿو، تہ ”وير وٺڻ منهنجو ڪم آهي، بدلو آئون ئي ڏيندس.“


وير وٺڻ، ۽ بدلو ڏيڻ منهنجو ڪم آهي، جڏهن انهن جو پير ترڪندو؛ ڇالاءِ جو انهن جي مصيبت جو ڏينهن ويجهو آهي، ۽ جيڪي حادثا انهن تي اچڻا آهن سي جلد ايندا.


اي قومون، اوهين سندس اُمت سان خوشيون ڪريو؛ ڇالاءِ جو هو پنهنجن ٻانهن جي خون جو وير وٺندو، ۽ جيڪي هن جي مخالفت ٿا ڪن، تن کي بدلو ڏيندو؛ ۽ پنهنجي ملڪ ۽ پنهنجيءَ اُمت جي لاءِ ڪفارو ڪندو.


۽ ڇهين ملائڪ پنهنجو پيالو وڏيءَ نديءَ فرات تي اوتيو ۽ ان جو پاڻي سُڪي ويو، تان تہ جيڪي بادشاهہ اُڀرندي کان اچن، تن جي لاءِ رستو تيار ٿي وڃي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ