Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 51:34 - Sindhi Bible

34 بابل جو بادشاهہ نبوڪدرضر مون کي ڳڙڪائي ويو آهي، هن مون کي چپي ڇڏيو آهي، هن مون کي خالي ٿانوَ ڪري ڇڏيو اهي، هو مون کي ازدها وانگي ڳهي ويو آهي، هن منهنجن نعمتن سان پنهنجو پيٽ ڀريو آهي؛ هن مون کي اُڇلائي ڪڍي ڇڏيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

34 بيشڪ بابل جي بادشاهہ نبوڪدنضر يروشلم جي مال متاع سان پنهنجو پيٽ ڀري، يروشلم کي سکڻو ڀانڊو بڻائي ڇڏيو آهي، بلڪ انهيءَ کي ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيو اٿائين. هو يروشلم کي ڳڙڪائي ويو، هائو، هو انهيءَ کي ازدها بلا وانگر ڳهي ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 51:34
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هو دولت ڳهي ويو آهي ۽ اها هو وري اُلٽي ڪري ڪڍندو: اها خدا هن جي پيٽ مان ڪڍي ڇڏيندو.


تو پنهنجيءَ قدرت سان سمنڊ کي چيري ڌار ڪيو، ۽ تو درياهہ ۾ واڳن جا مٿا ڀڃي ڇڏيا.


هل تہ هلي انهن کي قبر وانگر سڄا سارا جيئرو ئي ڳهي وڃون، انهن ماڻهن وانگر جي هيٺ کڏ ۾ ڪرن ٿا؛


پر پيڻ پکي ۽ سيڙهہ انهي جون مالڪ ٿينديون؛ چٻرو ۽ ڪانگ انهيءَ ۾ رهندا: اهو انهيءَ جي مٿان مونجهاري جي ڏور ڇڪيندو، ۽ ويرانيءَ جو شاهل رکندو.


پر هيءَ اها اُمت آهي جا ڦرجي ۽ لٽجي ويئي آهي: اهي سڀ چرن ۾ ڦاٿل، ۽ قيد خانن ۾ بند ٿيل آهن: اهي شڪار ٿي ويا آهن ۽ ڪوبہ انهن کي نٿو ڇڏائي؛ اهي لٽجي ويا آهن ۽ ڪوبہ نٿو چوي تہ موٽائي ڏيون.


اسرائيل رلي ويل رڍ آهي؛ شينهن انهي کي ڀڄائي ڪڍيو آهي: پهرين اشور جو بادشاهہ انهي کي کائي ويو؛ ۽ پڇاڙيءَ ۾ هن بابل جي بادشاهہ نبوڪدرضر ان جا هڏ ڀڃي ڇڏيا آهن.


جن پئي لڌو اٿن تن سڀني هنن کي پئي ڳڙڪايو آهي: ۽ هنن جي دشمنن چيو تہ اسان جو قصور ڪونهي، ڇالاءِ جو هنن خداوند جو گناهہ ڪيو آهي، يعني خداوند، جو سندن ابن ڏاڏن جي اميد هو.


۽ آءٌ بابل ۾ بيل تي فتويٰ جاري ڪندس، ۽ هن جي وات مان جيڪي ڳٿو اٿس سو ڪڍي وٺندس، ۽ قومون وري اڳتي هن ڏي گڏجي ڊوڙنديون نہ وينديون: هائو، بابل جي ڀت ڪري پوندي.


جيئن بابل اسرائيل جا ڪُٺل ڪيرايا آهن، تيئن بابل ۾ ساري زمين جا ڪُٺل ڪرندا.


جيڪو شهر ماڻهن سان ڀريل هوندو هو، سو ڪيئن نہ اڪيلو ويٺو آهي! اهو ڪيئن نہ بيوہ زال جهڙو ٿي پيو آهي! جا قومن ۾ وڏي هئي، ۽ ملڪن ۾ شهزاديءَ جي درجي تي هئي، سا ڪيئن نہ ڍل ڀريندڙ ٿي پيئي آهي!


تنهنجن سڀني دشمنن تنهنجي کائڻ لاءِ وڏا وات پٽيا آهن؛ هو شوڪارا ٿا ڀرين ۽ ڏند ٿا ڪرٽين؛ هو چون ٿا تہ اسان هن کي ڳهي ڇڏيو آهي؛ يقيناً اڄ اُهو ئي ڏينهن آهي جنهن لاءِ اسين منتظر هئاسين؛ اسان هن کي لڌو آهي، اسان هن کي ڏٺو آهي.


تنهنڪري نبوت ڪري چئو، تہ خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ هنن اوهان کي ويران ڪيو آهي، ۽ هر طرف کان اوهان کي ڳهي ويا آهن، انهي لاءِ تہ اوهين قومن مان باقي رهيل ماڻهن جي ملڪيت ٿيو، ۽ اوهان جي نسبت ۾ ماڻهو اجايون ڳالهيون ۽ گلائون ڪن ٿا.


اسرائيل ڳيسجي ويو آهي: هاڻي هو ٻين قومن ۾ ائين آهي جيئن اُهو باسڻ جو ڪنهن ڪم جو ڪونهي.


اوهين جي مسڪينن کي ڳهڻ ۽ ملڪ جي غريبن کي تباهہ ڪرڻ ٿا گهرو، سي هي ٻڌو.


ڇالاءِ جو خداوند يعقوب جي رونق کي اسرائيل جي رونق وانگر وري آڻيندو: ڇالاءِ جو خالي ڪرڻ وارن انهي کي خالي ڪري ڇڏيو آهي، ۽ هن جي ڊاک جي ٽارين کي چٽ ڪري ڇڏيو اٿن.


پر افسوس آهي اوهان لاءِ، اي فقيهو ۽ فريسيو، رياڪارو! ڇالاءِ جو اوهين آسمان جي بادشاهت ماڻهن لاءِ بند ڪري ٿا ڇڏيو، جو نڪي اوهين پاڻ ٿا اندر وڃو، نڪي جيڪي اندر وڃن ٿا، تن کي گهڙڻ ٿا ڏيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ