Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 51:28 - Sindhi Bible

28 هن سان وڙهڻ لاءِ قومن کي، ۽ ميدين جي بادشاهن ۽ اُن جي حاڪمن کي، ۽ اُن جي سڀني نائبن کي، ۽ هن جي بادشاهت جي سڄي ملڪ کي تيار ڪريو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

28 مادئين جي بادشاهن کي ٻڌايو وڃي تہ اهي پنهنجن سالارن ۽ سندن سڀني نائبن کي تيار ڪن، ۽ انهن سڀني ملڪن کي پڻ، جن تي هو حڪمران آهن، انهيءَ لاءِ تہ سڀيئي قومون وڙهڻ لاءِ تيار ٿي وڃن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 51:28
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

يافت جا پٽ هئا، جمر، ماجوج، مادي، ياوان، توبل، مسڪ ۽ تيراس.


يافت جا پٽ؛ جمر، ماجوج، مادي، ياوان، توبل، مسڪ ۽ تيراس.


تڏهن، سندس بادشاهيءَ جي ٽئين سال ۾، هن پنهنجن سڀني اميرن ۽ ملازمن جي مهماني ڪئي؛ فارس ۽ مادي جا زور وارا ماڻهو، ۽ پرڳڻن جا امير ۽ والي، اچي وٽس حاضر ٿيا:


۽ سندس طاقت ۽ زور جا ڪم، ۽ مردڪئي جي بزرگيءَ جو احوال، جنهن تائين بادشاهہ هن جو درجو وڌايو، تنهن جو پورو بيان مادي ۽ فارس جي بادشاهن جي تواريخ جي ڪتاب ۾ لکيل نہ آهي ڇا؟


ڏسو، آءٌ مادين کي هنن جي برخلاف اُٿاريندس، جي چانديءَ جي پرواهہ نہ رکندا ۽ سون مان هنن کي ڪابہ خوشي نہ ٿيندي.


هڪڙو ڏک جهڙو رويا مون کي ڏيکاريو ويو آهي؛ دغاباز واپاري، دغابازيءَ سان واپار ڪري ٿو، ۽ لٽ ڪرڻ وارو لٽي ٿو. اي عيلام مٿي وڃ؛ اي مادي گهيرو ڪر، مون هن جون سڀ آهون بند ڪري ڇڏيون آهن


ڇالاءِ جو گهڻيون قومون ۽ وڏا بادشاهہ انهن کان، هائو، انهن کان پنهنجي لاءِ خدمت چاڪري وٺندا: ۽ آءٌ انهن کي سندن ڪمن موجب ۽ سندن دستڪاريءَ موجب بدلو ڏيندس.


۽ زمريءَ جي سڀني بادشاهن کي، ۽ عيلام جي سڀني بادشاهن کي، ۽ ميدين جي سڀني بادشاهن کي؛


ڏس، هڪڙي قوم اُتر مان اچي ٿي؛ ۽ هڪڙي وڏي اُمت ۽ گهڻا بادشاهہ زمين جي تمام پرانهن ڀاڱن کان اُٿاريا ويندا.


تير تکا ڪريو؛ سپرون قابو جهليو؛ خداوند مادين جي بادشاهہ جي روح کي چوريو آهي؛ ڇالاءِ جو هن جي رٿ آهي تہ بابل کي ناس ڪري؛ ۽ اهو خداوند جو وير وٺڻ، ۽ سندس هيڪل جو بدلو آهي.


اوهين انهي ملڪ ۾ هڪڙو جهنڊو کڙو ڪريو، قومن منجهہ قرناءِ وڄايو، قومن کي ان جي برخلاف تيار ڪريو، هن سان وڙهڻ لاءِ اراراط، مني ۽ اشڪناز جون حڪومتون سڏي آڻي گڏ ڪريو: هن سان وڙهڻ لاءِ هڪڙو سپهہ سالار مقرر ڪريو: گهوڙن کي کهرن سوٻٽن وانگي چاڙهي اچو.


۽ زمين ڏڪي ٿي ۽ سورن ۾ آهي: ڇالاءِ جو خداوند جون رٿون بابل جي برخلاف قائم آهن، انهي لاءِ تہ بابل جي ملڪ کي اهڙو ويران ڪري جو ان ۾ ڪوبہ ماڻهو نہ رهي.


دارا کي پسند آيو تہ بادشاهت تي هڪ سؤ ويهہ والي مقرر ڪري، جي سڄي ملڪ تي حڪومت ڪن؛


هاڻي اي بادشاهہ، اهو منع نامو جاري ڪر، ۽ اهڙي لکيل حڪم تي صحيح ڪر، تہ اُهو ڦري نہ سگهي، جيئن ميدين ۽ فارسين جو قاعدو ڦرندو نہ آهي.


اُهو گهٽو جو تو ٻن سڱن سان ڏٺو، اُهي ميديہ ۽ فارس جا بادشاهہ آهن.


دارا بن اخسويرس، جو ميدين جي نسل مان هو، ۽ جو ڪسدين جي بادشاهت تي بادشاهہ ڪيو ويو هو، تنهن جي پهرين ورهيہ ۾؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ