Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 51:27 - Sindhi Bible

27 اوهين انهي ملڪ ۾ هڪڙو جهنڊو کڙو ڪريو، قومن منجهہ قرناءِ وڄايو، قومن کي ان جي برخلاف تيار ڪريو، هن سان وڙهڻ لاءِ اراراط، مني ۽ اشڪناز جون حڪومتون سڏي آڻي گڏ ڪريو: هن سان وڙهڻ لاءِ هڪڙو سپهہ سالار مقرر ڪريو: گهوڙن کي کهرن سوٻٽن وانگي چاڙهي اچو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

27 اي سڀني قومن وارؤ! اوهين انهيءَ ملڪ تي حملي لاءِ هڪڙو جھنڊو کڙو ڪريو. پنهنجين قومن منجھہ نفيل وڄائي، انهن کي بابل جي خلاف جنگ لاءِ تيار ڪريو. هن سان وڙهڻ لاءِ اراراط، مِنِي ۽ اشڪناز جي بادشاهتن جي لشڪرن کي سڏي گڏ ڪريو. هن سان وڙهڻ لاءِ هڪڙو سپهہ‌سالار مقرر ڪريو. ماڪڙ جي ڪٽڪن جيان گھوڙن وارا لشڪر مٿس چاڙهي آڻيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 51:27
24 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جمر جا پٽ هئا، اشڪناز، ريفت، ۽ تجرمہ.


پوءِ ستين مهيني جي سترهين تاريخ ٻيڙي اچي اراراط جبل تي بيٺي.


۽ هيئن ٿيو تہ جيئن هن پنهنجي معبود نسروڪ جي گهر ۾ سجدو پئي ڪيو، تيئن ادرملڪ ۽ شراضر هن کي ترار هڻي ماري وڌو، ۽ پوءِ هو اراراط جي ملڪ ڏانهن ڀڄي ويا. ۽ هن جو پٽ اسرحدون هن جي جاءِ تي بادشاهہ ٿيو.


۽ جمر جا پٽ؛ اشڪناز، ريفت، ۽ تجرمہ.


اي جهان جا رهندڙ، ۽ زمين جا رهاڪو، جڏهن جبلن تي ڪو جهنڊو کڙو ڪيو وڃي، تڏهن اوهين ڏسو؛ ۽ جڏهن قرناءِ وڄائي وڃي تڏهن اوهين ٻڌو.


۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن هن پنهنجي معبود نسروڪ جي مندر ۾ پوڄا پئي ڪئي، تڏهن سندس پٽن ادرملڪ ۽ شراضر کيس ترار سان قتل ڪري ڇڏيو: ۽ پاڻ اراراط جي ملڪ ۾ ڀڄي ويا. پوءِ هن جو پٽ اسرحدون سندس جاءِ تي بادشاهہ ٿيو.


ڇالاءِ جو گهڻيون قومون ۽ وڏا بادشاهہ انهن کان، هائو، انهن کان پنهنجي لاءِ خدمت چاڪري وٺندا: ۽ آءٌ انهن کي سندن ڪمن موجب ۽ سندن دستڪاريءَ موجب بدلو ڏيندس.


خداوند ٿو فرمائي تہ هو انهي جو ٻيلو وڍي ڇڏيندا، جيتوڻيڪ انهن ۾ ڪوبہ گهڙي ڳولا ڪري نٿو سگهي: ڇالاءِ جو اُهي مڪڙن کان بہ گهڻا آهن، بلڪ بيشمار آهن.


اوهين قومن منجهہ ظاهر ڪريو ۽ پڌرائي ڪرايو هڪڙو جهنڊو کڙو ڪريو ۽ مشهوري ڪرايو ۽ لڪايو نہ: چئو تہ بابل وٺجي ويو آهي، بيل شرمندو ڪيو ويو آهي، مردوڪ ڀڃي ٽڪر ٽڪر ڪيو ويو آهي؛ اُن جا بت شرمندا ڪيا ويا آهن، انهن جون مورتون ڀڃي پرزا پرزا ڪيون ويون آهن.


ڇالاءِ جو اُتر مان اُنهي تي هڪڙي قوم ڪاهيو ٿي اچي جا ان جي ملڪ کي ويران ڪندي، ۽ ڪوبہ اُتي رهڻ وارو ڪونہ هوندو: اُهي ڀڄي ويا آهن، اُهي نڪري ويا آهن، جهڙا ماڻهو تهڙا مرون.


ڇالاءِ جو ڏس، آءٌ اُتر واري ملڪ مان وڏين قومن جي هڪڙي جماعت اُٿاري بابل تي چاڙهي ايندس: ۽ اُهي ان جي سامهون صفون ٻڌي بيهندا؛ ۽ هو وٺجي ويندو: انهن جا تير آزمودگار پهلوان جي تيرن وانگي هوندا، ۽ انهن مان ڪوبہ خالي نہ موٽندو.


بابل جي ڀتين جي سامهون هڪڙو جهنڊو کڙو ڪريو، پهرو مضبوط ڪريو، پهري وارا مقرر ڪريو، لڪي ويهڻ جون جايون تيار ڪريو: ڇالاءِ جو خداوند بابل جي رهاڪن جي نسبت ۾ جيڪي چيو هو، اُن موجب رٿيو بہ آهي، ۽ ڪيو بہ آهي.


لشڪرن جي خداوند پنهنجي ذات جو قسم کنيو آهي ۽ چيو اٿس، تہ آءٌ توکي ضرور ماڻهن سان اهڙو ڀريندس جيئن مڪڙن سان؛ ۽ اُهي توتي هڪلون ڪري ايندا.


هن سان وڙهڻ لاءِ قومن کي، ۽ ميدين جي بادشاهن ۽ اُن جي حاڪمن کي، ۽ اُن جي سڀني نائبن کي، ۽ هن جي بادشاهت جي سڄي ملڪ کي تيار ڪريو.


اي بني بنيمين سلامتيءَ جي لاءِ يروشلم مان ڀڄي وڃو، ۽ تقوع ۾ وڃي قرناءِ وڄايو، ۽ بيت هڪرم ۾ جهنڊو کڙو ڪريو: ڇالاءِ جو خرابي ۽ وڏو موت اُتر کان ايندو نظر ٿو اچي.


اها ڳالهہ اوهين قومن ۾ پڌري ڪريو؛ جنگ جي تياري ڪريو؛ بهادر مردن کي اُٿاريو؛ سڀني جنگي ماڻهن کي ڇڏيو تہ ويجهو اچن، ۽ جنگ ڪن.


ڇا ڪنهن شهر ۾ قرناءِ وڄائي ويندي ۽ ماڻهو نہ ڊڄندا؟ ڪنهن شهر تي ڪا مصيبت اچي پوندي، ۽ خداوند اُها نہ موڪلي هوندي ڇا؟


ڇالاءِ جو آءٌ سڀني قومن کي گڏ ڪندس، تہ يروشلم جي برخلاف جنگ ڪن: ۽ شهر قبضي ڪيو ويندو، ۽ گهر لُٽيا ويندا، ۽ زالن جي بي عزتي ٿيندي: ۽ اڌ شهر قيد ٿي ويندو، پر باقي ماڻهو شهر مان نہ ڪڍيا ويندا.


ڇالاءِ جو هو پنهنجي چوپائي مال ۽ پنهنجن تنبن سان ايندا هئا، ۽ مڪڙن وانگر ميڙ ڪري ايندا هئا؛ هو پاڻ توڙي سندن اُٺ شمار کان ٻاهر هوندا هئا: ۽ هو ملڪ کي تباهہ ڪرڻ لاءِ ايندا هئا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ