Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 51:21 - Sindhi Bible

21 ۽ تو سان آءٌ گهوڙي کي سندس سوار سميت ڀڃي ٽڪر ٽڪر ڪري ڇڏيندس؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

21 تنهنجي ذريعي مون گھوڙن ۽ سوارن کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيو، تنهنجي ذريعي مون جنگي گھوڙي گاڏين، ۽ گاڏيون هلائيندڙن کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 51:21
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هو زمين جي ڇيڙي تائين جنگيون بند ٿو ڪرائي: هو ڪمان کي ڀڃي ٿو ۽ ڀالي کي ٽڪر ٽڪر ٿو ڪري: هو جنگي گاڏين کي باهہ ۾ ساڙيو ڇڏي.


اي يعقوب جا خدا تنهنجيءَ ڇينڀ جي ڪري، جنگي گاڏي ۽ گهوڙو گهريءَ ننڊ ۾ پئجي ويا.


تڏهن موسيٰ ۽ بني اسرائيل خداوند جي حضور ۾ گيت ڳايو، ۽ چيائون تہ: آءٌ خداوند جي تعريف ڳائيندس، ڇالاءِ جو هن وڏي جلال سان پاڻ کي ظاهر ڪيو؛ هن گهوڙي کي سندس سوار سوڌو سمنڊ ۾ اُڇلائي وڌو آهي.


۽ مريم هن ريت هنن جي راڳ جو جواب ڏنو: اوهين خداوند جي تعريف ڳايو، ڇالاءِ جو هن وڏي فتح حاصل ڪئي آهي؛ هن گهوڙي کي سندس سوار سميت سمنڊ ۾ اُڇلائي وڌو آهي.


هن فرعون جون گاڏيون ۽ سندس لشڪر سمنڊ ۾ اُڇلائي وڌو، ۽ سندس چونڊيل سردار ڳاڙهي سمنڊ ۾ ٻڏي ويا آهن.


۽ جيڪو جنگي گاڏين ۽ گهوڙن، لشڪرن ۽ بهادرن کي ڪڍي ٿو اچي، سو هيئن ٿو فرمائي تہ اهي سڀ گڏ سمهندا، اهي نہ اُٿندا؛ اُهي معدوم ٿي ويا آهن، اهي سڻيءَ وانگي اُجهامي ويا آهن.


انهن جي گهوڙن تي، ۽ انهن جي گاڏين تي، ۽ انهي ۾ جيڪي گڏيل قوم جا ماڻهو آهن تن تي بہ هڪڙي ترار آهي، ۽ اُهي زالن وانگر ٿيندا: اُن جي خزانن تي بہ هڪڙي ترار آهي، ۽ اُهي ڦرجي ويندا.


۽ خداوند خدا ٿو فرمائي، تہ اوهين منهنجي دسترخاني تي گهوڙن ۽ گاڏين سان، بهادر ماڻهن ۽ سڀني جنگي پهلوانن سان ڍءُ ڪندا.


۽ خداوند ٿو فرمائي، تہ انهي ڏينهن هيئن ٿيندو، تہ آءٌ تنهنجي وچ مان تنهنجا گهوڙا وڍي ڇڏيندس، ۽ تنهنجون گاڏيون ناس ڪري ڇڏيندس.


خداوند لشڪرن جو خدا ٿو فرمائي، تہ ڏس آءٌ تنهنجي برخلاف آهيان، ۽ آءٌ تنهنجي گاڏين کي ساڙي دونهون ڪندس، ۽ ترار تنهنجن جوان شينهن کي کائي ويندي؛ ۽ آءٌ تنهنجو شڪار زمين مان وڍي ڇڏيندس، ۽ تنهنجن قاصدن جو آواز وري ٻڌڻ ۾ نہ ايندو.


۽ آءٌ بادشاهتن جو تخت اُڇلائي ڇڏيندس؛ ۽ ملڪن جي بادشاهتن جو زور ڀڃي ڇڏيندس: ۽ آءٌ گاڏيون ۽ جيڪي انهن ۾ چڙهن ٿا، تن کي اونڌو ڪري ڇڏيندس؛ گهوڙا ۽ سندن سوار هيٺ ڪِري پوندا؛ هرڪو پنهنجي ڀاءُ جي ترار سان ڪِرندو.


۽ اُهي پهلوانن وانگر لڙائيءَ ۾ دشمنن کي رستي جي گپ وانگر لتاڙيندا؛ ۽ اهي وڙهندا، ڇالاءِ جو خداوند انهن سان آهي: ۽ گهوڙي سوار مُنجهي پوندا.


خداوند ٿو فرمائي، تہ انهيءَ ڏينهن آءٌ هر ڪنهن گهوڙي کي ڊپ کان ڇرڪائيندس، ۽ هر ڪنهن سوار کي چريو ڪندس: ۽ آءٌ يهوداہ جي گهراڻي تي نگاهہ رکندس، ۽ قومن جي سڀني گهوڙن کي انڌو ڪندس.


تہ اوهين بادشاهن، ۽ جنگي سردارن، ۽ جنگي ماڻهن جو، ۽ گهوڙن ۽ انهن جي سوارن جو، ۽ سڀني آزاد توڙي غلامن، ننڍن توڙي وڏن ماڻهن جو گوشت کائو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ