Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 51:2 - Sindhi Bible

2 ۽ آءٌ بابل ڏي اُهي ڌاريا ماڻهو موڪليندس، جي ان کي واءُ هڻندا؛ ۽ اُهي ان جي زمين خالي ڪري ڇڏيندا: ڇالاءِ جو مصيبت جي ڏينهن اُهي چوڌاري سندس برخلاف بيهي ويندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 هائو، آءٌ بابل ڏانهن اهي ڌاريون قومون موڪليندس، جيڪي ان کي ائين اُڏائي ڇڏينديون، جيئن هوا ڪک ڪانا اڏائي ڇڏيندي آهي. جڏهن اها مصيبت مٿس ايندي، تڏهن اهي قومون کيس چئني طرفن کان وڪوڙي ڇڏينديون، ۽ ملڪ کي ويران ڪري ڇڏينديون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 51:2
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تون انهن کي وائريندين، ۽ واءُ انهن کي کڻي ويندو، ۽ واچوڙو انهن کي پکيڙي ڇڏيندو: ۽ تون خداوند جي ڪري خوشي ڪندين، ۽ اسرائيل جي قدوس جي ڪري وڏائي ڪندين.


خداوند اوهان جو نجات ڏيندڙ، اسرائيل جو پاڪ خدا، هيئن ٿو فرمائي تہ اوهان جي خاطر مون بابل ڏانهن موڪليو آهي، ۽ انهن سڀني کي، يعني ڪسدين کي سندن خوشين جي جهازن تي چاڙهي ڀڄائي آڻيندس.


۽ مون هنن کي هن ملڪ جي چونڪن ۾ پاهوڙي سان اڏايو آهي؛ مون هنن کان ٻار کسي ورتا آهن، مون پنهنجي قوم کي ناس ڪري ڇڏيو آهي؛ تہ بہ هو پنهنجن رستن کان باز نہ آيا آهن.


ڪماندارن کي بابل سان وڙهڻ لاءِ سڏي گڏ ڪريو، انهن سڀني کي جي ڪمان ڪشيندا آهن؛ انهن جي چوڌاري منزل ڪري بيهي وڃو؛ انهن جو ڪوبہ ماڻهو ڀڄي نڪرڻ نہ ڏيو: سندن ڪمن موافق کين بدلو ڏيو؛ جيئن پاڻ ڪيو اٿس، تيئن ساڻس ڪريو: ڇالاءِ جو هن خداوند سان سينو ساهيو آهي، يعني اسرائيل جي پاڪ خدا سان.


۽ اُهو مغرور شخص آٿڙجي ڪرندو، ۽ ڪوبہ نہ اٿاريندس: ۽ آءٌ ان جي شهرن کي باهہ ڏيندس ۽ انهي جي آس پاس جيڪي بہ آهن تن سڀني کي ساڙي چٽ ڪندس.


تنهنجو ٽيون حصو مريءَ سان مرندو ۽ اُهي تنهنجي وچ ۾ ڏڪار ڪري مري چٽ ٿي ويندا؛ ۽ ٽيون حصو تنهنجي چوڌاري ترار سان مارجي ويندو؛ ۽ ٽيون حصو آءٌ سڀني ڪُنڊن تي پکيڙي ڇڏيندس ۽ انهي جي پٺيان ترار ڪڍندس.


جنهن کي پنهنجو ڇڄ هٿ ۾ آهي، ۽ اُهو پنهنجي ڳاهہ جي پڙ کي چڱيءَ طرح صفا ڪندو، ۽ پنهنجي ڪڻڪ ڀانڊي ۾ گڏ ڪري رکندو؛ پر بهہ کي اهڙيءَ باهہ ۾ ساڙيندو جا وسامڻ جي ئي ڪانهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ