Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 51:16 - Sindhi Bible

16 جڏهن هو هڪل ٿو ڪري تڏهن آسمانن ۾ پاڻيءَ جو جوش پيدا ٿئي ٿو، ۽ هو زمين جي ڪنارن کان ٻاڦ اُٿاري ٿو؛ هو زمين جي لاءِ وڄ جوڙي ٿو، ۽ پنهنجن خزانن مان واءُ ڪڍي ٿو،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

16 هن جي هڪل تي آسمان جي مٿان واري پاڻيءَ ۾ گجگوڙ ٿئي ٿي. هو ڌرتيءَ جي ڇيڙن کان ڪڪر اٿاري ٿو. هو مينهن سان گڏ کِنوڻ موڪلي ٿو، ۽ پنهنجي گدامن مان هوا اُماڻي ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 51:16
24 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ خدا نوح کي، ۽ جيڪي ساهوارا ۽ ڍور ساڻس گڏ ٻيڙيءَ ۾ هئا، تن کي ياد ڪيو، ۽ خدا زمين تي واءُ آندو ۽ پاڻي گهٽجي ويو.


پوءِ خواہ سيکت لاءِ هجي چاهي پنهنجي ملڪ لاءِ، خواہ رحمت لاءِ، هو انهيءَ کي آڻي ٿو.


تون برف جي خزانن ۾ گهڙيو آهين ڇا؟ يا تو ڳڙن جا خزانا ڏٺا آهن ڇا،


يا تنهنجي ٻانهن ڪا خدا جهڙي آهي ڇا؟ ۽ تون ڪو هن وانگر آواز سان گجگوڙ ڪري سگهندين ڇا؟


تنهنجيءَ ڇينڀ تي اهي ڀڄي ويا؛ ۽ تنهنجيءَ گجگوڙ جي آواز تي اهي جلدي ويا هليا؛


هو زمين جي ڇيڙن کان بخار جا بادل ٿو اُٿاري؛ ۽ مينهن لاءِ وڄ پيدا ٿو ڪري؛ ۽ واءُ کي پنهنجي خزانن مان ٿو ڪڍي.


هو پنهنجو ڪلام ٿو موڪلي، ۽ اهي ڳري ٿا وڃن؛ هو واءُ ٿو لڳائي ۽ پاڻي وهن ٿا.


خداوند آسمان مان گجگار ڪئي، ۽ خدا تعاليٰ پنهنجو آواز ڪڍيو، تہ ڳڙا ۽ ٽانڊا وسيا.


قومون ڪاوڙيون، بادشاهتن کي لوڏو اچي ويو: اڃا هن پنهنجو آواز ڪڍيو تہ زمين ڳري ويئي.


انهيءَ جي، جو مدامي آسمانن جي آسمان تي سواري ٿو ڪري؛ ڏس، هو پنهنجو آواز ٿو ٻڌائي، جو قدرت وارو آواز آهي.


هن آسمان ۾ اُڀرندي جو واءُ موڪليو: ۽ پنهنجي قدرت سان ڏکڻ کان هوا لڳايائين.


تڏهن موسيٰ پنهنجي لٺ مصر جي ملڪ جي مٿان ڊگهيري، ۽ اهو سارو ڏينهن ۽ ساري رات اڀرندي جو واءُ لڳو؛ ۽ جڏهن صبح ٿيو تڏهن انهيءَ اڀرندي جي واءُ ۾ مڪڙ آيا.


۽ خداوند الهندي جو واءُ آندو، جنهن مڪڙن کي ڌڪي کڻي ڳاڙهي سمنڊ ۾ وڌو، ۽ مصر جي ساري ملڪ ۾ هڪڙو مڪڙ بہ ڪونہ رهيو.


۽ موسيٰ پنهنجو هٿ سمنڊ تي ڊگهيريو تہ خداوند ساري رات اڀرندي جو واءُ لڳايو، ۽ سمنڊ کي هٽائي سڪائي ڇڏيائين، ۽ پاڻي وچ مان چيرجي پيو.


۽ ڪروبين جي پرن جو آواز ٻاهرين ايوان تائين ٻڌڻ ۾ پئي آيو، ۽ اُهو ڄڻ تہ خدا قادر مطلق جي ڳالهائڻ جهڙو آواز هو.


خداوند ٿو فرمائي، تہ اي بني اسرائيل، اوهين منهنجي لاءِ حبشين جي ٻارن جهڙا نہ آهيو ڇا؟ مون اسرائيل کي مصر جي زمين مان، ۽ فلستين کي ڪفتور مان، ۽ ارامين کي قير مان ڪڍي نہ آندو آهي ڇا؟


پر خداوند سمنڊ تي هڪڙو وڏو واءُ موڪليو ۽ ڏاڍو طوفان اچي لڳو، جنهن جي ڪري جهاز جي ڀڄي پوڻ جو امڪان هو.


۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن سج اُڀريو، تڏهن خدا اُڀرندي جو گرم واءُ تيار ڪيو، ۽ يوناہ کي اهڙي اُس لڳي جو هو ماندو ٿي ويو، ۽ پنهنجي لاءِ عرض ڪيائين، تہ مري، ۽ چيائين تہ منهنجي لاءِ جيئڻ کان مرڻ بهتر آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ