Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 51:14 - Sindhi Bible

14 لشڪرن جي خداوند پنهنجي ذات جو قسم کنيو آهي ۽ چيو اٿس، تہ آءٌ توکي ضرور ماڻهن سان اهڙو ڀريندس جيئن مڪڙن سان؛ ۽ اُهي توتي هڪلون ڪري ايندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

14 قادرِمطلق خداوند پنهنجي ذات جو قسم کڻي چيو آهي تہ ”يقيناً آءٌ ماڪڙ جي ڪٽڪن جيان گھڻا ئي لشڪر آڻيندس جيڪي بابل تي حملو ڪري انهيءَ کي شڪست ڏيندا ۽ فتح جا نعرا هڻندا.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 51:14
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هن فرمايو تہ بيشمار مڪڙ ۽ سوٻٽ اچي پيا.


تنهن ڪري اي يهوداہ جي سڄي قوم، اوهين جي مصر جي ملڪ ۾ رهو ٿا، سي خداوند جو ڪلام ٻڌو: خداوند ٿو فرمائي، تہ ڏسو، مون پنهنجي وڏي نالي جو قسم کنيو آهي تہ مصر جي سڄي ملڪ ۾ يهوداہ جي ڪنهن بہ ماڻهوءَ جي واتان اڳتي وري منهنجو نالو نہ نڪرندو، ۽ ڪوبہ ڪونہ چوندو تہ خداوند جيئري جو قسم آهي.


خداوند ٿو فرمائي تہ هو انهي جو ٻيلو وڍي ڇڏيندا، جيتوڻيڪ انهن ۾ ڪوبہ گهڙي ڳولا ڪري نٿو سگهي: ڇالاءِ جو اُهي مڪڙن کان بہ گهڻا آهن، بلڪ بيشمار آهن.


ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي، تہ مون پنهنجي ذات جو قسم کنيو آهي تہ بصرہ، حيرت، ۽ ملامت، ۽ ويرانيءَ، ۽ لعنت جو سبب ٿيندو؛ ۽ ان جا سڀ شهر هميشہ لاءِ ويران رهندا.


انهي جي چوڌاري مٿس هڪلون ڪريو؛ هوءَ اچي پيش پئي آهي؛ انهي جا ڪوٽ ڪنگرا ڪري پيا آهن، انهي جون ڀتيون ڊاٺيون ويون آهن: ڇالاءِ جو خداوند انهي کان وير ورتو آهي؛ اوهين بہ انهي کان وير وٺو؛ جيئن هن پاڻ ڪيو آهي تيئن اوهين بہ ساڻس ڪريو.


اوهين انهي ملڪ ۾ هڪڙو جهنڊو کڙو ڪريو، قومن منجهہ قرناءِ وڄايو، قومن کي ان جي برخلاف تيار ڪريو، هن سان وڙهڻ لاءِ اراراط، مني ۽ اشڪناز جون حڪومتون سڏي آڻي گڏ ڪريو: هن سان وڙهڻ لاءِ هڪڙو سپهہ سالار مقرر ڪريو: گهوڙن کي کهرن سوٻٽن وانگي چاڙهي اچو.


۽ آءٌ اوهان کي اُهي سال موٽائي ڏيندس جن جا فصل مڪڙ، ۽ سرا، ۽ سوٻٽ، ۽ تڏيون کائي ويون آهن، يعني اُهو وڏو لشڪر جو مون اوهان وٽ موڪليو.


خداوند خدا پنهنجو قسم کنيو آهي، ۽ خداوند لشڪرن جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ آءٌ يعقوب جي وڏائيءَ کي ڌڪاريان ٿو، ۽ هن جي محلاتن کان مون کي نفرت ٿي اچي؛ تنهنڪري آءٌ اُهو شهر ۽ جيڪي منجهس آهي، تنهن کي رد ڪندس.


ڇالاءِ جو جڏهن خدا ابراهيم سان واعدو ٿي ڪيو، تڏهن کانئس وڏو ڪو ڪونہ هو، جنهن جو قسم کڻي. تنهنڪري پنهنجو ئي قسم کنيائين،


ڇالاءِ جو هو پنهنجي چوپائي مال ۽ پنهنجن تنبن سان ايندا هئا، ۽ مڪڙن وانگر ميڙ ڪري ايندا هئا؛ هو پاڻ توڙي سندن اُٺ شمار کان ٻاهر هوندا هئا: ۽ هو ملڪ کي تباهہ ڪرڻ لاءِ ايندا هئا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ