Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 51:10 - Sindhi Bible

10 خداوند اسان جي سچائي ظاهر ڪئي آهي: اچو تہ صيون ۾ خداوند پنهنجي خدا جو ڪلام پڌرو ڪريون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

10 سو اي بني اسرائيل وارؤ! ائين ڪرڻ سان خداوند اسان کي بي‌ڏوهي ثابت ڪيو آهي، تنهنڪري اچو تہ هلون ۽ هلي يروشلم ۾ ٻڌايون تہ خداوند اسان جي خدا ڇا ڪيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 51:10
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

آءٌ مرندس ڪين پر جيئرو رهندس، ۽ خداوند جي ڪمن جو بيان ڪندس.


هو تنهنجي راستبازي سوجهري وانگي ظاهر ڪندو، ۽ تنهنجو انصاف ٻنپهرن جي روشنيءَ وانگر چمڪندو.


۽ سڀ ماڻهو ڊڄندا؛ ۽ خدا جي ڪمن جو بيان ڪندا، ۽ هن جي ڪمن کي چڱيءَ طرح سمجهندا.


اوهين سڀيئي جن کي خدا جو ڊپ آهي سي اچي ٻڌو؛ جيڪي هن منهنجيءَ جان لاءِ ڪيو آهي تنهن جو آءٌ بيان ڪندس.


تہ آءٌ صيون جي ڌيءَ جي دروازن ۾ تنهنجي سڀ تعريف ظاهر ڪريان؛ آءٌ تنهنجيءَ نجات جي ڪري سرهو ٿيندس.


اُهي وڏو آواز ڪندا، هو رڙيون ڪندا؛ خداوند جي جلال لاءِ هو سمنڊ کان وڏي سڏ پڪاريندا.


اوهين يروشلم سان تسلي سان ڳالهايو، ۽ انهي کي پڪاري چئو تہ سندس جنگ پوري ٿي، ۽ سندس بڇڙائيءَ جي معافي ملي آهي؛ انهي کي خداوند جي هٿان سندس سڀني گناهن جو ٻيڻو بدلو مليو آهي.


اهي خداوند جا ڇڏايل موٽندا، ۽ ڳائيندي صيون ۾ ايندا؛ ۽ انهن جي مٿان هميشہ جي خوشي ٿيندي: اهي خوشي ۽ سرهائي حاصل ڪندا، غم ۽ رنج ڪونہ رهندا.


انهن جو آواز پيو ٻڌجي، جي ڀڄن ٿا، ۽ بابل جي زمين مان نڪري ٻاهر وڃن ٿا، انهي لاءِ تہ صيون ۾ خداوند اسان جي خدا جي وير وٺڻ جي، ۽ سندس هيڪل جي بدلي جي پڌرائي ڪن.


تنهن ڪري جيڪا مصلحت خداوند بابل جي برخلاف ڪئي آهي سا اوهين ٻڌو؛ ۽ هن جا ارادا، جي هن ڪسدين جي ملڪ جي برخلاف ڪيا آهن؛ يقين آهي تہ هو انهن کي گهلي ويندا، يعني ڌڻ جي ٻچن کي؛ يقين آهي تہ هو انهن جي رهڻ جي جاءِ ساڻن گڏ ويران ڪري ڇڏيندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ