Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 50:40 - Sindhi Bible

40 خداوند ٿو فرمائي تہ جيئن اڳي خدا سدوم ۽ عموراہ ۽ ان جي پاسي وارن شهرن کي اونڌو ڪري ڪيرايو؛ تيئن ڪوبہ ماڻهو اتي نہ رهندو، ۽ نہ ڪو آدمزاد انهي ۾ اچي ٽڪندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

40 جيئن اڳي مون سدوم ۽ عموراہ ۽ ان جي آس‌پاس وارن شهرن کي اجاڙي نابود ڪري ڇڏيو هو، تيئن بابل ۾ بہ ڪو ماڻهو ڪونہ رهندو. هائو، اتي ڪوبہ آدمزاد اچي نہ رهندو. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 50:40
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جي لشڪرن جو خداوند اسان جي لاءِ ڪي ٿورا ماڻهو باقي نہ بچائي ها، تہ اسين جيڪر سدوم جهڙا ٿيون ها، اسين جيڪر عموراہ جهڙا ٿيون ها.


خداوند ٿو فرمائي، تہ جيئن سدوم ۽ عموراہ ۽ ان جي پاسي وارن شهرن جي ناس ٿيڻ جو حال هو تيئن ڪوبہ ماڻهو اُتي نہ رهندو، ۽ نڪو آدمزاد انهي ۾ ٽڪندو.


۽ ماڻهو تو مان ڪنڊ جي لاءِ يا بنياد جي لاءِ ڪوبہ پهڻ نہ کڻندا؛ پر خداوند ٿو فرمائي، تہ تون هميشہ جي لاءِ ويران رهندين.


مون اوهان مان ڪن کي اونڌو ڪري ڪيرايو آهي، جيئن اڳي خدا سدوم ۽ عمورہ کي ڪيرايو، ۽ اوهين ٻرندڙ باهہ مان اُماڙي وانگي ڇڪي ڪڍيا ويا آهيو: انهي هوندي بہ خداوند ٿو فرمائي، تہ اوهين مون ڏي نہ موٽيا آهيو.


تنهنڪري لشڪرن جو خداوند، اسرائيل جو خدا ٿو فرمائي، تہ مون کي پنهنجي حياتيءَ جو قسم آهي تہ موآب ضرور سدوم جهڙو ٿيندو ۽ بني عمون عمورہ جهڙو؛ يعني ڪنڊن جي جاءِ، ڪلر ۽ مدامي ويراني ٿيندو: منهنجي قوم جا باقي بچيل ماڻهو انهن کي ڦُريندا لُٽيندا، ۽ منهنجي اُمت جا باقي رهيل ماڻهو انهن جا وارث ٿيندا.


۽ جيئن يسعياہ نبي اڳيئي چئي ويو آهي تہ ”جي لشڪرن جو خداوند اسان جو ڪوبہ اولاد باقي نہ ڇڏي ها، تہ اسين سدوم ۽ عموراہ وانگر ٿيون ها.“


۽ هي بہ ڏسندا تہ انهي جي ساري زمين کي گندرف، ۽ شورو لڳو پيو آهي، ۽ اهڙي تہ سڙي ويئي آهي، جو منجهس نڪا پوک ٿي ٿئي، نڪا پيداوار ٿي ٿئي، نڪو گاهہ ٿو اُڀري: اهو ملڪ سدوم، ۽ عمورہ، ۽ ادمہ، ۽ ضبوئيم وانگر ويران ٿي ويو آهي، جنهن کي خداوند پنهنجي غصي ۽ ڪاوڙ ۾ نابود ڪري ڇڏيو:


۽ سدوم ۽ عموراہ جي شهرن کي برباديءَ جي سزا ڏيئي ساڙي رک ڪري ڇڏيائين، تان تہ اڳتي بي دينن جي لاءِ عبرت جو مثال ٿين؛


جهڙيءَ طرح ڪ سدوم ۽ عموراہ ۽ اُنهن جي آس پاس وارا شهر، جي انهن وانگر زناڪاريءَ ۽ لونڊي بازيءَ جي پٺيان پيا، سي هميشہ جي باهہ جي سزا پيا سهن، تہ ٻين جي عبرت لاءِ هڪڙو مثال ٿين.


۽ سندن لاشا انهي وڏي شهر جي رستن ۾ پيا هوندا، جنهن کي روحاني طرح سدوم ۽ مصر ٿا سڏين؛ جتي سندن خداوند بہ صليب تي چاڙهيو ويو هو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ