Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 50:4 - Sindhi Bible

4 انهن ڏينهن ۾ ۽ انهي وقت خداوند ٿو فرمائي، تہ بني اسرائيل ايندا، اُهي ۽ بني يهوداہ ٻئي گڏجي؛ ۽ اُهي روئندي پنهنجو رستو ڏيو ويندا، ۽ خداوند پنهنجي خدا کي ڳوليندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

4 خداوند فرمائي ٿو تہ ”انهن ئي ڏينهن ۾ اسرائيل ۽ يهوداہ وارا ٻئي گڏجي روئيندي ۽ زاريون ڪندي مون خداوند پنهنجي خدا جا طالبو ٿيندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 50:4
32 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ منهنجي قوم جا منهنجي نالي پٺيان ٿي سڏجي، سا جيڪڏهن عاجزيءَ سان دعا گهرندي، ۽ منهنجي منهن جي طلب رکندي، ۽ پنهنجي شرارت جي رستن کان موٽندي، تہ آءٌ آسمان مان ٻڌندس، ۽ انهن جو گناهہ معاف ڪندس، ۽ انهن جي زمين کي شفا بخشيندس.


خداوند ۽ سندس قدرت جا طالب رهو؛ سدائين سندس ديدار جا طالب رهو.


ڇالاءِ جو خداوند کي يعقوب تي رحم ايندو، ۽ هو اڃا بہ اسرائيل کي پسند ڪندو ۽ انهي کي پنهنجي ملڪ ۾ قائم ڪندو: ۽ پرديسي انهن سان وڃي گڏبا ۽ اهي يعقوب جي گهراڻي سان لاڳو رهندا.


مون ڳجهہ ڳوهہ ۾، يا زمين جي ڪنهن اونداهي جاءِ ۾ ڪلام نہ ڪيو آهي؛ مون يعقوب جي اولاد کي ڪونہ چيو تہ مون کي اجايو ڳوليو: آءٌ خداوند سچ ٿو ڳالهايان ۽ راستيءَ جون ڳالهيون ظاهر ٿو ڪريان.


جيسين خداوند لڀي سگهي تيسين انهي کي ڳوليو؛ جيسين هو ويجهو آهي تيسين انهي کي سڏيو:


ڇالاءِ جو انتقام جو ڏينهن منهنجيءَ دل ۾ هو، ۽ منهنجن ڇڏايلن جو سال اچي پهتو آهي.


خداوند ٿو فرمائي تہ ڏس، اُهي ڏينهن اچن ٿا جڏهن آءٌ اسرائيل جي گهراڻي سان ۽ يهوداہ جي گهراڻي سان نئون عهد اقرار ڪندس:


انهن ڏينهن ۾، ۽ انهيءَ وقت آءٌ دائود جي لاءِ سچائيءَ جي هڪڙي شاخ ڦٽائيندس؛ ۽ اُهو انهي ملڪ ۾ عدالت ۽ سچائي جا ڪم ڪندو.


۽ اسماعيل بن نتنياہ مصفاہ مان نڪري انهن کي گڏجڻ لاءِ ويو ۽ ويندي سڄو رستو رئندو ويو: ۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن هو انهن کي گڏيو تڏهن چيائين، تہ هلو تہ جدلياہ بن اخيقام وٽ هلون.


تڏهن تون پنهنجا رستا ياد ڪندينءَ ۽ شرمندي ٿيندينءَ، جڏهن تون پنهنجين ڀينرن کي، پنهنجي وڏي توڙي ننڍي ڀيڻ کي، قبول ڪندينءَ: ۽ آءٌ اُهي توکي ڌيئرن جي بجاءِ ڏيندس، پر نہ تنهنجي عهد اقرار سبب.


تنهنڪري خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ هاڻي آءٌ وري يعقوب جا قيدي آڻيندس ۽ اسرائيل جي سڄي گهراڻي تي رحم ڪندس؛ آءٌ پنهنجي پاڪ نالي واسطي غيرت وارو ٿيندس.


۽ بني يهوداہ ۽ بني اسرائيل گڏ ٿيندا، ۽ پنهنجي لاءِ هڪڙو سردار مقرر ڪندا، ۽ انهي زمين مان نڪري ويندا، ڇالاءِ جو يزرعيل جو ڏينهن وڏو ٿيندو.


هو خداوند جي پٺيان هلندا، جو شينهن وانگر گجندو، هائو، هو گجندو ۽ سندس ٻار اُلهندي کان ڏڪندا ايندا.


تنهن کانپوءِ بني اسرائيل موٽندا، ۽ خداوند پنهنجي خدا ۽ پنهنجي بادشاهہ دائود کي ڳوليندا؛ ۽ پوين ڏينهن ۾ ڊپ سان خداوند وٽ سندس فضل لاءِ ايندا.


اچو تہ خداوند وٽ موٽي هلون: ڇالاءِ جو هن ڦاڙيو آهي، ۽ هو ئي ڇُٽائي چڱو ڀلو ڪندو؛ هن ضرب رسائي آهي، ۽ هو ئي اسان کي پَٽي ٻَڌندو.


انهي هوندي بہ خداوند ٿو فرمائي، تہ هينئر بہ اوهين پنهنجي سموري دل سان، ۽ روزي ۽ روڄ، ۽ ماتم سان مون ڏي ڦرو:


۽ آءٌ دائود جي گهراڻي، ۽ يروشلم جي رهاڪن تي، فضل ۽ دعا جو روح نازل ڪندس؛ ۽ هو انهيءَ تي جنهن کي هنن گهايل ڪيو، نگاهہ ڪندا: ۽ انهيءَ جي لاءِ ماتم ڪندا، جيئن ڪو پنهنجي سڪيلڌي لاءِ ڪندو آهي، ۽ انهيءَ لاءِ سخت ڏک ڪندا، جيئن ڪو پهريتي لاءِ ڪندو آهي.


افسوس ۽ ماتم ڪريو ۽ روئو: اوهان جو کلڻ بدلجي ماتم ٿيڻ گهرجي ۽ اوهان جي خوشي دلگيري.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ