Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 50:39 - Sindhi Bible

39 تنهن ڪري بر پٽ جا جانور، بگهڙن سان گڏ اُتي رهندا، ۽ اُن ۾ شترمرغ رهندا: ۽ اُهو وري ڪڏهن بہ نہ وسندو؛ نڪي پيڙهي بہ پيڙهي انهي ۾ ڪو ماڻهو رهندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

39 سو رڻ‌پٽ جا جانور ۽ گدڙ اچي بابل ملڪ ۾ رهندا ۽ اهو چٻرن جي رهڻ جي جاءِ ٿي پوندو. اوهان جو ملڪ وري ڪڏهن بہ آباد نہ ٿيندو. هائو، انهيءَ ۾ هميشہ لاءِ ڪوبہ ماڻهو ڪونہ رهندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 50:39
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

آءٌ انهيءَ کي سيڙهہ جو ورثو، ۽ پاڻيءَ جون ڍنڍون بہ ڪندس ۽ آءٌ انهي کي موت جي ٻهاريءَ سان ٻهاريندس؛ لشڪرن جو خداوند ائين ٿو فرمائي.


۽ جڏهن ستر ورهيہ پورا ٿيندا تڏهن خداوند ٿو فرمائي، تہ هيئن ٿيندو جو آءٌ بابل جي بادشاهہ ۽ انهي قوم ۽ ڪسدين جي ملڪ کي سندن بدڪاريءَ سبب سزا ڏيندس؛ ۽ آءٌ انهي زمين کي هميشہ لاءِ ويران ڪندس.


ڇالاءِ جو اُتر مان اُنهي تي هڪڙي قوم ڪاهيو ٿي اچي جا ان جي ملڪ کي ويران ڪندي، ۽ ڪوبہ اُتي رهڻ وارو ڪونہ هوندو: اُهي ڀڄي ويا آهن، اُهي نڪري ويا آهن، جهڙا ماڻهو تهڙا مرون.


۽ ماڻهو تو مان ڪنڊ جي لاءِ يا بنياد جي لاءِ ڪوبہ پهڻ نہ کڻندا؛ پر خداوند ٿو فرمائي، تہ تون هميشہ جي لاءِ ويران رهندين.


اُن جا شهر ويران ۽ خشڪ زمين ۽ برپٽ ٿي ويا آهن، يعني اهڙي زمين جنهن ۾ ڪوبہ ماڻهو نٿو رهي، ۽ نہ ڪو آدمزاد اُتان لنگهي ٿو.


۽ هن وڏي آواز سان چيو تہ ڪِري پيو، وڏو شهر بابل ڪِري پيو، ۽ ڀوتن جي رهڻ جو مڪان ٿي پيو، ۽ سڀ ڪنهن ناپاڪ روح ۽ سڀ ڪنهن ناپاڪ ۽ ڪراهت جهڙي پکيءَ جي رهڻ جي جاءِ ٿي پيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ