Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 50:37 - Sindhi Bible

37 انهن جي گهوڙن تي، ۽ انهن جي گاڏين تي، ۽ انهي ۾ جيڪي گڏيل قوم جا ماڻهو آهن تن تي بہ هڪڙي ترار آهي، ۽ اُهي زالن وانگر ٿيندا: اُن جي خزانن تي بہ هڪڙي ترار آهي، ۽ اُهي ڦرجي ويندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

37 اوهان جي گھوڙن توڙي جنگي گھوڙي گاڏين تي بہ آءٌ تلوار کڙي ڪندس. اوهان جا ڌارين قومن وارا سمورا اتحادي بہ انهيءَ کان بچي نہ سگھندا، بلڪ اهي عورتن وانگر ڊڄڻا ٿي پوندا. منهنجي انهيءَ تلوار کان اوهان جا خزانا بہ بچي نہ سگھندا، بلڪ اهي لٽجي ڦرجي ويندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 50:37
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هو زمين جي ڇيڙي تائين جنگيون بند ٿو ڪرائي: هو ڪمان کي ڀڃي ٿو ۽ ڀالي کي ٽڪر ٽڪر ٿو ڪري: هو جنگي گاڏين کي باهہ ۾ ساڙيو ڇڏي.


اي يعقوب جا خدا تنهنجيءَ ڇينڀ جي ڪري، جنگي گاڏي ۽ گهوڙو گهريءَ ننڊ ۾ پئجي ويا.


انهيءَ ڏينهن، لشڪرن جو خداوند جيڪو پنهنجو هٿ ان جي مٿان لوڏي ٿو تنهن جي ڊپ کان، مصر جا رهاڪو زالن جهڙا ٿي پوندا.


آءٌ توکي اوندهہ جا خزانا، ۽ ڳجهين جاين ۾ لڪل دولت ڏيندس، تہ توکي خبر پوي تہ آءٌ اهو خداوند اسرائيل جو خدا آهيان، جو تنهنجو نالو وٺي توکي سڏيان ٿو.


۽ سڀني گڏيلن ماڻهن کي، عوض جي ملڪ جي سڀني بادشاهن کي، ۽ فلستين جي ملڪ جي سڀني بادشاهن کي، ۽ اسقلون، ۽ غزہ، ۽ عقرون، ۽ اشدود جي باقي بچيلن کي؛


۽ سڀني عربستان جي بادشاهن کي، ۽ جيڪي گڏيل قومون بيابان ۾ رهن ٿيون تن جي سڀني بادشاهن کي؛


قريوت وٺجي ويو آهي، ۽ مضبوط قلعا اوچتا هٿ ڪيا ويا آهن، ۽ موآب جي بهادر مردن جي دل انهي ڏينهن اهڙي ٿيندي جهڙي سورن واري زال جي دل.


۽ ڪسديہ لٽجي ويندو: خداوند ٿو فرمائي تہ، اُتي سڀ لٽيندڙ ڍءُ ڪندا.


سڀني پاسن کان اُن تي چڙهي اچو، ان جا انبار خانا کوليو: ان کي اُڇلائي ڍير ڪريو، ۽ ان کي بلڪل ناس ڪري ڇڏيو، جيئن ان جي ڪابہ شيءِ باقي نہ بچي.


۽ تو سان آءٌ گهوڙي کي سندس سوار سميت ڀڃي ٽڪر ٽڪر ڪري ڇڏيندس؛


۽ تو سان آءٌ گاڏيءَ کي، ۽ جيڪو منجهس چڙهيل آهي تنهن کي ڀڃي پرزا پرزا ڪندس؛ ۽ توسان آءٌ مرد توڙي زال کي ڀڃي پرزا پرزا ڪندس؛ ۽ تو سان آءٌ پير مرد توڙي جوان کي پرزا پرزا ڪندس؛ ۽ تو سان آءٌ ڇوڪر ۽ ڇوڪريءَ کي ڀڃي پرزا پرزا ڪندس؛


بابل جي بهادرن جنگ ڪرڻ کان منهن موڙيو آهي، اُهي پنهنجن قلعن ۾ رهيا پيا آهن: هن جي همت هارجي ويئي آهي؛ اُهي زالن جهڙا ٿي پيا آهن: اُن جي رهڻ جي جاين کي باهہ ڏيئي ساڙيو اٿن؛ اُن جي درن جا گز ڀڃي ڇڏيا اٿن.


۽ هو ڪسدين جي ملڪ ۾ قتل ٿي ڪرندا، ۽ اُن جي گهٽين ۾ گهايل ٿيندا.


حبش، ۽ فوطہ، ۽ لود، ۽ سڀ گڏيل قومون، ۽ ڪوب، ۽ انهي زمين جا رهاڪو، جن ٻڌي ڪئي آهي، سي بہ انهن سان گڏ ترار سان ڪِرندا.


۽ خداوند خدا ٿو فرمائي، تہ اوهين منهنجي دسترخاني تي گهوڙن ۽ گاڏين سان، بهادر ماڻهن ۽ سڀني جنگي پهلوانن سان ڍءُ ڪندا.


خداوند لشڪرن جو خدا ٿو فرمائي، تہ ڏس آءٌ تنهنجي برخلاف آهيان، ۽ آءٌ تنهنجي گاڏين کي ساڙي دونهون ڪندس، ۽ ترار تنهنجن جوان شينهن کي کائي ويندي؛ ۽ آءٌ تنهنجو شڪار زمين مان وڍي ڇڏيندس، ۽ تنهنجن قاصدن جو آواز وري ٻڌڻ ۾ نہ ايندو.


ڏس، جيڪي ماڻهو تنهنجي وچ ۾ آهن، سي زالن جهڙا ٿي پيا آهن؛ تنهنجي ملڪ جا دروازا تنهنجن دشمنن لاءِ کولي ڏنا ويا آهن؛ باهہ تنهنجا گز ساڙي ڇڏيا آهن.


۽ آءٌ بادشاهتن جو تخت اُڇلائي ڇڏيندس؛ ۽ ملڪن جي بادشاهتن جو زور ڀڃي ڇڏيندس: ۽ آءٌ گاڏيون ۽ جيڪي انهن ۾ چڙهن ٿا، تن کي اونڌو ڪري ڇڏيندس؛ گهوڙا ۽ سندن سوار هيٺ ڪِري پوندا؛ هرڪو پنهنجي ڀاءُ جي ترار سان ڪِرندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ