Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 50:35 - Sindhi Bible

35 خداوند ٿو فرمائي، تہ ڪسدين ۽ بابل جي رهاڪن تي، ۽ اُن جي اميرن تي، ۽ ان جي ڏاهن ماڻهن تي هڪڙي ترار آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

35 آءٌ خداوند اوهان بابلين خلاف هڪڙي اهڙي تلوار کڙي ڪندس، جنهن کان اوهين، اوهان جا امير توڙي ڏاها ماڻهو بہ بچي ڪين سگھندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 50:35
22 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهن ڪري ڏس، آءٌ هن اُمت ۾ هڪڙو عجيب ڪم ڪندس، بلڪل عجيب ۽ حيرت جهڙو ڪم، ۽ انهن جي ڏاهن ماڻهن جي ڏاهپ چٽ ٿي ويندي، ۽ انهن جي سمجهہ وارن جي سمجهہ گم ٿي ويندي.


مون هڪڙي کي اُتر کان اُٿاريو آهي ۽ اهو اچي پهتو آهي؛ اهو جو سج جي اُڀرڻ واري هنڌان ٿو اچي ۽ منهنجو نالو وٺي ٿو پڪاري: ۽ اُهو حاڪمن جي مٿان ائين ٿو اچي، جيئن ڪو گچ تي اچي، ۽ جيئن ڪو ڪنڀر مٽيءَ کي لتاڙي.


جو ڪوڙن جا نشان اجايا ٿو ٺهرائي، ۽ فال وجهڻ وارن کي چريو ٿو ڪري، جو سياڻن کي رد ٿو ڪري، ۽ انهن جي علم کي بيوقوفيءَ جهڙو ٿو ڪري.


خداوند پنهنجي مسح ڪيل خورس بابت فرمائي ٿو، تہ مون هن جو ساڄو هٿ جهليو آهي تہ قومن کي سندس اڳيان مات ڪريان، آءٌ بادشاهن جون چيلهيون ڍريون ڪندس؛ آءٌ هن جي اڳيان در کوليندس، ۽ دروازا بند نہ ٿيندا.


ڇالاءِ جو خداوند سڀني انسانن سان باهہ، ۽ پنهنجيءَ ترار سان حجت ڪندو: ۽ خداوند جا قتل ڪيل گهڻا هوندا.


اي قومن جا بادشاهہ، ڪير تو کان نہ ڊڄندو؟ ڇالاءِ جو اهو توکي ئي ٿو جُڳائي: ڇالاءِ جو قومن جي سڀني ڏاهن ماڻهن ۾ ۽ انهن جي سڀني بادشاهتن ۾ تو جهڙو ٻيو ڪوبہ ڪونهي.


اي خداوند جي ترار، اڃا ڪيتري مهل کان پوءِ تون ماٺ ڪنديئن؟ تون پاڻ کي پنهنجي مياڻ ۾ وجهہ؛ آرام وٺ ۽ ماٺ ڪر.


اُن جا سڀ ڍڳا ڪهو؛ انهن کي ڪوس لاءِ لهڻ ڏيو: ويل آهي انهن سان! ڇالاءِ جو انهن جو ڏينهن ۽ انهن جي سزا جو وقت اچي پهتو آهي.


تنهن ڪري خداوند ٿو فرمائي، تہ جوان مرد سندس گهٽين ۾ پيا ڪرن، ۽ ان جا سڀ جنگي بهادر انهي ڏينهن ماريا ويندا.


خداوند ٿو فرمائي تہ جڏهن هو جوش ۾ ايندا تڏهن آءٌ هنن جي مهماني ڪندس، ۽ هنن کي شراب پياري مست ڪندس، تہ خوشيون ڪن، ۽ هميشہ جي ننڊ ڪرڻ لاءِ سمهي رهن ۽ وري نہ جاڳن.


تنهن ڪري ڏس، اُهو ڏينهن اچي ٿو جڏهن آءٌ بابل جي اُڪريل مورتن تي فتويٰ جاري ڪندس، ۽ اُن جي ساري زمين شرمندي ٿيندي؛ ۽ اُن جا سڀ ڪُٺل اُن جي وچ ۾ ڪرندا.


۽ آءٌ ان جي اميرن ۽ ان جي ڏاهن ماڻهن کي، اُن جي حاڪمن ۽ ان جي نائبن کي، ۽ ان جي بهادر مردن کي نشئي ڪندس؛ ۽ هو هميشہ واري ننڊ ۾ سمهي رهندا ۽ نہ جاڳندا؛ ائين اهو بادشاهہ ٿو فرمائي، جنهن جو نالو لشڪرن جو خداوند آهي.


ڏاها ماڻهو شرمندا ٿيا آهن، هو ڊڄي ويا آهن ۽ گرفتار ٿيا آهن: ڏس هنن خداوند جو ڪلام رد ڪري ڇڏيو آهي؛ ۽ هنن ۾ ڪهڙي قسم جي ڏاهپ آهي؟


۽ خداوند جو ڪلام مون تي نازل ٿيو، تہ


انهي رات بيلشضر، ڪسدي بادشاهہ قتل ڪيو ويو.


۽ ترار هن جي شهرن تي ڪڙڪندي، ۽ هن جي درن جي گزن کي چٽ ڪري ڇڏيندي، ۽ خود سندن مصلحتن ڪري هنن کي ڳهي ڇڏيندي.


آءٌ اوهان جي مٿان ترار آڻيندس، جا ڪيل عهد جو بدلو وٺندي؛ ۽ جڏهن اوهين پنهنجن شهرن ۾ گڏ ڪيا ويندا، تڏهن آءٌ اوهان ۾ وبا موڪليندس؛ ۽ اوهين پنهنجي دشمنن جي حوالي ڪيا ويندا.


افسوس، انهيءَ نالائق ريڍار تي، جو ڌڻ کي ڇڏي ٿو وڃي! هن جي ساڄيءَ ٻانهن ۽ ساڄيءَ اک تي ترار اچي ڦرندي؛ هن جي ٻانهن بلڪل سُڪي ويندي ۽ هن جي ساڄي اک انڌي ٿي ويندي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ