Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 50:32 - Sindhi Bible

32 ۽ اُهو مغرور شخص آٿڙجي ڪرندو، ۽ ڪوبہ نہ اٿاريندس: ۽ آءٌ ان جي شهرن کي باهہ ڏيندس ۽ انهي جي آس پاس جيڪي بہ آهن تن سڀني کي ساڙي چٽ ڪندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

32 اي مغرور قوم وارؤ! آءٌ اوهان کي اهڙو تہ برباد ڪري ڇڏيندس، جو ڪوبہ اوهان جي مدد نہ ڪندو. آءٌ اوهان جي شهرن ۾ اهڙي باهہ ٻاري ڇڏيندس، جيڪا اوهان جي آس‌پاس وارين سڀني شين کي ساڙي چٽ ڪري ڇڏيندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 50:32
22 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڀلي تہ مغرور شرمندا ٿين؛ ڇو جو هنن مون کي ڪوڙ سان ڪيرايو آهي: پر آءٌ تنهنجن قاعدن تي غور ڪندو رهندس.


مغروري موت کان اڳي ٿي هلي، ۽ هٺيلي دل ڪرڻ کان اڳي.


ناس ٿيڻ کان اڳي ماڻهوءَ جي دل مغرور ٿي ٿئي، پر عزت جي اڳيان نماڻائي هلي ٿي.


خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ اوهان کي اوهان جن ڪمن موجب سزا ڏيندس: ۽ آءٌ انهي جي ٻيلي ۾ اهڙي باهہ ٻاريندس جو جيڪي بہ ان جي آس پاس آهي تنهن سڀ کي ساڙي چٽ ڪري ڇڏيندي.


۽ آءٌ دمشق جي ڀت تي هڪڙي باهہ ٻاريندس، ۽ اُها بن هدد جي محلاتن کي ساڙي چٽ ڪري ڇڏيندي.


۽ ماڻهو تو مان ڪنڊ جي لاءِ يا بنياد جي لاءِ ڪوبہ پهڻ نہ کڻندا؛ پر خداوند ٿو فرمائي، تہ تون هميشہ جي لاءِ ويران رهندين.


۽ چئجانءِ تہ بابل بہ هيئن ٻڏي ويندو، ۽ وري نہ نڪرندو، ڇالاءِ جو آءٌ انهي تي خرابي آڻيندس: ۽ هو ٿڪجي پوندا. ايستائين يرمياہ جون ڳالهيون آهن.


پر جڏهن هن جي دل مغرور ٿيڻ لڳي ۽ هن جو روح سخت ٿيڻ لڳو، ۽ انهي ڪري هو هٺيلو ٿي هلڻ لڳو. تڏهن هو پنهنجي بادشاهي تخت تان لاٿو ويو، ۽ سندس عزت کانئس کسي ورتائون.


پر آءٌ صور جي ڀت تي باهہ موڪليندس ۽ اُها سندن محلات ساڙي ڇڏيندي.


پر آءٌ تيمان تي باهہ موڪليندس ۽ اُها بصرا جا محلات ساڙي ڇڏيندي.


پر آءٌ ربہ جي ڀت تي باهہ ٻاريندس ۽ اُها سندن محلات ساڙي ڇڏيندي؛ جنگ جي ڏينهن رڙين سان، ۽ حرارت جي ڏينهن طوفان سان،


پر آءٌ حزائيل جي گهراڻي ۾ باهہ موڪليندس ۽ اها بن هدد جا محلات ساڙي ڇڏيندي.


پر آءٌ غزہ جي ڀت تي باهہ موڪليندس، ۽ اها سندن محلات ساڙي ڇڏيندي.


پر آءٌ موآب تي باهہ موڪليندس ۽ اُها قريوت جا محلات ساڙيندي؛ ۽ موآب گوڙ گڙٻڙ سان، رڙين سان ۽ قرناءِ جي آواز سان مرندو.


پر آءٌ يهوداہ تي باهہ موڪليندس ۽ اُها يروشلم جا محلات ساڙي ڇڏيندي.


اسرائيل جي ڪنواري ڪِري پيئي آهي؛ اُها وري نہ اُٿندي: اُها پنهنجي ملڪ ۾ اُڇلائي ويئي آهي؛ ڪوبہ هن کي اُٿارڻ وارو ڪونهي.


ڇالاءِ جو منهنجي غصي جي باهہ ڀڙڪو کاڌو آهي، جا اوڙاهہ جي تري تائين ٻرندي ويندي، ۽ زمين کي سندس پيداوار سميت ڀسم ڪري ڇڏيندي، ۽ جبلن جي بنيادن کي بہ ساڙي ڇڏيندي.


تنهنڪري هن جون آفتون هڪڙي ئي ڏينهن ۾ اينديون، يعني موت ۽ ماتم، ۽ ڏڪار؛ ۽ هوءَ باهہ سان ساڙي چٽ ڪئي ويندي؛ ڇالاءِ تہ خداوند خدا، جنهن هن جي عدالت ڪئي سو قادر آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ