Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 50:31 - Sindhi Bible

31 خداوند، لشڪرن جو خداوند، ٿو فرمائي، تہ اي مغرور، ڏس، آءٌ تنهنجي برخلاف آهيان: ڇالاءِ جو تنهنجو ڏينهن آيو آهي، اُهو وقت، جڏهن آءٌ اچي تنهنجي خبر لهندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

31 خداوند قادرِمطلق خدا فرمائي ٿو تہ ”اي بابل جا مغرور رهاڪؤ! ياد رکو، آءٌ اوهان جي خلاف آهيان، اوهان جي برباديءَ جو ڏينهن اچي پهتو آهي، ۽ هاڻي اوهان کي سزا ڏني ويندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 50:31
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇالاءِ جو لشڪرن جي خداوند جو هڪڙو ڏينهن ايندو، ۽ جيڪو بہ مغرور ۽ وڏائيءَ وارو آهي، ۽ جيڪي بہ مٿي کنيل آهي اُهو هيٺ ڪيو ويندو:


خداوند ٿو فرمائي، تہ اي واديءَ جا رهاڪو، ۽ ميدان جي ٽڪر جا رهاڪو، ڏس، آءٌ تنهنجي برخلاف آهيان؛ جو اوهين چئو ٿا تہ ڪير اسان تي ڪاهي ايندو؟ يا ڪير اسان جن گهرن ۾ گهڙندو؟


اسان موآب جي مغروريءَ بابت ٻڌو آهي تہ اهو ڏاڍو مغرور آهي؛ يعني انهي جي وڏائي ۽ انهي جي مغروري ۽ انهي جي گستاخي ۽ ان جي دل جو هٺ.


باقي تنهنجي دهشت بابت، تون جا ٽڪر جي چرن ۾ رهين ٿي، ۽ ٽڪريءَ جي چوٽي جهلين ٿي، تنهنجي دل جي مغروريءَ توکي ٺڳيو آهي: خداوند ٿو فرمائي، تہ جيتوڻيڪ تون پنهنجو آکيرو ايترو مٿي کڻي جوڙين جيترو عقاب جوڙيندو آهي تہ بہ آءٌ توکي اُتان هيٺ آڻيندس.


ڪماندارن کي بابل سان وڙهڻ لاءِ سڏي گڏ ڪريو، انهن سڀني کي جي ڪمان ڪشيندا آهن؛ انهن جي چوڌاري منزل ڪري بيهي وڃو؛ انهن جو ڪوبہ ماڻهو ڀڄي نڪرڻ نہ ڏيو: سندن ڪمن موافق کين بدلو ڏيو؛ جيئن پاڻ ڪيو اٿس، تيئن ساڻس ڪريو: ڇالاءِ جو هن خداوند سان سينو ساهيو آهي، يعني اسرائيل جي پاڪ خدا سان.


۽ اُهو مغرور شخص آٿڙجي ڪرندو، ۽ ڪوبہ نہ اٿاريندس: ۽ آءٌ ان جي شهرن کي باهہ ڏيندس ۽ انهي جي آس پاس جيڪي بہ آهن تن سڀني کي ساڙي چٽ ڪندس.


خداوند ٿو فرمائي تہ اي ناس ڪندڙ جبل، ڏس، آءٌ تنهنجي برخلاف آهيان، جو تون سڄي زمين کي ناس ٿو ڪرين: ۽ آءٌ پنهنجو هٿ توتي ڊگهيريندس ۽ ٽڪرن مان توکي ليٽائيندس ۽ توکي هڪڙو سڙيل جبل ڪندس.


ڳالهاءِ ۽ چئو تہ خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏس، اي مصر جا بادشاهہ فرعون، تون جو وڏو ازدها آهين، جو پنهنجين ندين جي وچ ۾ پيو آهين، ۽ جو چوين ٿو تہ منهنجي ندي منهنجي ملڪيت آهي ۽ اُها مون پنهنجي لاءِ جوڙي آهي، سو آءٌ تنهنجي برخلاف آهيان.


۽ چئو تہ خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏس، اي روش، مسڪ ۽ توبل جا بادشاهہ جوج، آءٌ تنهنجي برخلاف آهيان.


اي آدمزاد، جوج جي برخلاف نبوت ڪر ۽ چئُہ، تہ خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏس اي جوج، روش، مشڪ ۽ توبل جا بادشاهہ، آءٌ تنهنجي برخلاف آهيان:


تنهنڪري خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏسو، آءٌ، بلڪ آءٌ پاڻ، تنهنجي برخلاف آهيان؛ آءٌ تنهنجي وچ ۾ قومن جي روبرو عدالتن جي تعميل ڪندس.


خداوند لشڪرن جو خدا ٿو فرمائي، تہ ڏس آءٌ تنهنجي برخلاف آهيان، ۽ آءٌ تنهنجي گاڏين کي ساڙي دونهون ڪندس، ۽ ترار تنهنجن جوان شينهن کي کائي ويندي؛ ۽ آءٌ تنهنجو شڪار زمين مان وڍي ڇڏيندس، ۽ تنهنجن قاصدن جو آواز وري ٻڌڻ ۾ نہ ايندو.


لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ ڏس آءٌ تنهنجي برخلاف آهيان؛ آءٌ تنهنجو دامن اُٿلائي تنهنجي منهن تي وجهندس، ۽ قومن ۾ توکي اُگهاڙو ۽ بادشاهتن ۾ توکي بي شرم ڪندس.


پر هو زيادہ فضل ٿو ڏئي، تنهنڪري هو فرمائي ٿو تہ ”خدا مغرورن جي مخالفت ٿو ڪري، پر نماڻن کي فضل ٿو بخشي.“


ساڳيءَ طرح، اي جوانو، اوهين وڏن جا تابعدار ٿيو. هائو، اوهين سڀ هڪٻئي جي خدمت ڪرڻ لاءِ نماڻائيءَ سان پنهنجي ڪمر ٻَڌو؛ ڇالاءِ جو ”خدا مغرورن جو مقابلو ٿو ڪري، پر نماڻن کي فضل ٿو بخشي.“


تنهنڪري هن جون آفتون هڪڙي ئي ڏينهن ۾ اينديون، يعني موت ۽ ماتم، ۽ ڏڪار؛ ۽ هوءَ باهہ سان ساڙي چٽ ڪئي ويندي؛ ڇالاءِ تہ خداوند خدا، جنهن هن جي عدالت ڪئي سو قادر آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ