Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 50:29 - Sindhi Bible

29 ڪماندارن کي بابل سان وڙهڻ لاءِ سڏي گڏ ڪريو، انهن سڀني کي جي ڪمان ڪشيندا آهن؛ انهن جي چوڌاري منزل ڪري بيهي وڃو؛ انهن جو ڪوبہ ماڻهو ڀڄي نڪرڻ نہ ڏيو: سندن ڪمن موافق کين بدلو ڏيو؛ جيئن پاڻ ڪيو اٿس، تيئن ساڻس ڪريو: ڇالاءِ جو هن خداوند سان سينو ساهيو آهي، يعني اسرائيل جي پاڪ خدا سان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

29 خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي بابل جا دشمنؤ! نہ رڳو ماهر تيراندازن، بلڪ هر تيرڪمان ڇڪيندڙ کي بابل سان وڙهڻ لاءِ آڻي گڏ ڪريو. بابل شهر جي چوڌاري گھيرو ڪري ويهو، ۽ ڪنهن بہ ماڻهوءَ کي ڀڄي نڪرڻ نہ ڏيو. جهڙا هنن ڪم ڪيا آهن، تهڙي ئي کين سزا ڏيو، هائو، جيئن پاڻ ڪيو اٿائون، تيئن ئي ساڻن ڪريو. جيئن تہ هن مون بني اسرائيل جي پاڪ معبود سان سينو ساهيو آهي،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 50:29
28 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ موسيٰ ۽ هارون فرعون وٽ آيا، ۽ چيائونس تہ خداوند عبرانين جو خدا هيئن ٿو فرمائي تہ ڪيستائين تون منهنجي حضور ۾ عاجز ٿيڻ کان انڪار ڪندين؟ منهنجي اُمت کي وڃڻ ڏي تہ وڃي منهنجي عبادت ڪري.


تو ڪنهن جي ملامت ڪئي آهي، ۽ ڪنهن جي بابت ڪفر بڪيو اٿيئي؟ تو ڪنهن جي برخلاف پنهنجو آواز بلند ڪيو آهي، ۽ پنهنجون اکيون مٿي کنيون اٿيئي؟ اسرائيل جي قدوس جي برخلاف!


ڇالاءِ جو تو پنهنجيءَ شرارت تي ڀروسو رکيو آهي: تو چيو آهي تہ مون کي ڪوبہ ڪونہ ٿو ڏسي؛ تنهنجيءَ دانائيءَ ۽ تنهنجي علم توکي گمراهہ ڪيو آهي: ۽ تو پنهنجيءَ دل ۾ چيو آهي تہ آءٌ ئي آهيان، ۽ مون کان سواءِ ٻيو ڪوبہ ڪونهي.


ڇالاءِ جو گهڻيون قومون ۽ وڏا بادشاهہ انهن کان، هائو، انهن کان پنهنجي لاءِ خدمت چاڪري وٺندا: ۽ آءٌ انهن کي سندن ڪمن موجب ۽ سندن دستڪاريءَ موجب بدلو ڏيندس.


اوهين هن کي شراب پياري مست ڪريو؛ ڇالاءِ جو هن خداوند جي مقابلي ۾ پاڻ کي وڏو ڪيو: ۽ موآب پنهنجي قئي ۾ ليٽندو، ۽ اُن تي کل ٺٺولي بہ ٿيندي.


باقي تنهنجي دهشت بابت، تون جا ٽڪر جي چرن ۾ رهين ٿي، ۽ ٽڪريءَ جي چوٽي جهلين ٿي، تنهنجي دل جي مغروريءَ توکي ٺڳيو آهي: خداوند ٿو فرمائي، تہ جيتوڻيڪ تون پنهنجو آکيرو ايترو مٿي کڻي جوڙين جيترو عقاب جوڙيندو آهي تہ بہ آءٌ توکي اُتان هيٺ آڻيندس.


اي بابل، مون تنهنجي لاءِ دام وڌو آهي، ۽ تون ڦاٿو بہ آهين، ۽ توکي انهي جو ڪوبہ سماءُ ڪونہ هو: تون لڌو آهين، ۽ پڪڙجي پيو آهيان، ڇالاءِ جون تون خداوند جي برخلاف وڙهيو آهين.


سڀني پاسن کان اُن تي چڙهي اچو، ان جا انبار خانا کوليو: ان کي اُڇلائي ڍير ڪريو، ۽ ان کي بلڪل ناس ڪري ڇڏيو، جيئن ان جي ڪابہ شيءِ باقي نہ بچي.


۽ اُهو مغرور شخص آٿڙجي ڪرندو، ۽ ڪوبہ نہ اٿاريندس: ۽ آءٌ ان جي شهرن کي باهہ ڏيندس ۽ انهي جي آس پاس جيڪي بہ آهن تن سڀني کي ساڙي چٽ ڪندس.


ڇالاءِ جو ڏس، آءٌ اُتر واري ملڪ مان وڏين قومن جي هڪڙي جماعت اُٿاري بابل تي چاڙهي ايندس: ۽ اُهي ان جي سامهون صفون ٻڌي بيهندا؛ ۽ هو وٺجي ويندو: انهن جا تير آزمودگار پهلوان جي تيرن وانگي هوندا، ۽ انهن مان ڪوبہ خالي نہ موٽندو.


خداوند ٿو فرمائي تہ آءٌ بابل کي ۽ ڪسديہ جي سڀني رهاڪن کي اُهي سڀ خرابيون پهچائيندس جي هنن اوهان جي ڏسندي صيون ۾ ڪيون آهن.


اوهين هن جا جوان ماڻهو متان ڇڏي ڏيو؛ هن جو سڄو لشڪر اوهين اصل ناس ڪري ڇڏيو: هن جي تيرانداز پنهنجي ڪمان نہ ڪشي، ۽ هو پنهنجي زرهہ ۾ نہ اُٿي:


جيئن بابل اسرائيل جا ڪُٺل ڪيرايا آهن، تيئن بابل ۾ ساري زمين جا ڪُٺل ڪرندا.


ڇالاءِ جو لٽ ڪرڻ وارو انهي تي ڪاهي آيو آهي، يعني بابل تي، ۽ ان جا بهادر مرد جهلجي ويا آهن، ۽ انهن جون ڪمانون ڀڄي پرزا پرزا ٿي پيون آهن: ڇالاءِ جو خداوند انتقام وٺڻ وارو خدا آهي، ۽ هو ضرور بدلو وٺندو.


سندس گند سندس دامن ۾ هو؛ هن کي پنهنجي پڇاڙي ياد نہ هئي؛ تنهن ڪري هوءَ عجيب طرح هيٺ لهي آئي آهي؛ ڪوبہ تسلي ڏيڻ وارو ڪونہ اٿس: اي خداوند، منهنجو ڏک ڏس: ڇالاءِ جو دشمن پاڻ کي وڏو ڪيو آهي.


اي خداوند، تو هنن جي هٿن جي ڪم موجب کين بدلو ڏي.


۽ بادشاهہ پنهنجي مرضيءَ موجب ڪم ڪندو؛ ۽ هو پاڻ پڏائيندو، ۽ سڀني معبودن کان پاڻ کي وڏو چوائيندو، ۽ خدائن جي خدا جي برخلاف حيرت جهڙيون ڳالهيون ڪندو: ۽ هو اقبال وارو ٿيندو، جيستائين ڪ ڪاوڙ پوري ٿيندي؛ ڇالاءِ جو جيڪي ٺهرايو ويو آهي سو ضرور ڪرڻ ۾ ايندو.


هاڻي آءٌ نبوڪدنضر انهي آسمان جي بادشاهہ جي تعريف ۽ ساراهہ ٿو ڪريان، ۽ انهي کي تعظيم ٿو ڏيان؛ ڇالاءِ جو هن جا سڀ ڪم سچا آهن، ۽ هن جون عدالتون سچيون آهن: ۽ جيڪي مغرور آهن تن کي هو ذليل ڪري سگهي ٿو.


پر اُٽلندو تو آسمان جي خداوند جي سامهون پاڻ کي چاڙهي مٿي ڪيو آهي؛ ۽ سندس گهر جا ٿانوَ تنهنجي اڳيان آندا اٿن ۽ انهن ۾ تو، ۽ تنهنجن اميرن، تنهنجين زالن ۽ تنهنجي سريتن شراب پيتو آهي؛ ۽ تو چاندي ۽ سون، پتل، لوهہ، ڪاٺ ۽ پهڻ جي معبودن جي تعريف ڪئي آهي، جي نہ ڏسن ٿا نہ ٻڌن ٿا، ۽ نڪي ڄاڻن ٿا: ۽ خدا جنهن جي هٿ ۾ تنهنجو ساهہ آهي ۽ جنهن جي حوالي تنهنجا سڀ رستا آهن، تنهن جي وڏائي تو ظاهر نہ ڪئي آهي:


ڇالاءِ جو خداوند جو ڏينهن سڀني قومن تي ويجهو آيو آهي: جيئن تو پاڻ ڪيو آهي، تيئن توسان بہ ڪيو ويندو؛ تنهنجو ڪيو خود تنهنجي مٿي تي موٽي ايندو.


ڇالاءِ جو خدا جي نظر ۾ اها انصاف جي ڳالهہ آهي، تہ جيڪي اوهان کي ڏک ٿا ڏين، تن کي بدلي ۾ ڏک ڏئي،


۽ جيڪو معبود ٿو سڏجي، يا جنهن جي پرستش ٿي ٿئي، تنهن کان هو پاڻ کي وڏو ٿو ڄاڻي، ۽ مخالفت ٿو ڪري؛ ايتري قدر جو هو خدا جي هيڪل ۾ ويهي پاڻ کي خدا ٿو سڏائي.


ڇالاءِ جو هنن پاڪ ٿيلن ۽ نبين جو رت وهايو، ۽ تو کين رت پيئڻ لاءِ ڏنو: اُهي انهي جا لائق آهن.


جيئن هن ڪيو، تيئن اوهين بہ ساڻس ڪيو. ۽ سندس ڪمن جو ٻيڻو بدلو ڏيوس. جيڪو پيالو هن ڀريو، تنهن ۾ سندس لاءِ ٻيڻو ڀريو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ