Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 50:27 - Sindhi Bible

27 اُن جا سڀ ڍڳا ڪهو؛ انهن کي ڪوس لاءِ لهڻ ڏيو: ويل آهي انهن سان! ڇالاءِ جو انهن جو ڏينهن ۽ انهن جي سزا جو وقت اچي پهتو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

27 ان جي سڀني جوڌن جوانن کي ڏاندن جيان ڪهي ڇڏيو. ويل آهي انهن لاءِ! ڇاڪاڻ تہ انهن جي سزا جو ڏينهن اچي پهتو آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 50:27
22 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيڪي پوءِ ايندا سي هن جي ڏينهن تي حيران ٿيندا، جيئن ڪ جيڪي اڳي لنگهي ويا سي ڊپ ۾ رهندا هئا.


گهڻن ڏاندن مونکي گهيريو آهي: ۽ بسن جا زوراور ڏاند منهنجي چوڌاري ڦري آيا آهن.


خداوند اُنهي تي کلندو: ڇو جو هو ڏسي ٿو تہ انهي جو ڏينهن اچي پهتو آهي.


پهري واري چيو تہ صبح اچي ٿو، ۽ رات بہ: جي اوهان کي پڇڻو آهي تہ پڇو: ۽ ڦري اچو.


خداوند جي ترار رت سان ڀريل آهي، اها سڻڀ سان، گهيٽن ۽ ٻڪرين جي رت سان، ۽ گهٽن جي بڪين جي چرٻيءَ سان سڻڀي ڪيل آهي: ڇالاءِ جو خداوند جي لاءِ بصراہ ۾ هڪڙي قرباني، ۽ ادوم ۾ وڏو قتلام آهي.


۽ انهن سان گڏ سانَ ۽ وهڙا، ۽ ڏاند بہ ذبح ٿيندا؛ ۽ انهن جي زمين رت پي مست ٿيندي، ۽ انهن جي مٽي چرٻيءَ سان سڻڀي ڪئي ويندي.


پر اي خداوند، منهنجي توکي خبر آهي؛ تون مونکي ڏسين ٿو ۽ منهنجي دل جا تو سان آهي، تنهن جي آزمائش وٺين ٿو: هنن کي ڪوس جي رڍن وانگي ڇڪي ٻاهر ڪڍ، ۽ ذبح جي ڏينهن لاءِ هنن کي تيار ڪري رک.


اي ڌنار، واويلا مچايو ۽ دانهن ڪريو؛ اي گلي جا سردار، اوهين خاڪ ۾ ليٽو؛ ڇالاءِ جو اوهان جي ڪوس جا ڏينهن اچي ڀريا آهن، ۽ آءٌ اوهان کي ڀڃي پرزا پرزا ڪندس، ۽ اوهين هڪڙي نازڪ ٿانوَ وانگي ڪري پوندا.


۽ سڀ قومون هن جي، ۽ سندس پٽ جي، ۽ سندس پوٽي جي خدمت ڪنديون، جيسين ڪ خود سندس ملڪ جو وقت اچي: پوءِ گهڻيون قومون ۽ وڏا بادشاهہ پنهنجي لاءِ هن کان خدمت چاڪري وٺندا.


منجهس جيڪي ڀاڙي ڪيل ماڻهو آهن سي بہ آهري جي گابن وانگي آهن؛ ڇالاءِ جو اُهي پٺ تي موٽيا آهن، اُهي گڏجي اُٿي ڀڳا آهن، اهي بيٺا ئي ڪين: ڇالاءِ جو سندن مصيبت جو ڏينهن اچي بيٺو آهي، يعني سندن سزا جو وقت.


لعنت هجي انهي تي جو خداوند جو ڪم بي پرواهيءَ سان ٿو ڪري، ۽ لعنت هجي انهي تي جو پنهنجي ترار کي خون وهائڻ کان روڪي ٿو.


موآب ويران ٿي ويو آهي ۽ هو ان جي شهرن ۾ چڙهي ويا آهن، ۽ ان جا چونڊيل جوان مرد قتلام لاءِ لهي ويا آهن: ائين اُهو بادشاهہ ٿو فرمائي، جنهن جو نالو لشڪرن جو خداوند آهي.


جيڪو ڊپ کان بچندو سو کڏ ۾ ڪِرندو: ۽ جيڪو کڏ مان نڪرندو سو ڦانڌي ۾ ڦاسي پوندو: ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ انهي تي، يعني موآب تي، سندن سزا جو سال آڻيندس.


ڇالاءِ، جو اي منهنجي ورثي جي لٽڻ وارا، اوهين خوش آهيو، اوهين بري هلت ٿا ڪريو، ۽ انهي گابيءَ وانگي ٽپا ڏيو ٿا جا اَن لتاڙي ٿي، ۽ مضبوط گهوڙن وانگي هڻڪون ٿا؛


خداوند، لشڪرن جو خداوند، ٿو فرمائي، تہ اي مغرور، ڏس، آءٌ تنهنجي برخلاف آهيان: ڇالاءِ جو تنهنجو ڏينهن آيو آهي، اُهو وقت، جڏهن آءٌ اچي تنهنجي خبر لهندس.


آءٌ هنن کي گهيٽن وانگي، ۽ گهٽن وانگي، ٻڪرن سميت ڪوس لاءِ آڻيندس.


هنن منهنجيون آهون ٻڌيون آهن: مون کي ڪوبہ تسلي ڏيڻ وارو ڪونهي: منهنجن سڀني دشمنن منهنجي تڪليف جو ٻڌو آهي؛ اُهي خوش ٿيا آهن تہ تو ائين ڪيو آهي: تون اُهو ڏينهن آڻيندين، جنهن جي تو اڳيئي خبر ڏيئي ڇڏي آهي، ۽ هو مون جهڙا ٿيندا.


۽ انهي جي عذاب جي ڊپ کان پري بيهي چوندا تہ هاءِ هاءِ، اي بابل وڏا شهر، مضبوط شهر! هڪڙي ڪلاڪ ۾ تنهنجي سزا اچي پهتي آهي.


پوءِ مون هڪڙي ملائڪ کي سج تي بيٺل ڏٺو؛ ۽ انهي وڏي آواز سان آسمان ۾ سڀني اُڏامندڙ پکين کي سڏ ڪري چيو تہ اچو، ۽ خدا جي وڏيءَ ضيافت ۾ اچي گڏ ٿيو؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ