Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 50:25 - Sindhi Bible

25 خداوند پنهنجو صلاح خانو کوليو آهي ۽ پنهنجي ڪاوڙ جا هٿيار ڪڍي آندا اٿس: ڇالاءِ جو خداوند، لشڪرن جي خداوند کي ڪسدين جي ملڪ ۾ ڪو ڪم ڪرڻو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

25 مون خداوند پنهنجي اسلح خاني جا در کوليا آهن، ۽ پنهنجي غضب جا هٿيار ڪڍي آندا اٿم، ڇاڪاڻ تہ مون خداوند، قادرِمطلق خدا کي اوهان بابلين جي ملڪ ۾ هڪ ڪم ڪرڻو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 50:25
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اي پهلوان، تنهنجي ترار جا تنهنجي حشمت ۽ تنهنجو شان آهي، سا پنهنجيءَ چيلهہ سان ٻڌ.


تنهنجا تير تکا آهن؛ اهي بادشاهہ جي دشمنن جي دلين ۾ لڳن ٿا، ۽ قومون تنهنجي تابع ٿينديون.


جيڪو بہ لڀندو تنهن کي ونڌيندا؛ ۽ جيڪو بہ گرفتار ٿيندو سو ترار سان ماريو ويندو.


انهي جي چوڌاري مٿس هڪلون ڪريو؛ هوءَ اچي پيش پئي آهي؛ انهي جا ڪوٽ ڪنگرا ڪري پيا آهن، انهي جون ڀتيون ڊاٺيون ويون آهن: ڇالاءِ جو خداوند انهي کان وير ورتو آهي؛ اوهين بہ انهي کان وير وٺو؛ جيئن هن پاڻ ڪيو آهي تيئن اوهين بہ ساڻس ڪريو.


تون منهنجي جنگي تبر آهين ۽ جنگ جا هٿيار آهين: تو سان آءٌ قومن کي ڀڃي پرزا پرزا ڪري ڇڏيندس؛ ۽ تو سان آءٌ بادشاهتون ناس ڪري ڇڏيندس؛


خداوند ٿو فرمائي تہ اي ناس ڪندڙ جبل، ڏس، آءٌ تنهنجي برخلاف آهيان، جو تون سڄي زمين کي ناس ٿو ڪرين: ۽ آءٌ پنهنجو هٿ توتي ڊگهيريندس ۽ ٽڪرن مان توکي ليٽائيندس ۽ توکي هڪڙو سڙيل جبل ڪندس.


ڇالاءِ جو خداوند بابل کي لٽي ٿو، ۽ منجهانئس وڏو گوڙ شور اصل ڪڍي ڇڏي ٿو: ۽ هنن جون لهرون گهڻي پاڻيءَ وانگي گجن ٿيون، هنن جي آواز جو گوڙ ٿو اچي.


ڇا ڪنهن شهر ۾ قرناءِ وڄائي ويندي ۽ ماڻهو نہ ڊڄندا؟ ڪنهن شهر تي ڪا مصيبت اچي پوندي، ۽ خداوند اُها نہ موڪلي هوندي ڇا؟


تنهنڪري هن جون آفتون هڪڙي ئي ڏينهن ۾ اينديون، يعني موت ۽ ماتم، ۽ ڏڪار؛ ۽ هوءَ باهہ سان ساڙي چٽ ڪئي ويندي؛ ڇالاءِ تہ خداوند خدا، جنهن هن جي عدالت ڪئي سو قادر آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ