يرمياہ 50:21 - Sindhi Bible21 مراتايم جي زمين تي چڙهي وڃ، هائو، اُنهي تي ۽ فقود جي رهاڪن تي: خداوند ٿو فرمائي، تہ انهن کي ڪُهہ، ۽ انهن کي اصل ناس ڪري ڇڏ، ۽ جيئن مون توکي حڪم ڏنو آهي تيئن ڪر. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Muslim Sindhi Bible21 خداوند بابل جي دشمنن کي فرمائي ٿو تہ ”بابل ملڪ جي مراتايم ۽ فقود جي علائقن تي حملو ڪريو، انهن جي رهاڪن کي قتل ڪري بلڪل ناس ڪري ڇڏيو، جيئن مون اوهان کي حڪم ڏنو آهي تيئن ئي ڪريو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
فارس جو بادشاهہ خورس هيئن ٿو فرمائي تہ خداوند، آسمان جي خدا دنيا جون سڀ بادشاهتون مون کي عطا ڪيون آهن؛ ۽ هن مون کي حڪم ڪيو آهي تہ يروشلم، جو يهوداہ ۾ آهي، تنهن ۾ سندس لاءِ هڪڙو گهر جوڙيان. تنهنڪري انهيءَ جي ساريءَ قوم مان جيڪو بہ ماڻهو اوهان ۾ هجي، تنهن سان خداوند سندس خدا شل همراهہ ٿئي، ۽ اهو ڀلي موٽي وڃي.