Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 50:20 - Sindhi Bible

20 خداوند ٿو فرمائي، تہ انهن ڏينهن ۾ انهي وقت اسرائيل جي ڏوهہ جي ڳولا ٿيندي، پر ڪوبہ ڪونہ ظاهر ٿيندو؛ ۽ يهوداہ جي گناهن جي پڇاڙي ٿيندي ۽ اُهي نہ لڀندا: ڇالاءِ جو جن کي آءٌ باقي بچائي ڇڏي ٿو ڏيان، تن کي آءٌ معافي ڏيندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

20 انهن ڏينهن ۾ اسرائيل توڙي يهوداہ وارن ۾ ڪو گناهہ ڳوليو بہ نہ لڀندو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ انهن مان جن کي باقي بچائي وٺندس، تن جو هر گناهہ ۽ هر خطا معاف ڪري ڇڏيندس. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 50:20
30 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيترو اُڀرندو الهندي کان پري آهي، اوترو ئي هن اسان جا گناهہ اسان کان پري ڪيا آهن.


تو منهنجيءَ دل کي آزمايو آهي؛ ۽ رات جو مون تي نظر ڪئي اٿيئي؛ تو مون کي جاچيو آهي، پر مون ۾ ڪا خرابي ڪانہ ڏٺي اٿيئي؛ مون ارادو ڪيو آهي تہ منهنجي واتان برائي نہ ٿئي.


تو پنهنجي غضب کي کڻي ورتو آهي: ۽ پنهنجي سخت ڪاوڙ کي ٽاري ڇڏيو اٿيئي.


جي لشڪرن جو خداوند اسان جي لاءِ ڪي ٿورا ماڻهو باقي نہ بچائي ها، تہ اسين جيڪر سدوم جهڙا ٿيون ها، اسين جيڪر عموراہ جهڙا ٿيون ها.


باقي رهيل، يعني يعقوب جا باقي رهيل، قادر خدا ڏي موٽندا.


اتي جي رهاڪن مان ڪو ڪونہ چوندو تہ آءٌ بيمار آهيان: انهي ۾ رهندڙ ماڻهن جون خطائون معاف ڪيون وينديون.


آءٌ هائو آءٌ، اهو آهيان جو پنهنجي خاطر تنهنجون خطائون مٽائي ٿو ڇڏيان؛ ۽ آءٌ تنهنجا گناهہ ياد نہ ڪندس.


مون تنهنجون خطائون گهاٽي ڪڪرن وانگي، ۽ تنهنجا گناهہ بادل وانگي ميساري ڇڏيا آهن: مون ڏانهن ڦر؛ ڇالاءِ جو مون تنهنجو عيوضو ڏنو آهي.


۽ هنن مان ڪوبہ وري اڳتي پنهنجي پاڙيسريءَ کي ۽ پنهنجي ڀاءُ کي ائين چئي نہ سيکاريندو تہ خداوند کي سڃاڻ: ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي، تہ ننڍي کان وٺي وڏي تائين هو سڀ مون کي سڃاڻندا، ڇالاءِ جو آءٌ هنن جي بدڪاري معاف ڪندس، ۽ هنن جو گناهہ وري اڳتي ياد نہ ڪندس.


انهن ڏينهن ۾، ۽ انهيءَ وقت آءٌ دائود جي لاءِ سچائيءَ جي هڪڙي شاخ ڦٽائيندس؛ ۽ اُهو انهي ملڪ ۾ عدالت ۽ سچائي جا ڪم ڪندو.


۽ آءٌ هنن کي سندن سموري بدڪاريءَ کان پاڪ ڪندس، جنهن جي ڪري هنن منهنجو گناهہ ڪيو آهي؛ ۽ آءٌ سندن سڀ گناهہ معاف ڪندس جن سان هنن منهنجي حڪم عدولي ڪئي آهي.


جنهن ڪري يهوداہ جا باقي رهيل ماڻهو جي مصر جي ملڪ ۾ رهڻ لاءِ اوڏي ويا آهن، تن مان ڪوبہ ڪونہ بچندو يا رهندو، جو يهوداہ جي زمين ۾ موٽي اچي، جتي موٽي اچي رهڻ جي لاءِ هو خواهشمند آهن: ڇالاءِ جو ڀڄي نڪرڻ وارن کانسواءِ ڪوبہ ڪونہ موٽندو.


انهن ڏينهن ۾ ۽ انهي وقت خداوند ٿو فرمائي، تہ بني اسرائيل ايندا، اُهي ۽ بني يهوداہ ٻئي گڏجي؛ ۽ اُهي روئندي پنهنجو رستو ڏيو ويندا، ۽ خداوند پنهنجي خدا کي ڳوليندا.


اي صيون جي ڌيءَ، تنهنجي بدڪاريءَ جي سزا اچي پوري ٿي آهي؛ هو توکي وري قيد ڪري وٺي نہ ويندو: اي ادوم جي ڌيءَ، تنهنجي بدڪاريءَ جي خبر لهندو؛ هو تنهنجو گناهہ کولي ظاهر ڪندو.


جيڪي گناهہ هن ڪيا هوندا، تن مان ڪوبہ هن جي برخلاف ياد نہ ڪيو ويندو: جيڪا سچائي هن ڪئي آهي، انهي جي ڪري هو جيئرو رهندو.


هو ڦرندو ۽ اسان تي رحم ڪندو. هو اسانجن گناهن کي پيرن هيٺ لتاڙيندو: ۽ تون هنن جا سڀ گناهہ سمنڊ جي تري ۾ اُڇلائي ڦٽا ڪندين.


پر آءٌ تنهنجي وچ ۾ هڪڙي ڏکويل ۽ غريب قوم ڇڏيندس، جا خداوند جي نالي تي ڀروسو رکندي.


ڇالاءِ جو اهو پٿر ڏس جو مون يشوع جي اڳيان رکيو آهي؛ هڪڙي پٿر کي ست اکيون آهن: ڏس، لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ ان تي نقش اُڪريندس ۽ آءٌ هڪڙي ڏينهن ۾ انهيءَ زمين جو سڄو گناهہ مٽائيندس.


هن يعقوب ۾ ڪا بڇڙائي ڪانہ ڏٺي آهي، نڪي اسرائيل ۾ ڪا خرابي ڏٺي اٿس: خداوند هن جو خدا، هن سان آهي، ۽ بادشاهہ جي للڪار هنن منجهہ آهي.


تنهنڪري اوهين توبهہ ڪريو، ۽ ڦري اچو، تہ اوهان جا گناهہ ميٽجي وڃن، ۽ انهي طرح خداوند جي حضور مان تازگيءَ جا ڏينهن اچن؛


سو پهريائين خدا پنهنجو بندو کڙو ڪري اوهان ڏانهن موڪليو، تہ اوهان مان هر ڪنهن کي سندس براين کان ڦيري برڪت ڏئي.


پر جيڪڏهن اهو فضل جي ڪري آهي تہ اهو عملن جي ڪري نہ ٿيو، نہ تہ فضل، فضل نہ رهيو.


۽ بخشش جو حال اهڙو نہ آهي جهڙو انهيءَ هڪڙي شخص جي گناهہ ڪرڻ ڪري ٿيو: ڇالاءِ جو هڪڙي ئي ڏوهہ ڪري فتويٰ جاري ٿي، جنهن موجب سزا جو حڪم مليو، پر گهڻن ڏوهن ڪري فضل جي بخشش جاري ٿي، جنهن موجب ماڻهو راستباز ٺهرايا ويا.


نڪي پنهنجن عضون کي گناهہ جي حوالي ڪريو تہ ناراستيءَ جا هٿيار ٿين، پر پاڻ کي مُئلن مان جيئرو سمجهي، خدا جي حوالي ڪريو، تہ راستبازيءَ جا هٿيار ٿين.


۽ اسان جي خداوند جي گهڻي تحمل کي نجات سمجهو؛ جهڙيءَ طرح ڪ اسان جي پياري ڀاءُ پولس اوهان ڏانهن انهيءَ دانائيءَ موجب لکيو آهي جا کيس عطا ٿيل آهي؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ