Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 50:18 - Sindhi Bible

18 تنهن ڪري لشڪرن جو خداوند، اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏس، آءٌ بابل جي بادشاهہ ۽ سندس ملڪ کي سزا ڏيندس، جيئن ڪہ مون اسور جي بادشاهہ کي سزا ڏني آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

18 تنهنڪري قادرِمطلق خداوند، بني اسرائيل جو خدا فرمائي ٿو تہ ”ڏسو، آءٌ بابل جي بادشاهہ ۽ سندس ملڪ کي اهڙي ئي سزا ڏيندس، جهڙي مون اشور جي شهنشاهہ کي ڏني هئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 50:18
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهن ڪري هيئن ٿيندو تہ جڏهن خداوند صيون جبل تي ۽ يروشلم تي پنهنجو سڄو ڪم ڪري رهندو، تڏهن آءٌ اسور جي بادشاهہ جي گستاخ دل جي ڪم کي، ۽ سندس مٿانهين نگاهہ جي وڏائيءَ کي سزا ڏيندس.


۽ سڀ قومون هن جي، ۽ سندس پٽ جي، ۽ سندس پوٽي جي خدمت ڪنديون، جيسين ڪ خود سندس ملڪ جو وقت اچي: پوءِ گهڻيون قومون ۽ وڏا بادشاهہ پنهنجي لاءِ هن کان خدمت چاڪري وٺندا.


ڇالاءِ جو اهو ڏينهن، يعني خداوند لشڪرن جي خدا جو ڏينهن، وير وٺڻ جو ڏينهن آهي، انهي لاءِ تہ هو پنهنجي دشمنن کان وير وٺي: ۽ ترار کائي ويندي ۽ ڍءُ ڪندي، ۽ هنن جي رت مان پنهنجو پيٽ ڀريندي: ڇالاءِ جو خداوند، لشڪرن جي خداوند لاءِ اُتر واري ملڪ ۾ فرات نديءَ جي ڪناري تي هڪڙي قرباني ٿيڻي آهي.


اي اسور جا بادشاهہ، تنهنجا ڌنار سمهيا پيا آهن، تنهنجا امير آرام ۾ آهن، تنهنجي رعيت جبلن تي پکڙي پيئي آهي، ۽ ڪوبہ انهن کي گڏ ڪرڻ وارو ڪونهي.


۽ ائين ٿيندو تہ جيڪي توکي ڏسندا سي توکان ڀڄي پري ٿيندا، ۽ چوندا تہ نينوہ ويران ڪئي ويئي آهي؛ ڪير اُنهي جي لاءِ ماتم ڪندو؟ توکي دلاسي ڏيڻ وارا ڪٿان ڳوليان؟


ڇالاءِ جو تو گهڻين ئي قومن کي لُٽيو آهي ۽ تو ماڻهن جو رت وهايو آهي، ۽ ملڪ، ۽ شهر جي رهندڙن سان ظلم ڪيو اٿيئي. تنهنڪري باقي بچيل قومون توکي لُٽينديون.


جيڪڏهن آءٌ پنهنجي چمڪندڙ ترار تکي ڪندس، ۽ عدالت جو ڪم پنهنجي هٿ ۾ کڻندس؛ تہ پوءِ جيڪي منهنجي مخالفت ٿا ڪن، تن کان وير وٺندس، ۽ جيڪي مون سان دشمني ٿا رکن، تن کي بدلو ڏيندس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ