Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 50:17 - Sindhi Bible

17 اسرائيل رلي ويل رڍ آهي؛ شينهن انهي کي ڀڄائي ڪڍيو آهي: پهرين اشور جو بادشاهہ انهي کي کائي ويو؛ ۽ پڇاڙيءَ ۾ هن بابل جي بادشاهہ نبوڪدرضر ان جا هڏ ڀڃي ڇڏيا آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

17 بني اسرائيل وارا ڀٽڪيل رڍن جي ڌڻ وانگر آهن، جنهن جو پيڇو ڪري شينهن کيس ڇڙوڇڙ ڪري ڇڏيو آهي. پهريائين اشور جو شهنشاهہ بني اسرائيل کي ڳڙڪائي ويو ۽ بعد ۾ بابل جي بادشاهہ نبوڪدنضر انهن جا هڏا بہ چٻاڙي ڇڏيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 50:17
38 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اسور جو بادشاهہ پول ملڪ تي ڪاهي آيو؛ ۽ مناحم پول کي هڪ هزار چانديءَ جا قنطار ڏنا تہ سندس هٿن ۾ بادشاهي قائم ڪرڻ ۾ کيس مدد ڏئي.


اسرائيل جي بادشاهہ فقح جي ڏينهن ۾ تگلت پلاسر، اسور جي بادشاهہ، ڪاهي اچي ايون، ۽ ابيل ۽ بيت معڪہ، ۽ ينوحہ، ۽ قادس، ۽ حصور، ۽ جلعاد، ۽ گليل، ۽ نفتاليءَ جي ساري زمين ورتي؛ ۽ انهن کي گرفتار ڪري اسور ڏانهن وٺي ويو.


هن جي ڏينهن ۾ بابل جو بادشاهہ نبوڪدنضر چڙهي آيو، ۽ يهويقيم ٽي ورهيہ هن جو ٻانهو ٿيو: تنهن کانپوءِ هن ڦري هن جي برخلاف فساد ڪيو.


انهيءَ وقت بابل جو بادشاهہ نبوڪدنضر يروشلم ۾ آيو ۽ شهر کي گهيرو ڪيائين.


۽ هن جي بادشاهيءَ جي نائين ورهيہ جي ڏهين مهيني جي ڏهين تاريخ هيئن ٿيو تہ بابل جو بادشاهہ نبوڪدنضر پنهنجو سمورو لشڪر وٺي يروشلم تي ڪاهي آيو ۽ اُن جي سامهون اچي منزل ڪيائين؛ ۽ اُن جي چوڌاري ڪوٽ جوڙايائين.


۽ اسور جو بادشاهہ تگلت پلناسر هن تي ڪاهي آيو ۽ هن کي سوڙهو گهٽيائين، پر مدد ڪانہ ڪيائينس.


جنهنڪري خداوند هنن تي اسور جي بادشاهہ جي لشڪر جا سردار آندا، جن منسي کي زنجيرن ۾ قابو ڪيو، ۽ ٻيڙين سان ٻڌي بابل ڏي کڻي ويس.


ڇالاءِ جو ديمون جون نديون رت سان ڀريل آهن: پر آءٌ اڃا بہ ڪي زيادہ ديمون تي آڻيندس؛ جيڪو موآب مان ڀڄي نڪري ٿو تنهن تي، ۽ ملڪ جي باقي بچيلن تي، آءٌ هڪڙو شينهن آڻيندس.


آءٌ پنهنجيءَ اُمت سان ڪاوڙيل هوس، مون پنهنجيءَ ميراث کي پليت ڪيو، ۽ انهن کي تنهنجي حوالي ڪيم: تو انهن تي رحم نہ ڪيو؛ تو ٻڍن تي بہ پنهنجي ڳري پاڃاري رکي.


جيڪي بت پرست توکي نٿا سڃاڻن تن کي، ۽ جيڪي قبيلا تنهنجو نالو وٺي نٿا سڏين، تن تي پنهنجو قهر اوتي وجهہ؛ ڇالاءِ جو هنن يعقوب کي ڳڙڪائي ڇڏيو آهي؛ هائو انهن انهي کي کائي کپائي ڇڏيو آهي، ۽ انهي جي رهڻ جي جاءِ ويران ڪري ڇڏي اٿن.


جوان شينهن اُنهي تي گوڙ ڪيو آهي، ۽ اُهي گجيا آهن: ۽ انهن هن جي زمين سڃي ڪري ڇڏي آهي؛ هن جا شهر سڙي ويا آهن، ۽ منجهن رهڻ وارو ڪونهي.


۽ پوءِ خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ يهوداہ جي بادشاهہ صدقياہ کي، ۽ سندس نوڪر ۽ ماڻهو، جي هن شهر ۾ مرض، ۽ ترار، ۽ ڏڪار کان باقي وڃي بچندا، تن کي بابل جي بادشاهہ نبوڪد نضر جي هٿن ۾، ۽ سندن دشمنن جي هٿن ۾، ۽ جيڪي سندن حياتيءَ جا ڳولائو آهن تن جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيندس: ۽ اهو هنن کي ترار جي ڌار سان ماريندو؛ هو انهن کي ڇڏي نہ ڏيندو، نہ انهن تي ڪو قياس ۽ نہ ڪو رحم ايندس.


هڪڙو شينهن پنهنجي گهاٽي جهنگ مان نڪتو آهي، يعني هڪڙو قومن کي ناس ڪندڙ: اهو پنڌ ۾ آهي، اُهو پنهنجي جاءِ تان هليو آهي؛ انهي لاءِ تہ ملڪ کي ويران ڪري، ۽ تنهنجا شهر سڃا ٿي وڃن، ۽ منجهن رهڻ وارو ڪونہ بچي.


ڏس، هو شينهن وانگي يردن جي جهنگ مان نڪري مضبوط مڪان تي چڙهي ايندو: ۽ آءٌ اوچتو هن کي اُتان ڀڄائي ڪڍندس؛ ۽ جيڪو چونڊيو ويندو، تنهن کي آءٌ اُن جي مٿان مقرر ڪندس: ڇالاءِ جو ڪير مون جهڙو آهي؟ ۽ ڪير منهنجي لاءِ وقت مقرر ڪندو؟ ۽ اُهو ڪهڙو ڌنار آهي جو منهنجي اڳيان بيهندو؟


۽ هو تنهنجو فصل کائي ويندا، ۽ تنهنجي ماني بہ، جا تنهنجن پٽن ۽ تنهنجن ڌيئن کي کائڻ گهرجي: هو تنهنجا ڌڻ ۽ تنهنجا گلا کائي ويندا: هو تنهنجون ڊاکون ۽ تنهنجا انجير جا وڻ، کائي ڇڏيندا: هو تنهنجا ڪوٽن وارا شهر، جن تي تنهنجو ڀروسو آهي، سي ترار سان چٽ ڪندا.


جنهن ڪري ٻيلي مان هڪڙو شينهن اچي هنن کي ماريندو، ۽ رڻ پٽ وارو بگهڙ هنن کي لٽيندو؛ ۽ چيتو هنن جي شهرن جي اڳيان ڄڪ هڻندو، ۽ جيڪو اُتان ٻاهر نڪرندو سو ٽڪر ٽڪر ڪيو ويندو: ڇالاءِ جو هنن جا قصور گهڻا آهن، ۽ هنن جي بي وفائي وڌي وئي آهي.


منهنجي قوم رلي ويل رڍن وانگي ٿي پئي آهي: انهن جي ڌنارن انهن کي گمراهہ ڪري ڇڏيو آهي، هنن انهن کي جبلن تي هڪالي ڇڏيو آهي: اهي جبل کان ٽڪريءَ ڏي ويا آهن، ۽ پنهنجي آرام جي جاءِ وساري ڇڏي اٿن.


هو جوان شينهن وانگي گڏجي گوڙ ڪندا؛ هو شينهن جي ٻچن وانگي گرجندا.


جڏهن صدقياہ بادشاهت ڪرڻ لڳو تڏهن ايڪيهن ورهين جو هو، ۽ هن يروشلم ۾ يارهن ورهيہ حڪومت ڪئي: ۽ اُن جي ماءُ جو نالو حموطل هو، جا لبناہ واري يرمياہ جي ڌيءَ هئي.


جيئن ڪو ڌنار انهي ڏينهن پنهنجو ڌڻ ڳولي لهي، جنهن ڏينهن هو پنهنجين رلي ويل رڍن ۾ هجي، تيئن آءٌ بہ پنهنجون رڍون ڳولي لهندس؛ ۽ جن جن جاين تي هو بادل ۽ اونداهيءَ واري ڏينهن پکڙي ويون آهن اُتان آءٌ انهن کي ڇڏائيندس.


۽ بادشاهہ جي حڪم ڪرڻ تي انهن ماڻهن کي وٺي آيا جن داني ايل تي تهمت آندي هئي، ۽ انهن کي سندن ٻارن ٻچن ۽ زالن سميت کڻي شينهن جي غار ۾ وڌائون؛ ۽ شينهن انهن تي اچي ڪاهي پيا، ۽ غار جي تري تائين پهچڻ کان اڳي انهن جا هڏ گڏ ڀڃي پرزا پرزا ڪري ڇڏيائون.


تڏهن آءٌ سڀ قومون گڏ ڪندس، ۽ سڀني کي يهوسفط جي واديءَ ۾ لاهيندس؛ ۽ اُتي آءٌ پنهنجي اُمت جي لاءِ، ۽ پنهنجي ميراث اسرائيل جي لاءِ ساڻن حجت دليل ڪندس، جو هنن انهن کي قومن ۾ پکيڙي ڇڏيو آهي ۽ منهنجي زمين ورهائي ڇڏي اٿن.


ڇالاءِ جو پهرين اوهين رڍن وانگر رُلي ويا هئا؛ پر هاڻي پنهنجن روحن جي ڌنار ۽ نگهبان (بشپ) وٽ موٽي آيا آهيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ