Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 50:16 - Sindhi Bible

16 بابل مان هاريءَ کي وڍي ڇڏيو، ۽ انهي کي بہ جو فصل لهڻ وقت ڏاٽو کڻي لابارو ڪري ٿو: ظلم ڪندڙ ترار جي ڊپ کان هنن مان هرڪو پنهنجي پنهنجي قوم ڏي ڦرندو، ۽ هرڪو پنهنجي پنهنجي زمين ڏانهن ڀڄندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

16 بابل ۾ ٻج پوکيندڙن توڙي لابارو ڪندڙن کي سڄي ملڪ مان چٽ ڪري ڇڏيو، انهيءَ لاءِ تہ منجھس ڪو فصل ئي نہ ٿئي. ظالم جي تلوار جي ڊپ کان هنن مان هر ڪو پرديسي پنهنجي پنهنجي قوم ڏانهن موٽ ڪندو. هائو، هر ڪو پنهنجي پنهنجي ملڪ ڏانهن ڀڄي ويندو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 50:16
7 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هيئن ٿيندو جو ڀڄايل هرڻ وانگي، ۽ انهن رڍن وانگي جن کي ڪوبہ گڏ نٿو ڪري، هو سڀ ڪنهن ماڻهوءَ کي پنهنجي قوم ڏي ورائيندا، ۽ سڀ ڪنهن ماڻهوءَ کي پنهنجي ملڪ ڏي ڀڄائيندا.


هن شينهن وانگي پنهنجي ڏر ڇڏي ڏني آهي! ڇالاءِ جو هنن جو ملڪ زبردست ترار جي سختيءَ ڪري ۽ انهي جي خوفناڪ ڪاوڙ ڪري، حيرت جو سبب ٿي پيو آهي.


هن گهڻن کي آٿڙائي وڌو، هائو، هو هڪ ٻئي تي ڪري پيا: ۽ چوڻ لڳا تہ اُٿو تہ هن ظلم ڪندڙ ترار کان نڪري وڃي پنهنجي قوم ڏي ۽ پنهنجي وطن ڏي هلون.


۽ تو سان آءٌ ڌنار ۽ سندس ڌڻ کي ڀڃي پرزا پرزا ڪندس؛ ۽ توسان آءٌ هاري ۽ سندس ڏاندن جي جوڳ کي ڀڃي پرزا پرزا ڪندس؛ ۽ توسان آءٌ حاڪمن ۽ نائبن کي ڀڃي پرزا پرزا ڪندس.


اسين جيڪر بابل کي ڇُٽايون ها، پر هو نہ ڇُٽو: اُن کي ڇڏي ڏيو، هلو تہ اسان مان هرڪو پنهنجي پنهنجي ملڪ ڏي هليو هلي: ڇالاءِ جو اُن جي سزا آسمان تائين پهتي آهي، بلڪ آسمانن تائين چڙهي ويئي آهي.


اي ڪڙمي، اوهين ڪڻڪ ۽ جَوَن جي لاءِ شرمندا ٿيندا، اي ڊاک جا باغبان، اوهين واويلا مچايو؛ ڇالاءِ جو ٻنيءَ جو فصل چٽ ٿي ويو آهي.


تنهنڪري خداوند، لشڪرن جو خدا ٿو فرمائي، تہ سڀني ڪشادن رستن تي واويلا ٿيندي؛ ۽ سڀني گهٽين ۾ هو چوندا تہ افسوس، افسوس، ۽ هو بچيلن کي ماتم ڪرڻ لاءِ سڏيندا، ۽ جيڪي اوسارڻ ۾ هوشيار آهن انهن کي روئڻ پِٽڻ لاءِ سڏيندا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ