Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 50:14 - Sindhi Bible

14 ۽ اوهين جي ڪمانون ڪشيو ٿا، سي سڀ بابل جي آس پاس صفون ٻڌي بيهو؛ اُنهي کي تير هڻو، ڪوبہ تير باقي نہ بچايو: ڇالاءِ جو هن خداوند جو گناهہ ڪيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

14 اي تيراندازؤ! اوهين سڀ بابل جي چوڌاري صفون ٻڌي بيهو. مٿس تير وسايو ۽ ڪوبہ تير باقي بچائي نہ رکو، ڇاڪاڻ تہ بابل وارن مون خداوند جو گناهہ ڪيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 50:14
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هاڻي جڏهن يوآب ڏٺو تہ سندس اڳيان توڙي پٺيان هو جنگ لاءِ صفون ٻڌي بيٺا آهن تڏهن هن اسرائيل جي سڀني مکيہ ماڻهن مان ڪي چونڊي ڪڍيا، ۽ اهي ارامين سان وڙهڻ لاءِ تيار ڪري بيهاريائين:


مون رڳو تنهنجو ئي گناهہ ڪيو آهي، ۽ جيڪي تنهنجي نظر ۾ خراب آهي سو ڪيو اٿم: تہ جڏهن تون ڳالهائين تڏهن سچار ثابت ٿين، ۽ جڏهن انصاف ڪرين تڏهن بي عيب هجين.


جبلن ۾ هڪڙي جماعت جو آواز آهي جو هڪڙي وڏي قوم جي گوڙ جهڙو آهي! گڏ ٿيلن قومن جي بادشاهتن جي جنگ جو آواز! لشڪرن جو خداوند جنگ جي لاءِ لشڪر گڏ ڪري ٿو.


انهن جا تير تکا آهن ۽ انهن جون سڀ ڪمانون چڙهيل آهن: انهن جي گهوڙي جا سنب چقمق وانگر، ۽ انهن جي گاڏين جا ڦيٿا واچوڙي جهڙا ٿيندا:


اي گهوڙا اوهين ڪاهي وڃو؛ ۽ اي گاڏيون، اوهين ڪڙڪو ڪريو؛ ڀلي تہ بهادر مرد وڌي اڳتي وڃن: ڪوش ۽ فوت، جي سپر کڻن ٿا؛ ۽ لودي جي ڪمان کڻن ٿا.


مون خداوند کان خبر ٻڌي آهي تہ هڪڙو ايلچي قومن ۾ موڪليو ويو آهي تہ چوي تہ اوهين گڏ ٿيو، ۽ هن تي ڪاهي اچو، ۽ جنگ جي لاءِ چڙهو.


لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏس، عيلام، جو انهن جي مکيہ طاقت آهي، تنهن جي آءٌ ڪمان ڀڃندس.


ڇالاءِ، جو اي منهنجي ورثي جي لٽڻ وارا، اوهين خوش آهيو، اوهين بري هلت ٿا ڪريو، ۽ انهي گابيءَ وانگي ٽپا ڏيو ٿا جا اَن لتاڙي ٿي، ۽ مضبوط گهوڙن وانگي هڻڪون ٿا؛


ڪماندارن کي بابل سان وڙهڻ لاءِ سڏي گڏ ڪريو، انهن سڀني کي جي ڪمان ڪشيندا آهن؛ انهن جي چوڌاري منزل ڪري بيهي وڃو؛ انهن جو ڪوبہ ماڻهو ڀڄي نڪرڻ نہ ڏيو: سندن ڪمن موافق کين بدلو ڏيو؛ جيئن پاڻ ڪيو اٿس، تيئن ساڻس ڪريو: ڇالاءِ جو هن خداوند سان سينو ساهيو آهي، يعني اسرائيل جي پاڪ خدا سان.


اُهي ڪمان ۽ نيزو کڻن ٿا؛ اُهي ظالم آهن ۽ ڪوبہ رحم ڪونہ اٿن: انهن جو آواز سمنڊ وانگي گوڙ ٿو ڪري، ۽ اُهي گهوڙن تي چڙهن ٿا؛ اي بابل جي ڌيءَ، سڀڪو توتي جنگي بهادر وانگي سنبريو اچي.


جن پئي لڌو اٿن تن سڀني هنن کي پئي ڳڙڪايو آهي: ۽ هنن جي دشمنن چيو تہ اسان جو قصور ڪونهي، ڇالاءِ جو هنن خداوند جو گناهہ ڪيو آهي، يعني خداوند، جو سندن ابن ڏاڏن جي اميد هو.


ڇالاءِ جو ڏس، آءٌ اُتر واري ملڪ مان وڏين قومن جي هڪڙي جماعت اُٿاري بابل تي چاڙهي ايندس: ۽ اُهي ان جي سامهون صفون ٻڌي بيهندا؛ ۽ هو وٺجي ويندو: انهن جا تير آزمودگار پهلوان جي تيرن وانگي هوندا، ۽ انهن مان ڪوبہ خالي نہ موٽندو.


۽ آءٌ بابل ڏي اُهي ڌاريا ماڻهو موڪليندس، جي ان کي واءُ هڻندا؛ ۽ اُهي ان جي زمين خالي ڪري ڇڏيندا: ڇالاءِ جو مصيبت جي ڏينهن اُهي چوڌاري سندس برخلاف بيهي ويندا.


اوهين انهي ملڪ ۾ هڪڙو جهنڊو کڙو ڪريو، قومن منجهہ قرناءِ وڄايو، قومن کي ان جي برخلاف تيار ڪريو، هن سان وڙهڻ لاءِ اراراط، مني ۽ اشڪناز جون حڪومتون سڏي آڻي گڏ ڪريو: هن سان وڙهڻ لاءِ هڪڙو سپهہ سالار مقرر ڪريو: گهوڙن کي کهرن سوٻٽن وانگي چاڙهي اچو.


اوهين هن جا جوان ماڻهو متان ڇڏي ڏيو؛ هن جو سڄو لشڪر اوهين اصل ناس ڪري ڇڏيو: هن جي تيرانداز پنهنجي ڪمان نہ ڪشي، ۽ هو پنهنجي زرهہ ۾ نہ اُٿي:


جيڪو ظلم لبنان سان ٿيو، ۽ جيڪو ڪوس جانورن جو ٿيو، جنهنڪري هو ڊڄي ويا، ۽ جيڪو ظلم تو ملڪ ۽ شهر ۽ اُن جي رهاڪن سان ڪيو ۽ ماڻهن جو خون وهايو، سو تو تي ايندو.


ڇالاءِ جو تو گهڻين ئي قومن کي لُٽيو آهي ۽ تو ماڻهن جو رت وهايو آهي، ۽ ملڪ، ۽ شهر جي رهندڙن سان ظلم ڪيو اٿيئي. تنهنڪري باقي بچيل قومون توکي لُٽينديون.


۽ سندس پيشانيءَ تي ڳجهو نالو لکيل هو ”وڏي بابل، ڪسبياڻين ۽ زمين جي براين جي ماءُ.“


۽ دائود صبح جو سوير اُٿيو ۽ رڍون هڪڙي نگهبان جي حوالي ڪري، جيئن يسيءَ حڪم ڏنو هوس تيئن اُهي شيون کڻي هليو ويو؛ ۽ هو گاڏين جي جاءِ تي پهتو، ۽ انهي مهل جيڪو جيڪو لشڪر وڙهڻ لاءِ ٿي ويو، تنهن جنگ جي لاءِ نعرو ٿي هنيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ