Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 50:13 - Sindhi Bible

13 خداوند جي ڪاوڙ ڪري اُها نہ وسندي، پر ويران ٿي ويندي: جيڪو بہ هن جي پاسي کان لنگهندو سو حيرت ۾ پوندو، ۽ اُن جون سڀئي آفتون ڏسي، شوڪارا ڀريندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

13 خداوند جي ڪاوڙ ڪري اُهو وري آباد نہ ٿيندو، بلڪ صفا ويران ٿي ويندو. بابل وٽان لنگھندڙ ماڻهو انهيءَ کي ڏسي عجب ۾ پئجي ويندا ۽ ان تي آيل سڀيئي آفتون ڏسي دهلجي ويندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 50:13
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ماڻهو هن تي تاڙيون وڄائيندا، ۽ هش هش ڪري هن کي پنهنجي جاءِ تان ڀڄائي ڪڍندا.


تہ پنهنجي ملڪ کي ويران ۽ هميشہ جي لاءِ شوڪار جو باعث بنائين؛ جيڪو بہ اتان لنگهندو سو حيران ٿيندو ۽ پنهنجو سر ڌوڻيندو.


۽ آءٌ هن شهر کي هڪڙي عبرت ۽ شوڪار جو باعث بنائيندس؛ جيڪو انهي وٽان لنگهندو سو حيرت ۾ پوندو، ۽ ان جي سڀني آفتن جي سبب شوڪارا ڀريندو.


۽ جڏهن ستر ورهيہ پورا ٿيندا تڏهن خداوند ٿو فرمائي، تہ هيئن ٿيندو جو آءٌ بابل جي بادشاهہ ۽ انهي قوم ۽ ڪسدين جي ملڪ کي سندن بدڪاريءَ سبب سزا ڏيندس؛ ۽ آءٌ انهي زمين کي هميشہ لاءِ ويران ڪندس.


ڏسو، خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ حڪم ڏئي هنن کي هن شهر ڏي آڻيندس؛ ۽ اُهي انهي سان وڙهندا، ۽ انهي کي وٺندا، ۽ باهہ سان ساڙيندا: ۽ آءٌ يهوداہ جي شهرن کي اهڙو ويران ڪندس جو ڪوبہ منجهن رهڻ وارو ڪونہ هوندو.


۽ عدوم حيرت جو سبب ٿيندو: جيڪو انهي جي پاسي کان لنگهندو سو حيرت ۾ پوندو، ۽ اُن جي سڀني آفتن تي شوڪارا ڀريندو.


ڇالاءِ جو اُتر مان اُنهي تي هڪڙي قوم ڪاهيو ٿي اچي جا ان جي ملڪ کي ويران ڪندي، ۽ ڪوبہ اُتي رهڻ وارو ڪونہ هوندو: اُهي ڀڄي ويا آهن، اُهي نڪري ويا آهن، جهڙا ماڻهو تهڙا مرون.


۽ ماڻهو تو مان ڪنڊ جي لاءِ يا بنياد جي لاءِ ڪوبہ پهڻ نہ کڻندا؛ پر خداوند ٿو فرمائي، تہ تون هميشہ جي لاءِ ويران رهندين.


۽ زمين ڏڪي ٿي ۽ سورن ۾ آهي: ڇالاءِ جو خداوند جون رٿون بابل جي برخلاف قائم آهن، انهي لاءِ تہ بابل جي ملڪ کي اهڙو ويران ڪري جو ان ۾ ڪوبہ ماڻهو نہ رهي.


۽ بابل ڍير ٿيندو، يعني گدڙن جي رهڻ جو هنڌ، ۽ حيرت ۽ سوسٽ جو سبب ٿيندو، ۽ منجهس ڪوبہ رهڻ وارو ڪونہ هوندو.


۽ چئجانءِ تہ اي خداوند تو هن هنڌ جي نسبت ۾ چيو آهي تہ اهو اهڙو وڍجي ويندو جو ان ۾ نڪو ماڻهو ۽ نہ مرون رهندو، پر اُهو هميشہ لاءِ ويران رهندو.


قومن ۾ سوداگر توتي شوڪارا ڀرين ٿا؛ تون خوف جو سبب ٿي پيو آهين؛ ۽ اڳتي وري ڪڏهن بہ نہ هوندين.


هي اُهو خوشي ڪندڙ شهر آهي جو بي فڪر رهندو هو، ۽ جو پنهنجي دل ۾ چوندو هو، تہ آءٌ ئي آهيان ۽ مون کان سواءِ ٻيو ڪوئي ڪونهي: ڪيئن نہ هو ويران ۽ جانورن جي سمهڻ جي جاءِ ٿي پيو آهي! جيڪو انهيءَ جي پاسي کان لنگهندو سو شوڪارا ڀريندو ۽ پنهنجو هٿ لوڏيندو.


۽ آءٌ انهن قومن تي تمام ناراض آهيان جي آرام ۾ آهن؛ ڇالاءِ جو جڏهن آءٌ ٿورو ئي ناراض هوس، تہ هنن برائي ڪري گهڻي مار ڪٽ ڪئي.


۽ ايندڙ پيڙهين ۾، اوهان کان پوءِ جيڪو اوهان جو اولاد ٿيندو، ۽ ڌاريا ماڻهو جي ڪنهن ڏورانهين ملڪ کان ايندا، سي جڏهن انهي ملڪ جون آفتون ۽ خداوند جون موڪليل بيماريون ڏسندا،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ