Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 50:11 - Sindhi Bible

11 ڇالاءِ، جو اي منهنجي ورثي جي لٽڻ وارا، اوهين خوش آهيو، اوهين بري هلت ٿا ڪريو، ۽ انهي گابيءَ وانگي ٽپا ڏيو ٿا جا اَن لتاڙي ٿي، ۽ مضبوط گهوڙن وانگي هڻڪون ٿا؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

11 خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي بابل جا رهاڪؤ! اوهين ڏاڍا سرها ۽ خوش ٿا ٿيو، اي منهنجي قوم کي لٽڻ وارؤ! اوهين اَنُ لتاڙيندڙ گابن وانگر ٽپا ٿا ڏيو. اوهين متل گھوڙن وانگر هڻڪار ٿا ڪريو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 50:11
32 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

گهڻن ڏاندن مونکي گهيريو آهي: ۽ بسن جا زوراور ڏاند منهنجي چوڌاري ڦري آيا آهن.


جيڪو غريبن تي ٺٺوليون ٿو ڪري سو خالق جي حقارت ٿو ڪري: ۽ جيڪو آفت تي خوش ٿو ٿئي سو اڻ سزا ڏنل رهجي نہ ويندو.


آءٌ پنهنجيءَ اُمت سان ڪاوڙيل هوس، مون پنهنجيءَ ميراث کي پليت ڪيو، ۽ انهن کي تنهنجي حوالي ڪيم: تو انهن تي رحم نہ ڪيو؛ تو ٻڍن تي بہ پنهنجي ڳري پاڃاري رکي.


تنهن ڪري هاڻي هي ٻڌ، تون جا عيش عشرت ۾ ٻڏل آهين، ۽ بي پرواهيءَ سان ٿي گذارين، ۽ پنهنجيءَ دل ۾ چوين ٿي تہ آءٌ ئي آهيان، ۽ مون کان سواءِ ٻيو ڪوبہ ڪونهي؛ آءٌ بيوہ ٿي ڪانہ ويهنديس، نڪو منهنجا ٻار مرندا:


خداوند منهنجن انهن سڀني خراب پاڙيسرين جي برخلاف هيئن ٿو فرمائي، جي اُنهي ميراث کي ٿا هٿ لائين جا مون پنهنجي قوم کي ورثي ۾ ڏياري آهي، تہ ڏسو، آءٌ هنن کي سندن زمين مان پٽي ڪڍندس؛ ۽ انهن منجهان يهوداہ جو گهراڻو ڪڍي وٺندس.


مصر ڏاڍي سهڻي گابي آهي؛ پر اُتر مان خرابي اچي ٿي، اُها اڳ ئي هن تي آئي آهي.


منجهس جيڪي ڀاڙي ڪيل ماڻهو آهن سي بہ آهري جي گابن وانگي آهن؛ ڇالاءِ جو اُهي پٺ تي موٽيا آهن، اُهي گڏجي اُٿي ڀڳا آهن، اهي بيٺا ئي ڪين: ڇالاءِ جو سندن مصيبت جو ڏينهن اچي بيٺو آهي، يعني سندن سزا جو وقت.


هو ٿلها ٿيا آهن، هو چمڪن ٿا: هائو، هو شرارت جي ڪمن ۾ گوءِ کڻي ويا آهن: هو يتيمن جي طرفان حجت دليل نٿا ڪن تہ هو سکيا ٿين: ۽ هو محتاجن جي حق جو انصاف نٿا ڪن.


هو ڍاول گهوڙن جهڙا هئا جي عام رلن ٿا: هرڪو پنهنجي پاڙيسريءَ جي زال جي پٺيان پئي هڻڪيو.


اسرائيل رلي ويل رڍ آهي؛ شينهن انهي کي ڀڄائي ڪڍيو آهي: پهرين اشور جو بادشاهہ انهي کي کائي ويو؛ ۽ پڇاڙيءَ ۾ هن بابل جي بادشاهہ نبوڪدرضر ان جا هڏ ڀڃي ڇڏيا آهن.


اُن جا سڀ ڍڳا ڪهو؛ انهن کي ڪوس لاءِ لهڻ ڏيو: ويل آهي انهن سان! ڇالاءِ جو انهن جو ڏينهن ۽ انهن جي سزا جو وقت اچي پهتو آهي.


هنن منهنجيون آهون ٻڌيون آهن: مون کي ڪوبہ تسلي ڏيڻ وارو ڪونهي: منهنجن سڀني دشمنن منهنجي تڪليف جو ٻڌو آهي؛ اُهي خوش ٿيا آهن تہ تو ائين ڪيو آهي: تون اُهو ڏينهن آڻيندين، جنهن جي تو اڳيئي خبر ڏيئي ڇڏي آهي، ۽ هو مون جهڙا ٿيندا.


جيئن تو اسرائيل جي گهراڻي جي ميراث جي ويران ٿيڻ تي خوشيون ڪيون، تيئن آءٌ توسان ڪندس: اي شعير جا جبل، تون ويران ٿيندين، ۽ سڄو ادوم بہ، بلڪ اهو سڄو ملڪ، ۽ هو ڄاڻندا تہ آءٌ خداوند آهيان.


تنهنڪري خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ يقيناً مون پنهنجي غيرت جي باهہ ۾، قومن مان باقي رهيلن جي برخلاف، ۽ سڄي ادوم جي برخلاف ڳالهايو آهي، جن پنهنجي سڄي دل جي خوشي ۽ اندر جي نفرت سان منهنجي زمين کي پنهنجي لاءِ موروثي ملڪيت ٺهرايو آهي، انهي لاءِ تہ انهي کي لٽجڻ لاءِ اُڇلائي ڇڏين.


۽ افرائيم هڪڙي گابي آهي جا هيرائي ويئي آهي، ۽ جا اَن ڳاهڻ پسند ٿي ڪري؛ پر مون انهي جي سهڻي ڳچيءَ تي سزا وڌي آهي؛ ۽ آءٌ افرائيم تي هڪڙو سوار ويهاريندس. يهوداہ هر کيڙيندو، يعقوب انهي جا ڀتر ڀڃندو.


بسن جون ڍڳيون، جي سامريہ جي جبلن ۾ آهن، جي غريبن کي ستائين ٿيون ۽ مسڪينن کي چٿين ٿيون، ۽ پنهنجن مڙسن کي ٿيون چون تہ کڻي اچو تہ پيون، اوهين اهو ڪلام ٻڌو.


پر تون پنهنجي ڀاءُ جي مصيبت جي ڏينهن نہ بيهي نهار، ۽ يهوداہ جي اولاد تي سندن تباهي جي ڏينهن خوشي نہ ڪر؛ نڪي مصيبت جي ڏينهن فخر جون ڳالهيون ڪر.


هو انهن سڀني کي ڪنڍيءَ سان ڪڍي پنهنجي ڄار ۾ ڦاسائي ٿو، ۽ انهن کي پنهنجي وڏي ڄار ۾ گڏ ڪري ٿو، ۽ هو خوش ۽ سرهو ٿو ٿئي.


۽ هيئن ٿيندو تہ اُهي قومون جي يروشلم سان وڙهيون آهن، تن تي خداوند هيءَ آفت آڻيندو: تہ بيٺي بيٺي سندن گوشت ڳري ويندو، ۽ سندن اکيون پنهنجين کڏن ۾ ڳري وينديون، ۽ سندن ڄڀ سندن وات ۾ سڙي ويندي.


پر يسورن مچي ٿلهو ٿيو، ۽ لتون هڻڻ لڳو: تون ٿلهو ٿيو آهين، تون متارو ٿيو آهين، تون سڻڀو ٿيو آهين: تڏهن هن خدا کي ڇڏي ڏنو جنهن کيس جوڙيو، ۽ پنهنجي نجات جي ٽڪر جي بي قدري ڪيائين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ