Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 50:10 - Sindhi Bible

10 ۽ ڪسديہ لٽجي ويندو: خداوند ٿو فرمائي تہ، اُتي سڀ لٽيندڙ ڍءُ ڪندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

10 سو بابل لٽجي ويندو ۽ انهيءَ جا سڀ لٽيندڙ مالا مال ٿي ويندا. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 50:10
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهنجون رسيون ڍريون ٿي ويون آهن؛ اهي پنهنجي کوهي جي پاڙ مضبوط ڪري نہ سگهيا، اهي پنهنجو سڙهہ چاڙهي نہ سگهيا: تڏهن وڏيءَ لٽ جو مال ورهايو ويو؛ منڊن کي لٽ جو مال مليو.


اوهان جي لٽ جو مال ائين گڏ ڪيو ويندو، جيئن سوٻٽ گڏ ڪندا آهن: هو انهي تي ائين ٽپندا جيئن مڪڙ ٽپندا آهن.


آءٌ توکي اوندهہ جا خزانا، ۽ ڳجهين جاين ۾ لڪل دولت ڏيندس، تہ توکي خبر پوي تہ آءٌ اهو خداوند اسرائيل جو خدا آهيان، جو تنهنجو نالو وٺي توکي سڏيان ٿو.


۽ جڏهن ستر ورهيہ پورا ٿيندا تڏهن خداوند ٿو فرمائي، تہ هيئن ٿيندو جو آءٌ بابل جي بادشاهہ ۽ انهي قوم ۽ ڪسدين جي ملڪ کي سندن بدڪاريءَ سبب سزا ڏيندس؛ ۽ آءٌ انهي زمين کي هميشہ لاءِ ويران ڪندس.


۽ سڀ قومون هن جي، ۽ سندس پٽ جي، ۽ سندس پوٽي جي خدمت ڪنديون، جيسين ڪ خود سندس ملڪ جو وقت اچي: پوءِ گهڻيون قومون ۽ وڏا بادشاهہ پنهنجي لاءِ هن کان خدمت چاڪري وٺندا.


سڀني پاسن کان اُن تي چڙهي اچو، ان جا انبار خانا کوليو: ان کي اُڇلائي ڍير ڪريو، ۽ ان کي بلڪل ناس ڪري ڇڏيو، جيئن ان جي ڪابہ شيءِ باقي نہ بچي.


انهن جي گهوڙن تي، ۽ انهن جي گاڏين تي، ۽ انهي ۾ جيڪي گڏيل قوم جا ماڻهو آهن تن تي بہ هڪڙي ترار آهي، ۽ اُهي زالن وانگر ٿيندا: اُن جي خزانن تي بہ هڪڙي ترار آهي، ۽ اُهي ڦرجي ويندا.


خداوند ٿو فرمائي تہ آءٌ بابل کي ۽ ڪسديہ جي سڀني رهاڪن کي اُهي سڀ خرابيون پهچائيندس جي هنن اوهان جي ڏسندي صيون ۾ ڪيون آهن.


صيون جو رهاڪو چوندو تہ جيڪو ظلم مون سان ۽ منهنجن ماڻهن سان آهي سو شل بابل جي سر تي هجي؛ ۽ يروشلم چوندو تہ منهنجو خون شل ڪسديہ جي ماڻهن جي سر تي هجي.


۽ روح مون کي مٿي کڻي، خدا جي روح جي وسيلي رويا ۾ ڪسدين منجهہ قيدين وٽ آڻي لاٿو. انهي طرح جيڪو رويا مون ڏٺو هو، سو مون وٽان هليو ويو.


ڇالاءِ جو تو گهڻين ئي قومن کي لُٽيو آهي ۽ تو ماڻهن جو رت وهايو آهي، ۽ ملڪ، ۽ شهر جي رهندڙن سان ظلم ڪيو اٿيئي. تنهنڪري باقي بچيل قومون توکي لُٽينديون.


۽ جي ڏهہ سڱ تو ڏٺا سي، ۽ اهو جانور، انهيءَ ڪسبياڻيءَ کي ڌڪاريندا ۽ کيس برباد ۽ اُگهاڙو ڪندا، ۽ سندس گوشت کائي ويندا، ۽ کيس پوريءَ طرح باهہ ۾ ساڙي ڇڏيندا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ