1 اُهو ڪلام جو بابل ۽ ڪسدين جي ملڪ بابت خداوند يرمياہ نبيءَ جي معرفت فرمايو.
1 بابل ملڪ ۽ سندس رهاڪن بابت مون يرمياہ تي خداوند جو فرمان نازل ٿيو تہ
هن جي بادشاهت جي شروعات سنعار ملڪ جي بابل، ارڪ، اڪاد ۽ ڪلنہ مان ٿي.
پوءِ تارح پنهنجي پٽ ابرام ۽ پنهنجي پوٽي لوط کي، جو حاران جو پٽ هو، ۽ پنهنجيءَ ننهن، يعني ابرام جي زال ساريءَ کي پاڻ سان وٺي نڪتو، ۽ اهي سڀيئي ڪسدين جي اور مان روانا ٿيا ۽ ڪنعان جي ملڪ ڏانهن ويا. جڏهن اهي حاران ۾ آيا، تڏهن اتي رهي پيا.
تنهنڪري انهيءَ شهر جو نالو بابل پئجي ويو؛ ڇالاءِ جو اتي خداوند ساري زمين جي ٻولي منجهائي ڇڏي: ۽ اتان خداوند انهن کي ساري زمين تي پکيڙي ڇڏيو.
خداوند جي روح منهنجي معرفت ڳالهايو، ۽ سندس ڪلام منهنجي زبان تي هو.
۽ اسور جي بادشاهہ بابل مان، ۽ ڪوتہ مان، ۽ عوا مان، ۽ حمات ۽ سفروائم مان ماڻهو آڻي بني اسرائيل بدران سامريہ جي شهرن ۾ ويهاريا: ۽ هو سامريہ هٿ ڪري انهيءَ جي شهرن ۾ رهڻ لڳا.
اڃا هن ائين ئي پي ڳالهايو تہ، ٻئي بہ هڪڙي اچي چيو تہ ڪسدي ٽي ٽوليون ڪري ڪاهي اچي اُٺن تي پيا، ۽ انهن کي وٺي ويا آهن، ۽ نوڪرن کي ترار جي ڌار سان ڪهي ڇڏيو اٿن؛ ۽ رڳو آءٌ بچي نڪتو آهيان جو توکي اچي خبر ڏني اٿم.
انهيءَ لاءِ تہ بابل جي بادشاهہ تي تون اهو مثال لاڳو ڪرين، ۽ چوين تہ ظالم ڪيئن نہ بس ڪئي آهي! سونو شهر ڪيئن نہ بند ٿي ويو آهي!
ڪسدين جي زمين ڏس هيءَ قوم نابود ٿي وئي؛ اسورين انهيءَ کي جهنگ جي مرن لاءِ مقرر ڪيو آهي: هنن پنهنجا ٺلهہ کڙا ڪيا، پر هنن محلاتون ڪيرائي وڌيون: هن انهيءَ کي ويران ڪري ڇڏيو.
۽ جڏهن ستر ورهيہ پورا ٿيندا تڏهن خداوند ٿو فرمائي، تہ هيئن ٿيندو جو آءٌ بابل جي بادشاهہ ۽ انهي قوم ۽ ڪسدين جي ملڪ کي سندن بدڪاريءَ سبب سزا ڏيندس؛ ۽ آءٌ انهي زمين کي هميشہ لاءِ ويران ڪندس.
۽ سڀ قومون هن جي، ۽ سندس پٽ جي، ۽ سندس پوٽي جي خدمت ڪنديون، جيسين ڪ خود سندس ملڪ جو وقت اچي: پوءِ گهڻيون قومون ۽ وڏا بادشاهہ پنهنجي لاءِ هن کان خدمت چاڪري وٺندا.
يهوداہ جي بادشاهہ يهويقيم جي بادشاهت جي ٽئين سال ۾، بابل جو بادشاهہ نبوڪدنضر يروشلم ۾ آيو، ۽ انهي کي گهيرو ڪيائين.
تڏهن هو ڪسدين جي ملڪ مان نڪري حاران ۾ اچي رهڻ لڳو: ۽ جڏهن سندس پيءُ مري ويو، تڏهن خدا کيس هن ملڪ ۾ وٺي آيو، جتي اوهين اڃا تائين رهندا اچو.
ڇالاءِ جو ڪابہ پيشنگوئي ڪڏهن بہ ماڻهوءَ جي مرضيءَ موجب ڪانہ ٿي؛ پر ماڻهو پاڪ روح جي چورڻ تي خدا جي طرفان ڳالهائيندا هئا.
۽ هن جي پٺيان هڪڙو ٻيو ملائڪ آيو ۽ چيائين تہ ڪِري پيو، اُهو وڏو شهر بابل ڪِري پيو، جنهن پنهنجي زناڪاريءَ جي قهري شراب مان سڀني قومن کي پياريو هو.