Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 5:27 - Sindhi Bible

27 جيئن ڪو پڃرو پکين سان ڀريل هوندو آهي، تيئن هنن جا گهر بہ ٺڳيءَ سان ڀريل آهن: تنهن ڪري هو وڏا ٿيا آهن، ۽ دولت هٿ ڪئي اٿن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

27 جيئن ڪو پڃرو پکين سان ڀريل هوندو آهي، تيئن ٺڳيءَ ڪندي هنن پنهنجا گھر ڀريا آهن، انهيءَ ڪري هو شاهوڪار ۽ طاقتور ٿي ويا آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 5:27
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

چورن جا تنبو آسائش ۾ آهن، ۽ جيڪي خدا کي ڪاوڙائين ٿا سي صحيح سلامت آهن؛ انهن جي هٿن ۾ خدا گهڻو ئي موجود ڪري ڏئي ٿو.


خداوند پنهنجي قوم جي بزرگن جي، ۽ انهن جي اميرن جي عدالت ڪندو. خداوند، لشڪرن جو خداوند، فرمائي ٿو تہ اهي اوهين آهيو جن ڊاک جو منهہ کائي چٽ ڪري ڇڏيو آهي؛ غريبن جو لٽ جو مال اوهان جن گهرن ۾ آهي:


اي خداوند تون سچو آهين جڏهن آءٌ توسان حجت ڪريان ٿو: تڏهن بہ آءٌ هن ڳالهہ بابت توسان حجت دليل ڪرڻ ٿو گهران: ڇالاءِ بڇڙن جو رستو سک وارو ٿو ٿئي؟ ڇالاءِ گهڻي دغابازي ڪندڙ سڀ آرام ۾ ٿا گذارين؟


تڏهن ڇو هي يروشلم جا ماڻهو هميشہ جي برائيءَ لاءِ پٺ تي هٽي ويا آهن؟ هو ٺڳيءَ سان چهٽيل آهن، ۽ موٽڻ کان انڪار ٿا ڪن.


تنهنجي رهڻ جي جاءِ ٺڳيءَ جي وچ ۾ آهي؛ خداوند ٿو فرمائي تہ ٺڳيءَ جي ڪري هو مون کي سڃاڻڻ کان انڪار ٿا ڪن.


پر آءٌ مصر جي ملڪ کان وٺي خداوند تنهنجو خدا آهيان؛ آءٌ اوهان کي اڃا وري بہ تنبن ۾ رهائيندس، جيئن پاڪ عيد واري ڏينهن ۾ هو.


ڇالاءِ جو ماروت جو رهاڪو چڱائي جي لاءِ ڏاڍو منتظر ٿي رهي ٿو: پر خرابي خداوند وٽان يروشلم جي دروازي تائين پهتي آهي.


۽ انهيءَ ڏينهن آءٌ انهن سڀني کي سزا ڏيندس جي چانئٺ ٽپي ٿا وڃن، ۽ پنهنجي مالڪ جو گهر ظلم ۽ ٺڳيءَ سان ٿا ڀرين.


۽ هن وڏي آواز سان چيو تہ ڪِري پيو، وڏو شهر بابل ڪِري پيو، ۽ ڀوتن جي رهڻ جو مڪان ٿي پيو، ۽ سڀ ڪنهن ناپاڪ روح ۽ سڀ ڪنهن ناپاڪ ۽ ڪراهت جهڙي پکيءَ جي رهڻ جي جاءِ ٿي پيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ