Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 5:24 - Sindhi Bible

24 نڪي هو پنهنجي دل ۾ چون ٿا اچو تہ هاڻي خداوند پنهنجي خدا کان ڊڄون، جو پوري موسم ۾ مينهن ڏئي ٿو؛ جهڙو اڳيون تهڙو پويون؛ جو انسان جي لاءِ فصل جا مقرر ڪيل هفتا قائم ٿو ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

24 هائو، اوهان اهو ڪڏهن بہ نہ سوچيو آهي تہ اوهان کي مون خداوند اوهان جي خدا جو خوف رکڻ گھرجي، جيڪو سرءُ ۽ بهار ۾ پوري وقت تي مينهن وسايان ٿو ۽ هر سال لاباري جي مقرر موسم ڏيان ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 5:24
27 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيسين زمين هوندي تيسين پوکڻ ۽ لڻڻ، سردي ۽ گرمي، سيارو ۽ اونهارو، ڏينهن ۽ رات برابر ٿيندا رهندا.


۽ ايلياہ تشبي، جو جلعاد جي رهاڪن مان هو، تنهن اخي آب کي چيو تہ خداوند اسرائيل جي جيئري خدا جو قسم آهي، جنهن جي اڳيان آءٌ بيٺو آهيان، تہ منهنجي چئي بنا هنن ورهين ۾ ماڪ يا مينهن نہ پوندو.


۽ هو منهنجي لاءِ اهڙا منتظر هوندا هئا جهڙا مينهن جي لاءِ؛ ۽ هو پنهنجو وات اهڙو وڏو پٽيندا هئا، جهڙو پڇاڙيءَ جي مينهن لاءِ.


ڪير پنهنجي عقل جي زور تي ڪڪرن جو شمار ڪري سگهندو؟ يا ڪير آسمان جا ساندارا هاري سگهندو،


جو زمين تي مينهن وسائي ٿو. ۽ ٻنين تي پاڻي موڪلي ٿو:


جو آسمان کي ڪڪرن سان ڍڪي ٿو، جو زمين لاءِ مينهن تيار ٿو ڪري، ۽ جبلن تي گاهہ ٿو اُڀرائي.


تون مهر جي نظر ڪري زمين کي ريج ٿو ڏين، تون انهي کي سائو ٿو ڪرين؛ خدا جي ندي پاڻيءَ سان ڀرپور آهي: تون اهڙيءَ طرح زمين کي تيار ڪري انهن کي ان ٿو پهچائين.


ڪوبہ اهڙو ڪونهي جو تنهنجو نالو وٺي پڪاري، جو توتي ٽيڪ رکڻ لاءِ اُٿي کڙو ٿئي؛ ڇالاءِ جو تو پنهنجو منهن اسان کان لڪايو آهي، ۽ اسانجين بدڪارين جي ڪري اسان کي کپائي ڇڏيو اٿيئي.


جڏهن هو پنهنجو آواز ڪڍي ٿو تڏهن آسمان ۾ پاڻيءَ جو گوڙ مچي ٿو، ۽ زمين جي ڪنارن کان هو بخار مٿي چاڙهي ٿو؛ هو مينهن جي لاءِ وڄ جوڙي ٿو، ۽ پنهنجن خزانن مان واءُ آڻي ٿو.


غير قومن جي اجاين شين مان اهڙيون ڪي آهن ڇا جي مينهن پيدا ڪري سگهن؟ يا آسمان ڪي برسات آڻي سگهندا ڇا؟ اي خداوند! اسان جا خدا، تون اُهو ناهين ڇا؟ تنهن ڪري اسين تنهنجي خدمت ۾ اُميدوار رهنداسين؛ ڇالاءِ جو تو اهي سڀ شيون جوڙيون آهن.


خداوند، لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي تہ خود تنهنجي شرارت توکي سيکت ڏيندي، ۽ تنهنجون ڪوتاهيون توکي ملامت ڪنديون: تنهن ڪري ڄاڻ ۽ ڏس، تہ تو جو خداوند پنهنجي خدا کي ڇڏي ڏنو آهي، ۽ توکي منهنجو ڊپ ڪونهي، سو اها هڪڙي خراب ۽ ڪَرڙي ڳالهہ آهي.


تنهن ڪري مينهن جهلجي ويو آهي، ۽ پوئين برسات بہ ڪانہ پئي آهي؛ انهي هوندي بہ تنهنجي پيشاني ڪسبيءَ جهڙي هئي، ۽ شرمندي ٿيڻ کان تو انڪار ڪيو.


خداوند ٿو فرمائي، تہ اوهين مون کان نٿا ڊڄو ڇا؟ اوهين منهنجي حضور ۾ ڪين ڏڪندا ڇا، مون کان، جنهن سمنڊ جي حد لاءِ واري اهڙي مدامي حڪم سان قائم ڪئي آهي جو اهو انهي کان لنگهي نٿو سگهي، ۽ جيتوڻيڪ ان جون لهرون زور سان اُڇلجن ٿيون، تہ بہ اهي غالب پئي نہ ٿيون سگهن، ۽ جيتوڻيڪ اُهي شور ٿيون ڪن، تہ بہ اُهي لنگهي نہ ٿيون سگهن.


هو پنهنجا منهن صيون ڏي ڪري انهي بابت پڇا ڪندا، ۽ چوندا تہ اوهين اچي خداوند سان گڏجو ۽ دائم قائم عهد اقرار ڪريو، جو ڪڏهن بہ وساريو نہ ويندو.


تنهن کانپوءِ بني اسرائيل موٽندا، ۽ خداوند پنهنجي خدا ۽ پنهنجي بادشاهہ دائود کي ڳوليندا؛ ۽ پوين ڏينهن ۾ ڊپ سان خداوند وٽ سندس فضل لاءِ ايندا.


اچو تہ خداوند وٽ موٽي هلون: ڇالاءِ جو هن ڦاڙيو آهي، ۽ هو ئي ڇُٽائي چڱو ڀلو ڪندو؛ هن ضرب رسائي آهي، ۽ هو ئي اسان کي پَٽي ٻَڌندو.


تڏهن اي بني صيون اوهين سرها ٿيو ۽ خداوند پنهنجي خدا جي ڪري خوشي ڪريو: ڇالاءِ جو هو اوهان کي آڳاٽو مينهن پوري انداز ۾ ڏئي ٿو، ۽ هو اوهان جي لاءِ مينهن وسائي ٿو، جهڙو اڳيون تهڙو پويون، جيئن اڳي هوندو هو.


۽ جڏهن اڃا فصل جي لهڻ ۾ ٽي مهينا پيا هئا، تڏهن مون اوهان کان مينهن بہ روڪي ڇڏيو: ۽ مون هڪڙي شهر تي مينهن وسايو ۽ ٻئي شهر تي مينهن نہ وسايو: هڪڙي زمين جي ٽڪر تي مينهن پيو، ۽ جنهن ٽڪر تي مينهن نہ پيو سو سڙي سُڪي ويو.


پوئين مينهن جي موسم ۾، خداوند کان گهُرو تہ مينهن وسائي. هائو، خداوند کان، جو بجلي ٿو چمڪائي؛ هو ججهو مينهن موڪليندو، ۽ هر ڪنهن لاءِ ٻنيءَ ۾ گاهہ اُڀرندو.


تہ اوهان جو پيءُ جو آسمان ۾ آهي تنهن جا ٻار ٿيو: ڇالاءِ جو اُهو پنهنجو سج چڱن ۽ مندن تي اُڀرائي ٿو، ۽ سچن ۽ ڪوڙن تي مينهن ٿو وسائي.


تنهن هوندي بہ هو هنن ڳالهين جي ڪري پنهنجي بابت شاهدي ڏيندو رهيو، جو هن ڀلايون ڪيون، ۽ آسمان مان اوهان لاءِ مينهن وسايائين، ۽ ڀلا فصل بخشيائين، ۽ اوهان جي دلين کي کاڌي ۽ خوشيءَ سان ڀري ڇڏيائين.


خداوند تنهنجي لاءِ پنهنجو اعليٰ خزانو، يعني آسمان کي کولي تنهنجي ملڪ ۾ مندائتو مينهن وسائيندو، ۽ تنهنجي هٿ جي سڀني ڪمن ۾ برڪت وجهندو: تون گهڻين قومن کي قرض ڏيندين، پر تون قرض ڪونہ کڻندين.


تنهنڪري اي ڀائرو، خداوند جي اچڻ تائين صبر ڪريو. ڏسو، هاري زمين جي قيمتي ڦل لاءِ جيستائين آڳاٽو ۽ پاڇاٽو مينهن نٿو پوي، تيستائين صبر سان انتظار ٿو ڪري.


انهن کي اختياري آهي تہ آسمان بند ڪري ڇڏين، تان تہ سندن نبوت جي ڏينهن ۾ مينهن نہ پوي. ۽ پاڻيءَ تي بہ کين اختياري آهي، تہ انهي کي بدلائي رت ڪري وجهن، ۽ جيترا ڀيرا مرضي پوينِ، اوترا ڀيرا زمين تي هر طرح جي آفت آڻين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ