23 پر هن قوم جي دل فسادي ۽ سرڪش آهي؛ هنن فساد ڪيو ۽ هليا ويا.
23 پر اوهان جون دليون اهڙيون تہ فسادي ۽ سرڪش آهن، جو اوهين حدون اورانگھي ويا آهن.
۽ پنهنجي ابن ڏاڏن جهڙا ضدي فسادي نسل نہ ٿين: جن پنهنجي دل کي برابر نہ ڪيو ۽ جن جو روح خدا جي حضور وفادار نہ رهيو.
چاليهن ورهين تائين آءٌ اُنهيءَ پيڙهيءَ کان بيزار رهيس، تڏهن مون چيو تہ هي اهي ماڻهو آهن جي پنهنجين دلين ۾ گمراهہ ٿا ٿين، ۽ انهن منهنجين واٽن کي نہ سمجهيو آهي:
ڇالاءِ اڃا بہ اوهين مار کائيندا، جو وڃو وڌيڪ فساد ڪندا؟ سارو مٿو بيمار آهي ۽ سڄي دل ماندي آهي.
اي بني اسرائيل اوهين انهي ڏانهن ڦرو، جنهن سان اوهان سخت بغاوت ڪئي آهي.
دل سڀني شين کان وڌيڪ دغاباز آهي، ۽ اُها حد کان وڌيڪ بيمار آهي: انهي کي ڪير معلوم ڪري سگهي ٿو؟
ٻنيءَ جي راکن وانگي هو انهي کي چوڌاري وڪوڙيو بيٺا آهن؛ ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي تہ هو مون کان باغي ٿي آهي.
آءٌ وڏن ماڻهن وٽ ويندس ۽ انهن سان ڳالهائيندس؛ ڇالاءِ جو هو خداوند جو رستو، ۽ پنهنجي خدا جي عدالت ڄاڻن ٿا، پر انهن ٻڌي ڪري پاڃاري ڀڳي آهي ۽ بند ڦوڙيا آهن.
هو سڀ تمام فسادي آهن، ۽ گلائون ڪندا گهمندا وتن؛ هو پتل ۽ لوهہ آهن: هو سڀ ڪپت جي هلت ٿا ڪن.
۽ منهنجي قوم ڪوتاهي ڪرڻ تي مائل آهي: جيتوڻيڪ هو انهن کي انهي وٽ اچڻ لاءِ سڏين ٿا جو بلنديءَ تي آهي، تہ بہ ڪو انهي کي تعظيم نہ ٿو ڏئي.
هو منهنجي قوم جي گناهہ تي گذران ڪن ٿا، ۽ انهن جي بدڪاريءَ تي پنهنجي دل لڳائين ٿا.
افسوس آهي انهي شهر تي، جو فسادي، ۽ پليت، ۽ ظالم آهي.
جيڪڏهن ڪنهن ماڻهو جو پٽ ضدي، ۽ فسادي هجي، ۽ پنهنجي ماءُ پيءُ جو حڪم نہ مڃيندو هجي، ۽ جيتوڻيڪ هو کيس سيکت ڏين تہ بہ نہ ٻڌي:
ڇالاءِ جو مون کي اوهان جي بغاوت ۽ اوهان جي هٺ جي خبر آهي: ڏسو، اڄ تائين آءٌ اوهان سان جيئرو ويٺو آهيان، تڏهن بہ اوهان خدا جي برخلاف بغاوت پئي ڪئي آهي؛ سو منهنجي مُئي کان پوءِ ڪيترو نہ وڌيڪ ائين ڪندا؟
اي ڀائرو، سنڀال ڪجو تہ متان اوهان مان ڪنهن جي دل اهڙي خراب ۽ بي ايمان ٿئي جو زندہ خدا کان ڦري وڃي.