اي يعقوب جا گهراڻا، اوهين جي اسرائيل جي نالي سان سڏجو ٿا، ۽ يهوداہ جي چشمي مان نڪتا آهيو سي هيءَ ڳالهہ ٻڌو؛ اوهين خداوند جي نالي تي قسم کڻو ٿا، ۽ اسرائيل جي خدا جو ذڪر ڪريو ٿا، پر سچائيءَ ۽ راستبازيءَ سان نہ.
تنهن ڪري اي يهوداہ جي سڄي قوم، اوهين جي مصر جي ملڪ ۾ رهو ٿا، سي خداوند جو ڪلام ٻڌو: خداوند ٿو فرمائي، تہ ڏسو، مون پنهنجي وڏي نالي جو قسم کنيو آهي تہ مصر جي سڄي ملڪ ۾ يهوداہ جي ڪنهن بہ ماڻهوءَ جي واتان اڳتي وري منهنجو نالو نہ نڪرندو، ۽ ڪوبہ ڪونہ چوندو تہ خداوند جيئري جو قسم آهي.