Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 5:19 - Sindhi Bible

19 ۽ هيئن ٿيندو تہ جڏهن اوهين چوندا تہ خداوند اسان جي خدا ڇالاءِ اسان سان هي سڀ جُٺيون ڪيون آهن؟ تڏهن انهن کي چئج، تہ جيئن اوهان مون کي ڇڏي پنهنجي ملڪ ۾ ڌارين معبودن جي عبادت پئي ڪئي آهي، تيئن اوهين بہ، جو ملڪ اوهان جو ناهي تنهن ۾ ڌارين جي ٻانهپ ڪندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

19 جڏهن ماڻهو پڇن تہ ’خداوند اسان جي خدا اهو سڀ ڪجھہ اسان سان ڇو ڪيو آهي؟‘ تڏهن اي يرمياہ! تون کين ٻڌائج تہ جيئن هنن مون کي ڇڏي پنهنجي ئي ملڪ ۾ ڌارين معبودن جي پوڄا ڪئي آهي، تيئن ئي هاڻ هو بہ ڌارئي ملڪ ۾ ڌارين جي غلامي ڪندا.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 5:19
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ جي تون پنهنجي دل ۾ چوندين تہ هي مصيبتون منهنجي سر تي ڇو آيون آهن؟ تنهنجي گناهہ جي وڏائيءَ ڪري تنهنجي دامن کولي وئي آهي، ۽ تنهنجن کڙين کي عذاب ڏنو ويو آهي.


تنهن ڪري آءٌ اوهان کي هن ملڪ مان ڪڍي اُنهيءَ ملڪ ۾ اُڇلائيندس، جنهن جي اوهان کي خبر ئي ڪانهي، نڪي اوهان کي، نہ اوهان جي ابن ڏاڏن کي؛ ۽ اُتي اوهين ڏينهن رات ٻين معبودن جي عبادت ڪندا؛ ڇالاءِ جو آءٌ اوهان کي ڪابہ مهرباني ڪانہ ڏيکاريندس.


۽ تون پاڻ، جيڪا ميراث مون توکي ڏني هئي، تنهن کان ڌار ٿيندين: ۽ جنهن زمين جو تون واقف ناهين، تنهن ۾ آءٌ توکان تنهنجي دشمنن جي خدمت چاڪري ڪرائيندس: ڇالاءِ جو اوهان منهنجي ڪاوڙ جي باهہ ٻاري آهي، جا هميشہ پئي ٻرندي.


ڇالاءِ جو منهنجي قوم ٻہ خرابيون ڪيون آهن؛ مون جيئري پاڻيءَ جي چشمي کي هنن ڇڏي ڏنو آهي، ۽ پنهنجي لاءِ حوض، بلڪ ڀڳل حوض ٽڪي ٺاهيا اٿن جي پاڻي جهلي نٿا سگهن.


اسرائيل ڪو ٻانهو آهي ڇا؟ هو ڪو گهر ڄاول غلام آهي ڇا؟ ڇالاءِ هو لٽجي ڦرجي ٿو؟


انهيءَ هوندي بہ تو چيو تہ آءٌ بيگناهہ آهيان؛ يقيناً هن جي ڪاوڙ مون تان لهي وئي آهي. ڏس، آءٌ توتي فتويٰ ڏيندس، ڇالاءِ جو تون چوين ٿي تہ مون گناهہ ڪونہ ڪيو آهي.


پر خداوند ٿو فرمائي تہ انهن ڏينهن ۾ بہ آءٌ اوهان کي اصل تباهہ ڪري نہ ڇڏيندس.


اها ڳالهہ اوهين يعقوب جي گهراڻي ۾ پڌري ڪريو، ۽ يهوداہ ۾ اشتهار ڏيو، ۽ چئو تہ،


اُهو ڪهڙو ڏاهو آهي جو اها ڳالهہ سمجهي؟ ۽ اُهو ڪير آهي جنهن کي خداوند جي وات فرمايو آهي تہ انهي کي ظاهر ڪري ٻڌائي؟ ڇو اها زمين اهڙي ناس ٿي ۽ سڙي بيابان ٿي ويئي آهي، جو ڪوبہ انهي مان نٿو لنگهي؟


۽ خداوند فرمائي ٿو تہ ڇالاءِ جيڪا شريعت مون هنن جي اڳيان رکي سا هنن ڇڏي ڏني آهي، ۽ منهنجو فرمان نہ مڃيو اٿن، ۽ جيڪي هنن جي ابن ڏاڏن هنن کي سيکاريو انهيءَ تي نہ هليا آهن،


ٻانها اسان تي حڪم ٿا هلائين: اسان کي انهن جي هٿان ڇڏائڻ وارو ڪوبہ ڪونهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ