Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 5:17 - Sindhi Bible

17 ۽ هو تنهنجو فصل کائي ويندا، ۽ تنهنجي ماني بہ، جا تنهنجن پٽن ۽ تنهنجن ڌيئن کي کائڻ گهرجي: هو تنهنجا ڌڻ ۽ تنهنجا گلا کائي ويندا: هو تنهنجون ڊاکون ۽ تنهنجا انجير جا وڻ، کائي ڇڏيندا: هو تنهنجا ڪوٽن وارا شهر، جن تي تنهنجو ڀروسو آهي، سي ترار سان چٽ ڪندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

17 هو اوهان جي فصلن ۽ کاڌ خوراڪ کي ڳڙڪائي ويندا ۽ اوهان جي پٽن ۽ ڌيئرن کي قتل ڪري ڇڏيندا. نہ رڳو ايترو پر هو اوهان جا ڍور ڍڳا ۽ رڍون ٻڪريون ڪهي ڇڏيندا ۽ اوهان جا انگورن جا باغ ۽ انجير جا وڻ پڻ ناس ڪري ڇڏيندا. اوهان جا ڪوٽن وارا شهر جن تي اوهين ڀاڙيون ويٺا آهيو، تن تي هو ڪاهہ ڪري انهن کي برباد ڪري ڇڏيندا.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 5:17
25 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

خداوند پنهنجي ساڄي هٿ جو، ۽ پنهنجيءَ زور واريءَ ٻانهن جو قسم کنيو آهي، تہ تنهنجو اَن تنهنجي دشمنن کي کائڻ لاءِ نہ ڏيندس؛ نڪي تنهنجو شراب، جنهن لاءِ تو محنت ڪئي آهي، سو ڌاريا پيئندا.


پر جن اهو اَن گڏ ڪيو آهي سي ئي اهو کائيندا، ۽ خداوند جي تعريف ڪندا؛ ۽ جن اهو شراب گڏ ڪيو آهي سي ئي منهنجي پاڪ مڪان جي ايوانن ۾ اهو پيئندا.


ائين نہ ٿيندو تہ اهي گهر اڏيندا ۽ ٻيا اچي انهن ۾ رهندا؛ ۽ اهي پوکيندا ۽ ٻيا اچي کائيندا: ڇالاءِ جو منهنجيءَ اُمت جي عمر وڻ جي عمر جيتري ٿيندي، ۽ منهنجا چونڊيل پنهنجن هٿن جي ڪم مان گهڻي وقت تائين فائدو وٺندا.


ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي، تہ ڏس، آءٌ اُتر جي حڪومتن مان سڀني قبيلن کي سڏيندس؛ ۽ اُهي ايندا ۽ انهن مان هرڪو پنهنجو تخت يروشلم جي دروازن جي لنگهہ تي، ۽ آسپاس ان جي ڀتين جي سامهون ۽ يهوداہ جي سڀني شهرن جي سامهون قائم ڪندو.


۽ جيڪي سلامت هئا سي خداوند جي خوفناڪ ڪاوڙ سبب چپ ڪرايا ويا آهن.


مون نهاريو ۽ ڏٺم تہ آباد زمين بيابان ٿي ويئي ۽ ان جا سڀ شهر خداوند جي حضور مان ۽ سندس خوفناڪ ڪاوڙ جي اڳيان ڊهي ڪري پيا.


هڪڙو شينهن پنهنجي گهاٽي جهنگ مان نڪتو آهي، يعني هڪڙو قومن کي ناس ڪندڙ: اهو پنڌ ۾ آهي، اُهو پنهنجي جاءِ تان هليو آهي؛ انهي لاءِ تہ ملڪ کي ويران ڪري، ۽ تنهنجا شهر سڃا ٿي وڃن، ۽ منجهن رهڻ وارو ڪونہ بچي.


پر خداوند ٿو فرمائي تہ انهن ڏينهن ۾ بہ آءٌ اوهان کي اصل تباهہ ڪري نہ ڇڏيندس.


اسرائيل رلي ويل رڍ آهي؛ شينهن انهي کي ڀڄائي ڪڍيو آهي: پهرين اشور جو بادشاهہ انهي کي کائي ويو؛ ۽ پڇاڙيءَ ۾ هن بابل جي بادشاهہ نبوڪدرضر ان جا هڏ ڀڃي ڇڏيا آهن.


جن پئي لڌو اٿن تن سڀني هنن کي پئي ڳڙڪايو آهي: ۽ هنن جي دشمنن چيو تہ اسان جو قصور ڪونهي، ڇالاءِ جو هنن خداوند جو گناهہ ڪيو آهي، يعني خداوند، جو سندن ابن ڏاڏن جي اميد هو.


خداوند ٿو فرمائي تہ آءٌ هنن کي بلڪل چٽ ڪري ڇڏيندس: ڊاک جي وڻ تي ڊاک نہ ٿيندي، ۽ انجير جي وڻ تي انجير نہ ٿيندا، ۽ پن بہ سڪي سڙي ويندا؛ ۽ جيڪي شيون مون هنن کي ڏنيون آهن سي هنن وٽان هليون وينديون.


هن جي گهوڙن جو ڦوڪارو دان مان پيو ٻڌجي: هن جي مضبوط گهوڙن جي هڻڪار جي آواز تي سڄو ملڪ ڏڪي ٿو وڃي؛ ڇالاءِ جو هو اچي پهتا آهن؛ ۽ اهو ملڪ ۽ جيڪي اُن ۾ آهي، شهر ۽ جيڪي اُن ۾ رهن ٿا؛ هو سڀ ڳهي ويا آهن.


جڏهن هو ڦٽيلن وانگر شهر جي رستن تي بيهوش ٿا ٿين، ۽ جڏهن هنن جو ساهہ سندن مائن جي جهوليءَ ۾ نڪري ٿو، تڏهن هو پنهنجي مائن کي ٿا چون تہ ان ۽ شراب ڪٿي آهي؟


خداوند يعقوب جون سڀ رهڻ جون جايون ڳهي ڇڏيون آهن، ۽ قياس بہ ڪونہ آيس؛ هن پنهنجي ڪاوڙ ۾ يهوداہ جي ڌيءَ جا قلعا ڊاهي ڇڏيا آهن؛ هن اهي مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيا آهن؛ هن انهيءَ جي بادشاهت ۽ انهيءَ جا امير ناپاڪ ڪري ڇڏيا آهن.


تنهنڪري، اي اسرائيل جا جبل، اوهين خداوند جو ڪلام ٻڌو؛ خداوند خدا انهن جبلن کي، ۽ ٽڪرين کي، ۽ نهرن، ۽ وادين کي، ويران زمين کي، ۽ غير آباد شهرن کي هيئن ٿو فرمائي، جي آس پاس وارين قومن مان باقي رهيل ماڻهن جي لاءِ شڪار ۽ ٺٺولي ٿيا آهن:


۽ آءٌ هن جون ڊاکون، ۽ هن جا انجير جا وڻ برباد ڪري ڇڏيندس، جنهن جي نسبت ۾ هن چيو آهي تہ اهي منهنجن سينڌن جي ڏنل خرچي آهن: ۽ آءٌ انهن کي ٻيلو ڪري ڇڏيندس، ۽ جهنگ جا مرون اُنهن کي پيا کائيندا.


ڇالاءِ جو اسرائيل پنهنجو خالق وساري ڇڏيو آهي، ۽ محلاتون جوڙيون اٿس؛ ۽ يهوداہ گهڻا ئي پناهہ وارا شهر اڏيا آهن: پر آءٌ هن جي شهرن تي باهہ موڪليندس، ۽ اُها ان جا قلعا ساڙي چٽ ڪري ڇڏيندي.


هنن جي اڳيان باهہ کائيندي ٿي وڃي، ۽ هنن جي پٺيان هڪڙو مچ پيو ٻري: زمين هنن جي اڳيان عدن جي باغ جهڙي آهي ۽ هنن جي پٺيان هڪڙو ويران بيابان آهي؛ هائو، ۽ ڪوبہ هنن کان ڀڄي نہ ڇُٽو آهي.


تہ آءٌ بہ اوهان سان ائين ئي ڪندس؛ آءٌ اوهان تي خوف نازل ڪندس، يعني سلهہ ۽ تپ، جو اوهانجون اکيون چٽ ڪري ڇڏيندو، ۽ اوهان جي جان کي ڳاري ڇڏيندو: ۽ اوهان جو ٻج ڇٽڻ اجايو ٿيندو، ڇالاءِ جو اهو اوهان جا دشمن کائيندا.


مون قومن کي وڍي ڇڏيو آهي، ان جا ڪنگرا ويران پيا آهن؛ مون سندن گهٽيون اهڙيون سُڃيون ڪري ڇڏيون آهن جو اُتان ڪوبہ ڪونہ ٿو لنگهي؛ انهن جا شهر اهڙا ناس ٿي ويا آهن جو انهن ۾ ڪوبہ ماڻهو رهڻ وارو ڪونهي.


هاڻي جيڪڏهن ادوم چوي تہ اسين سُڃا ٿي ويا آهيون، پر وري موٽي اچي ويران جڳهن کي اڏينداسين؛ تہ لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ جيڪڏهن هو اڏيندا تہ بہ آءٌ ڊاهي ڇڏيندس: ۽ ماڻهو انهن کي شرارت جي حد سڏيندا، يعني اُها قوم جنهن تي خداوند هميشہ غضبناڪ آهي.


تنهنجيءَ زمين جي پيداوار، ۽ تنهنجي سموري ڪمائي، هڪڙي اهڙي قوم کائي ويندي جنهن کي تون نٿو سڃاڻين؛ تون سدائين مظلوم ۽ دٻايل رهندين:


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ