16 هنن جي تيرن جي بٿي هڪڙي کليل قبر آهي، هو سڀ زور وارا ماڻهو آهن.
16 هنن جا سڀ جوڌا جوان اهڙا آهن، جن جي تيرن ۾ موت ئي موت آهي.
ڇو تہ انهن جي وات ۾ ڪا سچائي ڪانهي؛ انهنجو اندر تمام بڇڙو آهي: انهن جي نڙي کليل قبر آهي؛ اُهي پنهنجيءَ زبان سان خوشامد ٿا ڪن.
۽ انهن جون ڪمانون جوان ماڻهن کي پرزا پرزا ڪري ڇڏينديون، ۽ انهن کي کير پياڪن تي ڪوبہ رحم نہ ايندو؛ انهن جي اک ٻارن کي بہ ڇڏي نہ ڏيندي.
انهن جا تير تکا آهن ۽ انهن جون سڀ ڪمانون چڙهيل آهن: انهن جي گهوڙي جا سنب چقمق وانگر، ۽ انهن جي گاڏين جا ڦيٿا واچوڙي جهڙا ٿيندا:
خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ ڏس، اُتر واري ملڪ مان هڪڙي قوم اچي ٿي؛ ۽ زمين جي تمام پرانهن ڀاڱن مان هڪڙي وڏي اُمت اُٿاري ويندي.
هو ڪمان ۽ نيزو کڻن ٿا؛ هو ظالم آهن ۽ ڪوبہ رحم نہ اٿن؛ هنن جو آواز سمنڊ وانگي گجي ٿو، ۽ هو گهوڙن تي چڙهن ٿا؛ اي صيون جي ڌيءَ، سڀيئي صف ٻڌي تو سان جنگ جي لاءِ تيار ٿيا آهن.
هن پنهنجي بٿيءَ جا تير منهنجن گردن ۾ گهيڙائي ڇڏيا آهن.
هنن جي نڙي هڪڙي کليل قبر آهي؛ پنهنجي زبان سان هنن ٺڳي ڪئي آهي: ۽ سندن چپن ۾ نانگن جو زهر آهي: