Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 5:13 - Sindhi Bible

13 ۽ نبي هوا ٿي ويندا ۽ ڪلام انهن ۾ ڪونهي: انهن سان اهو حال ڪيو ويندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

13-14 هائو، سندس نبي بہ رڳو هوا وانگر آهن ۽ وٽن خدا جو ڪو فرمان ڪونهي.“ سو قادرِمطلق خداوند مون کي فرمايو تہ ”اي يرمياہ! جيئن تہ ماڻهن اهڙي ڳالهہ ڪئي آهي، تنهنڪري آءٌ پنهنجي فرمان کي تنهنجي وات ۾ باهہ بڻائيندس ۽ هنن ماڻهن کي ٻارڻ بڻائيندس. پوءِ اها باهہ هنن کي ساڙي رک ڪري ڇڏيندي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 5:13
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر هنن خدا جي پيغمبرن تي ٺٺوليون ڪيون، ۽ سندس ڪلام ڏي نفرت ڏيکاريائون. ۽ سندس نبين تي کلون ڪيائون، تان جو خداوند جي ڪاوڙ پنهنجي قوم تي پيدا ٿي، ۽ ٻيو ڪوبہ چارو ڪونہ هو.


اوهان جو اهو خيال آهي ڇا تہ ڳالهين جي فهمائش ڏجي؟ ڇالاءِ جو جيڪو اُميد ڇڏي ٿو، تنهن جون ڳالهيون هوا جهڙيون آهن.


ڪيستائين تون اهي ڳالهيون پيو ڪندين؟ ۽ ڪيستائين تنهنجي وات جا لفظ ڏاڍا واءُ جهڙا هوندا؟


جيئن ڪڪر ۽ واءُ مينهن کان سواءِ، تيئن اُهو ماڻهو جو پنهنجن بخششن جي ڪوڙي ٻٽاڪ ٿو هڻي.


ڏس، هو سڀيئي، ۽ سندن ڪم فاني ۽ حقير آهن: هنن جون پلٽيل مورتون واءُ ۽ مونجهارو آهن.


تڏهن مون چيو تہ هاءِ، اي خداوند خدا، ڏس، نبي هنن کي چون ٿا تہ اوهين ترار نہ ڏسندا، نڪي اوهان ۾ ڏڪار پوندو! پر آءٌ اوهان کي هن هنڌ يقيناً خير سلامتي ڏيندس.


تنهن ڪري خداوند ٿو فرمائي تہ جيڪي نبي منهنجي نالي تي پيشنگوئي ٿا ڪن، ۽ جيتوڻيڪ مون هنن کي نہ موڪليو، تڏهن بہ هو چون ٿا تہ ترار ۽ ڏڪار هن ملڪ تي نہ ايندو: اهي نبي ترار ۽ ڏڪار سان ئي ماري کپايا ويندا.


تڏهن هنن چيو تہ اچو تہ يرمياہ جي برخلاف ڪي منصوبا ٺاهيون؛ ڇالاءِ جو شريعت ڪاهنن وٽان ٽري نہ ويندي، نہ صلاح مصلحت ڏاهي وٽان، ۽ نہ ڪلام نبيءَ وٽان. اچو تہ هن کي زبان سان ڌڪ هڻون، ۽ هن جي ڪنهن بہ ڳالهہ تي ڌيان نہ ڏيون.


واءُ تنهنجن سڀني ڌنارن کي هڪالي ويندو، ۽ تنهنجا عاشق قيدي ٿي ويندا: يقيناً انهيءَ وقت تون پنهنجي شرارت جي ڪري شرمندو ۽ پشيمان ٿيندين.


ٻن ڀرين ورهين اندر آءٌ خداوند جي گهر جا اُهي سڀ ٿانوَ هن هنڌ موٽائي آڻيندس، جي بابل جو بادشاهہ نبوڪدنضر هن هنڌان هٿ ڪري بابل ڏي کڻي ويو هو:


تڏهن عزرياہ بن هوسعياہ، ۽ يوحنان بن قريحہ، ۽ سڀني مغرور ماڻهن يرمياہ کي مخاطب ٿي چيو تہ تون ڪوڙ ٿو ڳالهائين: خداوند اسان جي خدا توکي ڪونہ موڪليو آهي تہ چوين تہ اوهين مصر ۾ نہ وڃي رهو.


سزا جا ڏينهن آيا آهن، بدلي وٺڻ جا ڏينهن اچي پهتا آهن؛ اسرائيل پاڻهي ڄاڻندو: نبي بي عقل آهي، جنهن ماڻهوءَ ۾ روح آهي سو چريو آهي، اهو تنهنجي بدڪاريءَ جي گهڻائيءَ ڪري ٿيو آهي، ۽ هن ڪري جو دشمني وڏي آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ