Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 49:8 - Sindhi Bible

8 اي ديدان جا رهاڪو، ڀڄي وڃو، پٺ تي موٽو، ڳجهين جاين ۾ وڃي رهو؛ ڇالاءِ جو جنهن وقت آءٌ خبر لهڻ ايندس تنهن وقت انهي تي عيسو جي آفت آڻيندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

8 اي ددان شهر جا رهاڪؤ! موٽو، ڀڄي وڃي غارن ۾ لڪو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ اوهان عيسوءَ جي اولاد کي ناس ڪرڻ وارو آهيان، هائو، اوهان کي سزا ڏيڻ جو وقت اچي پهتو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 49:8
22 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهيءَ لاءِ تہ جڏهن خداوند زمين کي سخت لوڏن ڏيڻ لاءِ اُٿندو، تڏهن اهو ٽڪرن جي غارن ۾ ۽ ڏونگرن جي ڦاٽن ۾، خداوند جي هيبت جي اڳيان، ۽ سندس وڏائي جي جلال کان وڃي لڪي.


عرب بابت ڪلام. اي دوان جا قافلا، اوهين عرب جي ٻيلي ۾ ٽڪندا.


ڇالاءِ جو منهنجي ترار آسمان ۾ پي ڍائي آهي: ڏسو، اها ادوم تي، ۽ منهنجي لعنت پيل اُمت تي عدالت لاءِ نازل ٿيندي.


ددان، ۽ تيما، بوز، ۽ انهن سڀني کي جي پنهنجن وارن جون ڪنڊون ٿا ڪوڙائين؛


منجهس جيڪي ڀاڙي ڪيل ماڻهو آهن سي بہ آهري جي گابن وانگي آهن؛ ڇالاءِ جو اُهي پٺ تي موٽيا آهن، اُهي گڏجي اُٿي ڀڳا آهن، اهي بيٺا ئي ڪين: ڇالاءِ جو سندن مصيبت جو ڏينهن اچي بيٺو آهي، يعني سندن سزا جو وقت.


اي موآب جا رهاڪو، شهرن کي ڇڏي وڃي ٽڪر ۾ رهو؛ ۽ انهي ڪبوتر جهڙا ٿيو جو غار جي منهن جي پاسن ۾ پنهنجو آکيرو جوڙي ٿو.


جيڪو ڊپ کان بچندو سو کڏ ۾ ڪِرندو: ۽ جيڪو کڏ مان نڪرندو سو ڦانڌي ۾ ڦاسي پوندو: ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ انهي تي، يعني موآب تي، سندن سزا جو سال آڻيندس.


ڀڄو، پنهنجون جانيون بچايو، ۽ بيابان جي ٻوٽن جهڙا ٿيو.


خداوند ٿو فرمائي، تہ اي حصور جا رهاڪو، اوهين ڀڄو، پري وڃي رلو، ڳجهين جاين ۾ وڃي رهو؛ ڇالاءِ جو بابل جي بادشاهہ نبوڪدرضر اوهان جي بر خلاف صلاح مصلحت ڪئي آهي، ۽ اوهان جي برخلاف ارادو ڪيو اٿس.


اُنهن جا اُٺ لٽ جو مال ٿيندا، ۽ انهن جا سڀ ڍور ڦر جو مال ٿيندا، ۽ جن ماڻهن جي وارن جون ڪنڊون ڪتريل آهن تن سڀني کي آءٌ سڀني پاسي پکيڙي ڇڏيندس: ۽ خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ سڀ ڪنهن پاسي کان مٿن آفت آڻيندس.


اُن جا سڀ ڍڳا ڪهو؛ انهن کي ڪوس لاءِ لهڻ ڏيو: ويل آهي انهن سان! ڇالاءِ جو انهن جو ڏينهن ۽ انهن جي سزا جو وقت اچي پهتو آهي.


اي بني بنيمين سلامتيءَ جي لاءِ يروشلم مان ڀڄي وڃو، ۽ تقوع ۾ وڃي قرناءِ وڄايو، ۽ بيت هڪرم ۾ جهنڊو کڙو ڪريو: ڇالاءِ جو خرابي ۽ وڏو موت اُتر کان ايندو نظر ٿو اچي.


تنهنڪري خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي تہ آءٌ پنهنجو هٿ ادوم تي ڊگهيريندس، ۽ انهي مان ماڻهو توڙي جانور وڍي ڇڏيندس: ۽ آءٌ انهي کي تيمان کان وٺي اهڙو ويران ڪندس، جو ددان تائين اُهي ترار سان ڪِرندا.


۽ عيسوءَ سان نفرت ڪئي، ۽ سندس جبلن کي ويران ڪري ڇڏيم، ۽ سندس ميراث جهنگ جي گدڙن کي ڏيئي ڇڏيم.


هاڻي جيڪڏهن ادوم چوي تہ اسين سُڃا ٿي ويا آهيون، پر وري موٽي اچي ويران جڳهن کي اڏينداسين؛ تہ لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ جيڪڏهن هو اڏيندا تہ بہ آءٌ ڊاهي ڇڏيندس: ۽ ماڻهو انهن کي شرارت جي حد سڏيندا، يعني اُها قوم جنهن تي خداوند هميشہ غضبناڪ آهي.


۽ زمين جا بادشاهہ، ۽ حاڪم، ۽ وڏا سردار، ۽ دولتمند، ۽ پهلوان، ۽ سڀيئي ٻانها ۽ آزاد ماڻهو، غارن ۽ جبلن جي ڇپن ۾ وڃي لڪي ويٺا؛


۽ مديانين جو هٿ اسرائيل تي غالب پيو: مديانين جي ڪري، بني اسرائيل پنهنجي لاءِ جبلن ۾ چرون، ۽ غار، ۽ مضبوط پناهہ جون جايون جوڙيون.


جڏهن اسرائيل جي ماڻهن ڏٺو تہ ڏاڍا تنگ اچي ٿيا آهيون (ڇالاءِ جو اُهي ماڻهو ڏاڍي تڪليف ۾ هئا) تڏهن هنن پاڻ کي غارن، ۽ گهاٽن جهنگن، ۽ ٽڪرن، ۽ ڏرن، ۽ کڏن ۾ لڪايو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ