Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 49:7 - Sindhi Bible

7 ادوم بابت: لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ: تيمان ۾ ڏاهپ ڪانہ رهي آهي ڇا؟ سياڻن منجهان صلاح مصلحت نڪري ويئي آهي ڇا؟ انهن جي ڏاهپ گم ٿي ويئي آهي ڇا؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

7 ادوم بابت قادرِمطلق خداوند فرمائي ٿو تہ ”ڇا ادوم ملڪ جي رهاڪن مان ڏاهپ نڪري ويئي آهي؟ ڇا سندن ڏاهن مان صلاح مصلحت ختم ٿي ويئي آهي؟ ڇا منجھن ڏاهپ اصل رهي ئي ڪونهي؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 49:7
39 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ عيسوءَ يعقوب کي عرض ڪري چيو تہ انهيءَ ڳاڙهي ٻوڙ مان مون کي کاراءِ، ڇالاءِ جو آءٌ ماندو ٿو ٿيان: انهيءَ ڪري هن جو نالو ادوم (ڳاڙهو) پئجي ويو.


پوءِ عيسو يعقوب سان حسد ڪرڻ لڳو؛ ڇالاءِ جو سندس پيءُ هن کي برڪت ڏني هئي، ۽ عيسوءَ پنهنجيءَ دل ۾ چيو تہ منهنجي پيءُ جي لاءِ ماتم ڪرڻ جو وقت ويجهو آهي، پوءِ آءٌ پنهنجي ڀاءُ يعقوب کي قتل ڪندس.


۽ يعقوب پنهنجي اڳيان پنهنجي ڀاءُ عيسوءَ ڏانهن ادوم جي ملڪ واري شعير جي سرزمين ۾ قاصد موڪليا.


۽ اليفز جا پٽ: تيمان، اومر، صفو، جعتام ۽ قنز.


عيسوءَ جي اولاد ۾ جيڪي سردار ٿيا، سي هي آهن: عيسوءَ جي وڏي پٽ اليفز جا پٽ: سردار تيمان، سردار اومر، سردار صفو، سردار قنز،


يوباب جي مرڻ کان پوءِ سندس جاءِ تي تيمن جي ملڪ واري حشيم بادشاهي ڪئي.


تڏهن عيسو، جنهن جو ٻيو نالو ادوم بہ ٿو سڏجي، سو وڃي شعير جبل ۾ رهڻ لڳو.


سردار قنز، سردار تيمان، سردار مبصار؛


هاڻي جڏهن ايوب جي ٽن دوستن انهيءَ سڄيءَ خرابيءَ جو ذڪر ٻڌو، تڏهن انهن مان هرڪو پنهنجي پنهنجي جاءِ تان آيو؛ اليفز تيماني، ۽ بلدد سوخي ۽ ضوفر نعماتي: ۽ انهن گڏجي پاڻ ۾ ٺهراءُ ڪيو تہ اچي هن سان ڏک ونڊين، ۽ هنکي تسلي ڏين.


تڏهن اليفز تيمانيءَ، ورندي ڏيئي چيو تہ،


اي خداوند يروشلم جي ڏينهن کي بني ادوم جي برخلاف ياد رک، جن چيو ٿي تہ انهيءَ کي ڊاهيو، ۽ انهي جي پاڙ پٽي ڪڍو.


ادوم بابت ڪلام. شعير مان ڪو مون کي سڏي چوي ٿو تہ اي پهري وارا، رات جي ڪهڙي خبر آهي؟ اي پهري وارا، رات جي ڪهڙي خبر آهي؟


تنهن ڪري ڏس، آءٌ هن اُمت ۾ هڪڙو عجيب ڪم ڪندس، بلڪل عجيب ۽ حيرت جهڙو ڪم، ۽ انهن جي ڏاهن ماڻهن جي ڏاهپ چٽ ٿي ويندي، ۽ انهن جي سمجهہ وارن جي سمجهہ گم ٿي ويندي.


خداوند منهنجن انهن سڀني خراب پاڙيسرين جي برخلاف هيئن ٿو فرمائي، جي اُنهي ميراث کي ٿا هٿ لائين جا مون پنهنجي قوم کي ورثي ۾ ڏياري آهي، تہ ڏسو، آءٌ هنن کي سندن زمين مان پٽي ڪڍندس؛ ۽ انهن منجهان يهوداہ جو گهراڻو ڪڍي وٺندس.


تڏهن هنن چيو تہ اچو تہ يرمياہ جي برخلاف ڪي منصوبا ٺاهيون؛ ڇالاءِ جو شريعت ڪاهنن وٽان ٽري نہ ويندي، نہ صلاح مصلحت ڏاهي وٽان، ۽ نہ ڪلام نبيءَ وٽان. اچو تہ هن کي زبان سان ڌڪ هڻون، ۽ هن جي ڪنهن بہ ڳالهہ تي ڌيان نہ ڏيون.


ادوم، ۽ موآب، ۽ بني عمون کي؛


ددان، ۽ تيما، بوز، ۽ انهن سڀني کي جي پنهنجن وارن جون ڪنڊون ٿا ڪوڙائين؛


تنهن ڪري ڏسو، خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ اُتر وارا سڀ قبيلا گهرائي وٺندس، ۽ آءٌ پنهنجي ٻانهي بابل جي بادشاهہ نبوڪدرضر کي گهرائي هن ملڪ تي ۽ ان جي رهاڪن تي، ۽ آس پاس وارن انهن سڀني قومن تي چاڙهي آڻيندس؛ ۽ آءٌ انهن کي اصل چٽ ڪري ڇڏيندس، ۽ انهن کي حيرت ۽ شوڪار جو باعث ڪندس، ۽ هميشہ ويران رکندس.


تنهن ڪري اوهين خداوند جي اُها رٿ ٻڌو جا هن ادوم جي برخلاف ڪئي آهي؛ ۽ هن جا اُهي ارادا، جي هن تيمان جي رهاڪن جي برخلاف ڪيا آهن؛ يعني هو انهي کي، گهلي ويندا، بلڪ ڌڻ جي ٻچن کي بہ؛ يقيناً هو ان جي رهڻ جو هنڌ، ساڻن گڏ ويران ڪري ڇڏيندو.


ڏاها ماڻهو شرمندا ٿيا آهن، هو ڊڄي ويا آهن ۽ گرفتار ٿيا آهن: ڏس هنن خداوند جو ڪلام رد ڪري ڇڏيو آهي؛ ۽ هنن ۾ ڪهڙي قسم جي ڏاهپ آهي؟


اي ادوم جي ڌيءَ، جا عوض جي زمين ۾ رهين ٿي، تون خوشي ڪر ۽ سرهي ٿي: پيالو ڦري تو تائين بہ ايندو؛ تون پي مست ٿيندينءَ ۽ پاڻ کي اگهاڙو ڪندينءَ.


اُتي ادوم، اُن جا بادشاهہ، ۽ سڀ امير آهن، جي پنهنجي طاقت هوندي انهن سان گڏ پيا آهن جي ترار سان ڪُٺل آهن: هو اڻ طهريلن سان رهندا ۽ انهن سان جي هيٺ کڏ ۾ وڃن ٿا.


۽ هو انهي تجمل واري زمين ۾ بہ گهڙندو، ۽ گهڻن ملڪن کي بہ فتح ڪندو: پر اهي سندس هٿان ڇڏايا ويندا، يعني، ادوم، ۽ موآب، ۽ بني عمون جا مکيہ ماڻهو.


مصر ويران ٿي ويندو، ۽ ادوم بيابان ٿي ويندو، ڇو جو هنن بني يهوداہ سان ظلم ڪيو آهي ۽ ڇالاءِ تہ هنن، هنن جي ملڪ ۾ بيگناهہ رت وهايو آهي.


خداوند تيمان مان آيو، ۽ پاڪ خدا فاران جي جبل تان. هن جي جلال آسمانن کي ڍڪي ڇڏيو، ۽ زمين هن جي تعريف سان معمور هئي.


تون ڪنهن ادوميءَ سان نفرت نہ رکج؛ ڇالاءِ جو هو تنهنجو ڀاءُ آهي: تون ڪنهن مصريءَ سان بہ نفرت نہ رکج؛ ڇالاءِ جو تون انهي جي ملڪ ۾ مسافر هئين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ