Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 49:5 - Sindhi Bible

5 ڏس، خداوند، لشڪرن جو خداوند فرمائي ٿو، تہ جيڪي تنهنجي چوڌاري آهن تن مان آءٌ توتي خوف آڻيندس؛ ۽ اوهان مان هرڪو منهن سامهون ٻاهر هڪاليو ويندو، ۽ جيڪي رلندا وتن تن کي ڪوبہ گڏ ڪرڻ وارو ڪونہ ٿيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

5 ٻڌو، آءٌ خداوند، قادرِمطلق خدا اوهان کي ٻڌائي ٿو ڇڏيان تہ آءٌ اوهان جي چئني طرفن کان اوهان تي دهشت آڻيندس. اوهان سڀني کي هڪ هڪ ڪري هڪالي ڪڍيو ويندو، ۽ اهڙو ڪوبہ نہ هوندو جيڪو اوهان کي وري آڻي گڏ ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 49:5
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڏس، آءٌ هن ۾ هڪڙو روح وجهندس، ۽ هو هڪڙو افواهہ ٻڌندو ۽ موٽي پنهنجي ملڪ ڏانهن ويندو؛ ۽ آءٌ هن کي خود سندس ملڪ ۾ ترار سان ڪيرائيندس.


خوف جو آواز هنن جي ڪنن ۾ آهي، سک ۾ ڦرلٽ ڪرڻ وارو هن تي ڪاهي ايندو.


شرير ڀڄندا آهن، جڏهن ڪوبہ سندن پٺيان نٿو پوي، پر سچا شينهن وانگي بهادر آهن.


صلاح ڏيو، انصاف ڪريو؛ ٻن پهرن وقت پنهنجو پاڇو رات جهڙو ڪريو: هڪالي ڪڍيلن کي لڪايو، گهمندڙن کي ظاهر نہ ڪريو.


هنن جون بيوہ زالون منهنجي اڳيان سمنڊن جي واريءَ کان بہ وڌيڪ آهن: مون ٻنپهرن جي وقت جوان ماڻهن جي ماءُ تي ڦرلٽ ڪرڻ وارو آندو آهي: مون انهن تي اوچتو مصيبت ۽ خوف آڻي نازل ڪيو آهي.


ڏس، خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ گهڻن مهاڻن کي گهرائيندس، ۽ هو انهن کي ڦاسائيندا؛ ۽ پوءِ آءٌ گهڻا شڪاري گهرائيندس، ۽ اُهي سڀ ڪنهن جبل تان، ۽ سڀ ڪنهن ٽڪريءَ ۽ ٽڪرن جي چرن مان انهن کي هڪالي شڪار ڪندا.


ڇالاءِ جو خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ ڏس، آءٌ توکي تنهنجي لاءِ ۽ تنهنجي سڀني دوستن جي لاءِ خوف جو سبب ڪندس: ۽ اُهي پنهنجن دشمنن جي ترار سان مرندا ۽ تنهنجون اکيون اهو ڏسنديون: ۽ آءٌ يهوداہ کي بابل جي بادشاهہ جي هٿن ۾ ڏئي ڇڏيندس، ۽ هو انهن کي قيد ڪري بابل ڏي وٺي ويندو ۽ کين ترار سان قتل ڪري ڇڏيندو.


ڇو مون اهو ڏٺو آهي؟ هو ڊڄي پٺ تي موٽي ويا آهن؛ ۽ هنن جا بهادر مرد شڪست کائي ويا آهن، ۽ اهڙا جلد ڀڄي ويا آهن جو پٺ تي ئي نٿا نهارين: خداوند ٿو فرمائي، تہ هر طرف خوف آهي.


هو انهن جا تنبو ۽ انهن جا ڌڻ وٺندا؛ هو انهن جا پردا ۽ انهن جا سڀ ٿانوَ ۽ انهن جا اُٺ پنهنجي لاءِ کڻي ويندا: ۽ هو انهن کي رڙيون ڪري چوندا تہ هر طرف خوف آهي.


ميدان تي نہ وڃو، نہ رستي جي ڀرسان گهمو؛ ڇالاءِ جو چوڌاري دشمن جي ترار ۽ خوف آهي.


هن انهن کي رڙ ڪري چيو تہ نڪري وڃو، اي پليت نڪري وڃو، هٿ نہ لايو. جڏهن هو ڀڄي ويا ۽ وڃي رلڻ لڳا، تڏهن قومن ۾ ماڻهن چيو تہ هو وري اڳتي هتي اچي نہ رهندا.


۽ اوهين ڀت جي ڦاٽن مان ٻاهر نڪري وينديون، هرڪا سنئين پنهنجي اڳيان ويندي، ۽ خداوند ٿو فرمائي تہ، اوهين هارمون ۾ اُڇلايون وينديون.


۽ انهن ماڻهن کي چيائين تہ مون کي خبر آهي تہ خداوند هي ملڪ اوهان کي ڏنو آهي، ۽ اوهان جو ڊپ اسان تي غالب ٿيو آهي، ۽ هن ملڪ جا سڀ رهاڪو اوهان جي هيبت کان ساڻا ٿي پيا آهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ