Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 49:39 - Sindhi Bible

39 پر خداوند ٿو فرمائي، تہ پوئين ڏينهن ۾ هيئن ٿيندو جو آءٌ عيلام جا قيدي موٽائي آڻيندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

39 تنهن هوندي بہ آءٌ ايندڙ ڏينهن ۾ عيلام وارن جي خوشحالي وري بحال ڪندس. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 49:39
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ جڏهن ايوب پنهنجن دوستن جي لاءِ دعا گهري تڏهن خداوند ايوب جي قيد کي ڦيرائي ڇڏيو: ۽ خداوند جيڪي ايوب کي اڳي ڏنو هو تنهن کان ٻيڻو ڏنائينس.


۽ پوين ڏينهن ۾ هيئن ٿيندو تہ خداوند جي گهر وارو جبل، جبلن جي چوٽيءَ تي قائم ٿيندو، ۽ ٽڪرين کان مٿي ڪيو ويندو، ۽ سڀ قومون ڏانهس ڊوڙنديون.


۽ هيئن ٿيندو تہ جڏهن آءٌ هنن کي پٽي ڪڍي وٺندس تڏهن موٽي اچي هنن تي رحم ڪندس؛ ۽ آءٌ هنن مان هر ڪنهن کي پنهنجي ورثي ڏي موٽائي آڻيندس.


خداوند ٿو فرمائي، تہ انهي هوندي بہ پوئين ڏينهن ۾ آءٌ موآب جا قيدي موٽائي آڻيندس. هيستائين موآب جي عدالت ٿي آهي.


۽ خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ پنهنجو تخت عيلام ۾ رکندس، ۽ اُتان بادشاهہ ۽ اميرن کي ناس ڪندس.


پر خداوند ٿو فرمائي، تہ انهي کان پوءِ آءٌ بني عمون جي قيدين کي موٽائي آڻيندس.


۽ آءٌ مصر جا قيدي موٽائي آڻيندس ۽ هنن کي فتروس جي زمين ۾، يعني سندن وطني زمين ۾ موٽائيندس؛ هو اُتي هڪڙي خسيس بادشاهت ٿيندا.


۽ تون منهنجي قوم اسرائيل تي ائين چڙهي ايندين جيئن بادل زمين کي ڍڪي ڇڏي؛ ۽ پوين ڏينهن ۾ هيئن ٿيندو تہ آءٌ توکي پنهنجي زمين تي چاڙهي آڻيندس تہ قومون مون کي سڃاڻن، ۽ آءٌ هنن جي اکين اڳيان، اي جوج، تنهنجي ڪري پاڪ ظاهر ٿيندس.


تنهنڪري خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ هاڻي آءٌ وري يعقوب جا قيدي آڻيندس ۽ اسرائيل جي سڄي گهراڻي تي رحم ڪندس؛ آءٌ پنهنجي پاڪ نالي واسطي غيرت وارو ٿيندس.


هاڻي آءٌ توکي سمجهائڻ آيو آهيان تہ پوين ڏينهن ۾ تنهنجي قوم تي ڇا ٿي گذرندو: ڇالاءِ جو اهو رويا اڃا گهڻن ڏينهن تائين هلندو.


پر آسمان ۾ هڪڙو خدا آهي جو ڳجهہ ظاهر ٿو ڪري ۽ انهيءَ بادشاهہ نبوڪدنضر کي اُها ڳالهہ ڄاڻائي آهي جا پوين ڏينهن ۾ ٿيندي. تنهنجو خواب، ۽ جيڪي رويا پنهنجي بستري تي پئي تنهنجي مٿي ۾ آيا هئا، سي هي آهن:


تنهن کانپوءِ بني اسرائيل موٽندا، ۽ خداوند پنهنجي خدا ۽ پنهنجي بادشاهہ دائود کي ڳوليندا؛ ۽ پوين ڏينهن ۾ ڊپ سان خداوند وٽ سندس فضل لاءِ ايندا.


۽ آءٌ پنهنجي قوم اسرائيل جا قيدي موٽائي آڻيندس، ۽ اُهي غير آباد شهر وري اڏيندا ۽ انهن ۾ رهندا؛ ۽ اُهي ڊاک جا منهہ لڳائيندا ۽ انهن جو شراب پيئندا؛ اُهي باغ بہ لڳائيندا ۽ انهن جو ڦر بہ کائيندا.


پر پوين ڏينهن ۾ هيئن ٿيندو، تہ خداوند جي گهر وارو جبل سڀني جبلن جو سردار ٿيندو ۽ قائم رهندو، ۽ قومون انهي ۾ لڏي اينديون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ