Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 49:36 - Sindhi Bible

36 ۽ آءٌ عيلام تي آسمان جي چئن ئي ڪنڊن کان چار واءُ آڻيندس، ۽ هنن کي انهن سڀني پاسن ڏانهن پکيڙي ڇڏيندس، ۽ اهڙي قوم ئي ڪانہ هوندي جنهن ڏي عيلام جا جلاوطن نہ ايندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

36 آءٌ عيلام ملڪ تي چئني طرفن کان جنگ جون هوائون گھلائيندس ۽ ان جي رهاڪن کي دنيا جي چئني پاسن ڏانهن ڪڻو ڪڻو ڪرائي ڇڏيندس. دنيا ۾ ڪابہ اهڙي قوم نہ هوندي، جنهن ۾ عيلام جا جلاوطن ٿيل ماڻهو نہ پهچندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 49:36
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

خداوند پاڻ يروشلم کي اڏيو آهي؛ هو اسرائيل جي دربدر ٿيلن کي گڏ ٿو ڪري.


۽ هو قومن لاءِ هڪڙو جهنڊو کڙو ڪندو، ۽ اسرائيل جا هڪالي ڪڍيل گڏ ڪندو، ۽ يهوداہ جا نڪتل ۽ پکيڙي پيل زمين جي چئني ڪنڊن کان آڻي گڏ ڪندو.


۽ انهي ڏينهن هيئن ٿيندو تہ هڪڙي وڏي تري وڄائي ويندي، ۽ جيڪي اسور جي ملڪ ۾ تباهہ ٿيڻ تي هئا، ۽ جيڪي مصر جي ملڪ ۾ جلاوطن هئا، سي ايندا؛ ۽ اُهي يروشلم جي پاڪ جبل تي خداوند جي عبادت ڪندا.


خداوند خدا، جو اسرائيل جي نيڪالي ڏنلن کي گڏ ٿو ڪري، سو فرمائي ٿو تہ جيڪي هن جي اُمت جا اڳيئي گڏ ٿيل آهن، تن کان سواءِ ٻين کي بہ آءٌ آڻي انهن سان گڏ ڪندس،


خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ توکي وري تندرست ڪندس ۽ تنهنجا ڦٽ ڇُٽائيندس؛ ڇالاءِ جو هنن توکي رد ڪيل سڏيو آهي، ۽ چيو اٿن تہ اهو صيون آهي جنهن جي ڪوبہ ڳولا ڪانہ ٿو ڪري.


اُنهن جا اُٺ لٽ جو مال ٿيندا، ۽ انهن جا سڀ ڍور ڦر جو مال ٿيندا، ۽ جن ماڻهن جي وارن جون ڪنڊون ڪتريل آهن تن سڀني کي آءٌ سڀني پاسي پکيڙي ڇڏيندس: ۽ خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ سڀ ڪنهن پاسي کان مٿن آفت آڻيندس.


تنهنڪري تنهنجي وچ ۾ پيءُ پٽن کي کائيندا، ۽ پٽ پيئرن کي کائيندا؛ ۽ آءٌ تو ۾ عدالتن جي تعميل ڪندس، ۽ تنهنجا باقي بچيل سڀ ماڻهو سڀني ڪُنڊن تي پکيڙي ڇڏيندس.


تنهنجو ٽيون حصو مريءَ سان مرندو ۽ اُهي تنهنجي وچ ۾ ڏڪار ڪري مري چٽ ٿي ويندا؛ ۽ ٽيون حصو تنهنجي چوڌاري ترار سان مارجي ويندو؛ ۽ ٽيون حصو آءٌ سڀني ڪُنڊن تي پکيڙي ڇڏيندس ۽ انهي جي پٺيان ترار ڪڍندس.


۽ جڏهن هو برپا ٿيندو، تڏهن هن جي بادشاهي ڀڄي پوندي، ۽ آسمان جي چئني هوائن ڏانهن ورهائجي ويندي؛ پر اُها نہ سندس اولاد کي ملندي، ۽ نڪي اُنهي حشمت موافق ٿيندي، جنهن سان هن حڪومت ٿي ڪئي، ڇالاءِ جو هن جي بادشاهي پاڙن کان پَٽجي ويندي، ۽ ٻين جي ٿيندي.


۽ هو جيڪو ڀڄي پيو هو، ۽ جنهن جي جاءِ تي چار نڪري بيٺا، سي اُهي چار بادشاهتون آهن، جي انهي قوم منجهان نڪري بيهنديون، پر نہ هن جي طاقت سان.


۽ اُهو ٻڪر تمام وڏو ٿيڻ لڳو؛ ۽ جڏهن هو زور وارو ٿيو، تڏهن اُهو وڏو سڱ ڀڄي پيس؛ ۽ ان جي بدران ٻيا چار حيرت جهڙا سڱ آسمان جي چئني هوائن جي پاسي نڪري آيا.


ڇالاءِ جو ڏسو، آءٌ حڪم ڪري اسرائيل جي گهراڻي کي سڀني قومن منجهان ائين ڇاڻيندس جيئن اَن پروڻ ۾ ڇاڻيو وڃي، تنهن هوندي بہ ننڍي ۾ ننڍو داڻو زمين تي نہ ڪِرندو.


۽ فرشتي مون کي ورندي ڏيئي چيو، تہ اهي آسمان جون چار هوائون آهن، جي دنيا جي مالڪ جي حضوريءَ مان ٿيون نڪرن.


خداوند توکي تنهنجن دشمنن جي اڳيان مارائي ڀڄائيندو: تون هڪڙي رستي کان انهن تي ڪاهي ويندين، ۽ ستن رستن کان انهن جي اڳيان ڀڄي ويندين: تون دنيا جي سڀني بادشاهتن ۾ رلندو وتندين.


۽ خداوند اوهان کي زمين جي هڪڙي ڇيڙي کان وٺي ٻئي ڇيڙي تائين، سڀني قومن ۾ دربدر ڪندو، اتي تون ٻين معبودن جي عبادت ڪندين، جي ڪاٺ ۽ پهڻ جا هوندا، جن جي توکي يا تنهنجي ابن ڏاڏن کي خبر ڪانهي.


انهي کانپوءِ زمين جي چئني ڪنڊن تي چار ملائڪ بيٺل هئا، جي زمين جي چئني هوائن کي جهليو بيٺا هئا، تہ زمين تي، يا سمنڊ تي يا ڪنهن بہ وڻ تي هوا اصل ئي نہ لڳي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ