Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 49:28 - Sindhi Bible

28 قيدار ۽ حصور جي حڪومتن بابت، جن کي بابل جي بادشاهہ نبوڪدرضر شڪست ڏني. خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ اوهين اُٿو، قيدار ڏي چڙهي وڃو ۽ اُڀرندي جي ماڻهن کي ڦريو لٽيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

28 خداوند جو هي پيغام قيدار قبيلي وارن ۽ حصور علائقي جي سردارن بابت آهي، جن کي بابل جي بادشاهہ نبوڪدنضر شڪست ڏني. خداوند نبوڪدنضر کي فرمايو هو تہ ”اُٿ، تون قيدار قبيلي تي چڙهائي ڪر، هائو، اوڀر جي انهن ماڻهن کي ناس ڪر.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 49:28
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اسماعيل جي پٽن جا نالا سندن پيڙهين موجب هي آهن: اسماعيل جو وڏو پٽ نبايوت هو، ۽ ٻيا هئا قيدار، ادبئيل، مبسام،


پر جيڪي ابرهام جي سرتين جا پٽ هئا، تن کي بہ بخششون ڏيئي، پنهنجي جيئري پنهنجي پٽ اسحاق کان ڌار ڪري، اڀرندي واري ملڪ ڏانهن روانو ڪري ڇڏيائين.


اِهي آهن انهن جون پيڙهيون: اسماعيل جو پهريون ڄاول ٻار هو نبايوت؛ پوءِ قيدار، ادبئيل، مبسام،


هن جو مال ملڪيت ست هزار رڍون، ۽ ٽي هزار اُٺ، ۽ پنج سؤ ڏاندن جا جوڙا، ۽ پنج سؤ گڏهيون، ۽ تمام وڏو ڪٽنب هو؛ انهي ڪري اهو ماڻهو اُڀرندي جي سڀني رهندڙن مان سڀ کان وڏو هو.


مون تي افسوس جو آءٌ مسڪ ۾ ٿو گذاريان، ۽ قيدار جي تنبن ۾ ٿو رهان.


اي يروشلم جون ڇوڪريون، آءٌ ڪاري آهيان، پر سهڻي آهيان، جيئن قيدار جا تنبو آهن، جيئن سليمان جا پردا آهن.


۽ هو الهندي پاسي فلستين جي ڪنڌ تي اُڏامي وڃي لهندا؛ گڏجي اڀرندي جي رهاڪن کي ڦريندا لٽيندا: اهي پنهنجو هٿ ادوم ۽ موآب تي ڊگهيريندا؛ ۽ بني عمون انهن جا تابعدار ٿيندا.


عرب بابت ڪلام. اي دوان جا قافلا، اوهين عرب جي ٻيلي ۾ ٽڪندا.


ڀلي تہ بيابان ۽ ان جا شهر، ۽ قيدار جا آباد ڪيل ڳوٺ پنهنجو آواز مٿي ڪن؛ ڀلي تہ سلع جا رهاڪو ڳائين، ۽ جبلن جي چوٽيءَ تان وڏي سڏ پڪارين.


ڇالاءِ جو ڪتيم جي ٻيٽن ڏي پار لنگهي وڃي ڏسو، ۽ قيدار ڏي ماڻهو موڪليو ۽ ڌيان ڏيئي ويچار ڪريو؛ ۽ ڏسو تہ اهڙي ڪا ڳالهہ ڪڏهن ٿي آهي.


ددان، ۽ تيما، بوز، ۽ انهن سڀني کي جي پنهنجن وارن جون ڪنڊون ٿا ڪوڙائين؛


۽ سڀني عربستان جي بادشاهن کي، ۽ جيڪي گڏيل قومون بيابان ۾ رهن ٿيون تن جي سڀني بادشاهن کي؛


مون خداوند کان خبر ٻڌي آهي تہ هڪڙو ايلچي قومن ۾ موڪليو ويو آهي تہ چوي تہ اوهين گڏ ٿيو، ۽ هن تي ڪاهي اچو، ۽ جنگ جي لاءِ چڙهو.


۽ حصور گدڙن جي رهڻ جي جاءِ ٿيندو ۽ هميشہ ويران رهندو: ڪوبہ ماڻهو اُتي نہ رهندو، نڪو آدمزاد اُتي ٽڪندو.


عرب ۽ قيدار جا سڀ سردار واپار ۾ تنهنجا ساٿي هئا؛ رڍن ۽ گهيٽن ۽ ٻڪرين ۾ هو تنهنجا سوداگر هوندا هئا.


۽ هيئن ٿيندو هو تہ جڏهن اسرائيلي ڪجهہ پوکيندا هئا تہ مدياني، ۽ عماليقي، ۽ اُڀرندي وارا ماڻهو چڙهي ايندا هئا؛ ۽ اچي ساڻن وڙهندا هئا؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ