Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 49:25 - Sindhi Bible

25 اهو تعريف جو شهر، منهنجي خوشيءَ جو شهر، ڪيئن نہ ڇڏي ڏنو ويو آهي؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

25 هائو، اهو مشهور شهر، جنهن تي آءٌ خداوند راضي رهندو هئس، سو هاڻي ويران ٿيڻ وارو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 49:25
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ آءٌ تنهنجا قاضي موٽائي آڻيندس، جيئن اڳي هو: ۽ تنهنجا مشير وري آڻيندس، جيئن شروعات ۾ هو، تنهن کان پوءِ تون سچائيءَ وارو ۽ ايماندار شهر سڏبين.


۽ هي شهر منهنجي لاءِ زمين جي سڀني قومن جي اڳيان خوشيءَ جو نالو، ۽ تعريف، ۽ فخر جو باعث ٿيندو، ۽ جيڪا چڱائي آءٌ هنن سان ڪندس، سا سڀ اُهي قومون ٻڌنديون، ۽ جيڪا چڱائي ۽ جيڪا خير سلامتي آءٌ ان جي لاءِ موجود ڪندس، سا ڏسي هو ڊڄنديون ۽ ڏڪنديون.


موآب جي تعريف اڳتي نہ ٻڌبي: حسبون ۽ انهي جي برخلاف خرابي رٿي اٿن، اچو تہ اُن کي قوم ٿيڻ کان ڪپي ڇڏيون، اي مدمين، تون بہ چپ ڪرايو ويندين؛ ترار تنهنجي پٺيان پوندي.


ڪيئن نہ اُهو ڀڃي ڇڏيو ويو آهي! ڪيئن نہ هو واويلا ڪن ٿا! ڪيئن نہ موآب شرم کان پٺ ورائي آهي! انهي طرح موآب سڀني آس پاس وارن جي لاءِ کل ۽ خوف جو سبب ٿيندو.


شيشڪ ڪيئن نہ وٺجي ويو آهي! ۽ ساري زمين جي تعريف ڪيئن نہ اوچتي پڪڙجي ويئي آهي! قومن منجهہ بابل ڪيئن نہ ويران ٿي ويو آهي!


تڏهن بادشاهہ چيو، تہ هي اُهو وڏو بابل ناهي ڇا، جو مون بادشاهہ جي رهڻ لاءِ پنهنجي اختياريءَ جي طاقت سان، ۽ پنهنجي وڏائيءَ جي شان ۽ شوڪت سان جوڙايو آهي؟


۽ انهي جي عذاب جي ڊپ کان پري بيهي چوندا تہ هاءِ هاءِ، اي بابل وڏا شهر، مضبوط شهر! هڪڙي ڪلاڪ ۾ تنهنجي سزا اچي پهتي آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ