Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 49:24 - Sindhi Bible

24 دمشق ضعيف ٿي ويو آهي، هو ڀڄڻ جي لاءِ ڦري ٿو ۽ ڏڪڻي وٺي ويئي اٿس: رنج ۽ ڏکن ان کي آڻي ورايو آهي، جيئن سورن واري زال جو حال ٿيندو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

24 ’دمشق وارا هيڻا ٿي پيا آهن، ۽ دشمن لشڪر اڳيان ڀڄي نڪتا آهن. خوف وچان کين ڏڪڻيءَ اچي ورايو آهي. سو کين اهڙي تڪليف ۽ درد اچي سوگھو ڪيو آهي، جيئن ڪا عورت ويم جي سورن ۾ هجي.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 49:24
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ هن زال کي چيو تہ آءٌ تنهنجي ويم جي سورن کي گهڻو وڌائيندس؛ سورن سان تون ٻار ڄڻيندينءَ؛ ۽ پنهنجي مڙس ڏانهن تنهنجو چاهہ ٿيندو، ۽ هو تو تي حڪم هلائيندو.


۽ هو ڊڄي ويندا؛ عذاب ۽ درد هنن کي وڪوڙي ويندا، سورن واري زال وانگي هنن کي سور ٿيندا: هو هڪ ٻئي جي حال تي حيران ٿيندا؛ هنن جا منهن باهہ جي شعلي جهڙا ٿيندا.


هاڻي اوهين پڇو ۽ ڏسو تہ ڪنهن ماڻهوءَ کي ويم جا سور ٿيندا آهن ڇا: ڪهڙو سبب آهي جو آءٌ سڀ ڪنهن ماڻهوءَ کي ٿو ڏسان تہ پنهنجا هٿ چيلهہ تي رکيو گهمي، جيئن ڪا سورن واري زال ڪندي آهي، ۽ سڀ منهن ڦري ڦڪا ٿي پيا آهن؟


ڇالاءِ جو مون هڪڙو آواز ٻڌو آهي جو انهي زال جهڙو آهي جا سورن ۾ هجي، انهي زال جهڙي دانهن جا پهريون ٻار ڄڻيندي آهي، صيون جي ڌيءَ جو آواز، جا پيئي سهڪي ۽ پنهنجا هٿ کڻي چوي ٿي تہ هاڻ مون سان ويل آهي! ڇالاءِ جو منهنجي جان هنن خونين جي اڳيان ماندي ٿي ٿئي.


قريوت وٺجي ويو آهي، ۽ مضبوط قلعا اوچتا هٿ ڪيا ويا آهن، ۽ موآب جي بهادر مردن جي دل انهي ڏينهن اهڙي ٿيندي جهڙي سورن واري زال جي دل.


ڏس هو چڙهي ايندو، ۽ عقاب وانگي اُڏامي پنهنجا پر بصرہ جي برخلاف پکيڙيندو؛ ۽ اُنهي ڏينهن ادوم جي بهادر مرد جي دل سورن واري زال جي دل جهڙي ٿيندي.


هو انهن جا تنبو ۽ انهن جا ڌڻ وٺندا؛ هو انهن جا پردا ۽ انهن جا سڀ ٿانوَ ۽ انهن جا اُٺ پنهنجي لاءِ کڻي ويندا: ۽ هو انهن کي رڙيون ڪري چوندا تہ هر طرف خوف آهي.


۽ آءٌ عيلام کي سندن دشمنن جي اڳيان، ۽ سندن ساهہ جي ڳوليندڙن جي اڳيان، حيران پريشان ڪندس، ۽ خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ انهن تي خرابي آڻيندس، يعني پنهنجي خوفناڪ ڪاوڙ، ۽ آءٌ انهن جي پٺيان ترار موڪليندس، جيسين ڪہ آءٌ انهن کي کپائي چٽ ڪري ڇڏيان:


بابل جي بادشاهہ هنن جي ناموس ٻڌي آهي ۽ انهي جا هٿ ڍرا ٿا ٿين: ڏکن ۽ سورن انهي کي آڻي ورايو آهي، جيئن سورن واري زال جو حال ٿيندو آهي.


اسان انهيءَ جي ناموس ٻڌي آهي؛ اسان جا هٿ سست ٿيندا وڃن: اسان کي مصيبت آڻي جهليو آهي، ۽ اهڙا سور اٿئون جهڙا ويامندڙ زال کي ٿيندا آهن.


سورن واري زال جا درد هن تي ايندا: هو هڪڙو نادان پٽ آهي؛ مناسب آهي تہ هاڻي هو ڄمڻ ۾ دير نہ ڪري.


پر اهي سڀ ڳالهيون مصيبتن جي شروعات آهن.


ڇالاءِ جو قوم، قوم تي، ۽ بادشاهت، بادشاهت تي چڙهائي ڪندي، ڪيترن ئي هنڌ ڌرتي ڌٻندي، ۽ ڏڪار پوندا: اِهي ڳالهيون مصيبت جي شروعات آهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ